038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
ص، نصيحت واري قرآن جو قسم (تون بر حق نبي آهين).
— سيد فرمان عليبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
پر اهي ڪافر (اجايو) وڏائي ۽ دشمني ۾ (غرق ٿي انڌا ٿيا) آهن.
— سيد فرمان عليكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
اسان انهن کان اڳ ڪيترائي گروھ برباد ڪري ڇڏيا ته (عذاب جي وقت) اهي ماڻهون دانهون ڪرڻ لڳا پر ڇوٽڪاري جو وقت ئي نه رهيو هو.
— سيد فرمان عليوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
۽ انهن ماڻهن کي هن ڳالھ کان حيرت ٿي ته انهن مان ئي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) انهن ڏانهن آيو پڻ ڪافر ماڻهو چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته وڏو (کيڏاري) جادوگر ۽ سخت ڪوڙو آهي.
— سيد فرمان علياَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
ڀلا (ڏسو ته) هن شخص سڀني بتن کي (مليا ميٽ ڪري رڳو) هڪ معبود مقرر ڪيو آهي، اها ڳالھ ته پڪ حيرت جهڙي آهي.
— سيد فرمان عليوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
پڻ انهن مان ڪي ذمي دار ماڻهو هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) اٿي کڙا ٿيا ته (هتان) اٿو! ۽ پنهنجن معبودن جي عبادت تي قائم رهو، پڪ ان ڳالھ ۾ هن (شخص جو) ڪجھ (ذاتي) غرض آهي.
— سيد فرمان عليمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
اسان ماڻهن ته اها ڳالھ اڳئين دين ۾ ڪڏهين ٻڌي به ڪين! هجي نه هجي اها سندس ٺاهيل (ڳالھ) آهي.
— سيد فرمان عليءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
ڇا اسان سڀني ۾ رڳو (محمد ئي لائق هو جو) ان تي قرآن نازل ٿيو. (نه!) ڳالھ هيءَ آهي ته کين (دراصل) منهنجي ڪلام ۾ ئي شڪ آهي (ته اهو منهنجو آهي يا نه) پر ڳالھ هيءَ آهي ته انهن ماڻهن اڃا تائين منهنجي عذاب جو مزو چکيو ئي نه آهي (تنهنڪري ئي اهي شرارت ڪن ٿا).
— سيد فرمان علياَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
يا ته (اي رسول) تنهنجي زبردست فياض پالڻهار جي رحمت جا خزانا انهن وٽ آهن.
— سيد فرمان علياَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
يا آسمانن ۽ زمين ۾ انهن ٻنهي جي وچ جي حڪومت سندن ئي آهي؟ ته پوءِ کين گهرجي ته رسا يا ڏاڪڻيون لڳائي (آسمان تي) چڙهن.
— سيد فرمان عليجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
اي رسول! (اڳين نبين سان وڙهڻ وارن) گروهن مان هتي تنهنجي مقابلي ۾ به هڪ لشڪر آهي جيڪو هار کائيندو.
— سيد فرمان عليكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون.
— سيد فرمان عليوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ جهنگ ۾ رهڻ واري (قوم شعيب) اهي (سڀني نبين کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن. هي اهي جماعتون آهن (جن هار کاڌي)
— سيد فرمان علياِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
انهن سڀني (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جو سچو عذاب (به) اچي مٿن ڪڙڪيو.
— سيد فرمان عليوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
هي (ڪافر) رڳو هڪ “رڙ” (صور) جو انتظار ڪن ٿا، جا (پوءِ کين) اک ڇنب جيتري (به) مهلت نه ڏيندن.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ اهي ماڻهو (ٽوڪ سان) چون ٿا ته پروردگار! حساب جي ڏينهن (قيامت) کان اڳ ۾ ئي (جيڪي) اسان جي قسمت ۾ لکيل (هجي) اسان کي جلد ڏئي ڇڏ.
— سيد فرمان علياِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
(اي رسول! جهڙيون (جهڙيون) ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن تي (في الحال) صبر ڪر ۽ اسان جي عبد دائود کي ياد ڪر! جيڪو وڏي طاقت وارو هو (پر صبر ڪيائين) بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) رجوع ڪرڻ وارو هو.
— سيد فرمان علياِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
اسان جبلن کي به سندس فرمانبردار ڪري ڇڏيو هو جو ان سان گڏ صبح ۽ شام خدا جي تسبيح ڪندا هئا.
— سيد فرمان عليوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
۽ پکي به (خدا جي ياد وقت) اچي ڪٺا ٿيندا هئا (۽) سندس چوڻ ۾ هئا.
— سيد فرمان عليوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪري ڇڏيو پڻ اسان کيس حڪمت ۽ بحث (مباحثه) جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي هئي.
— سيد فرمان علي