037 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 182 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
وَالصّــٰۗفّٰتِ صَفًّا 1ۙ
(عبادت يا جهاد ۾) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن جو (قسم)،
— سيد فرمان عليفَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًا 2ۙ
پوءِ (برن کي برائيءَ کان) جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائڻ وارن جو (قسم)،
— سيد فرمان عليفَالتّٰلِيٰتِ ذِكْرًا 3ۙ
۽ وري قرآن کي پڙهڻ وارن جو قسم آهي،
— سيد فرمان علياِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌ 4ۭ
ته اوهان جو معبود پڪ اڪيلو خدا آهي.
— سيد فرمان عليرَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ 5ۭ
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ تي آهي (سڀني جو) پالڻهار آهي. پڻ (چنڊ، سج ۽ تارن جي) اڀرڻ (۽ لهڻ) وارن هنڌن جو به مالڪ آهي.
— سيد فرمان علياِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِزِيْنَةِ ۨالْكَـوَاكِبِ 6ۙ
بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.
— سيد فرمان عليوَحِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ مَّارِدٍ 7ۚ
۽ (تارن کي) سرڪش شيطانن کان حفاظت جي لاءِ (به پيدا ڪيو آهي)
— سيد فرمان عليلَا يَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰي وَيُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ ڰ 8
ته هاڻي اهي شيطان عالم بالا ڏي ڪن به لڳائي نٿا سگهن ۽ مٿن سڀ ڪنهن پاسي کان (تارا) اڇلايا وڃن ٿا،
— سيد فرمان عليدُحُوْرًا وَّلَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌ 9ۙ
بچائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.
— سيد فرمان علياِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَــطْفَةَ فَاَتْــبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ 10
پر جيڪو (شيطان) ڪڏهن (ڪا ڳالھ) جهٽي وٺي ٿو ته ان جي پٺيان ٻرندڙ اماڙي (باھ جو تير) پوي ٿو.
— سيد فرمان عليفَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا ۭ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِيْنٍ لَّازِبٍ 11
پوءِ (اي رسول) تون انهن کان پڇ ته سندن پيدا ڪرڻ وڌيڪ مشڪل آهي يا (ٻين جو؟)
— سيد فرمان عليبَلْ عَـجِبْتَ وَيَسْخَرُوْنَ ۠12
پوءِ (اي رسول) جن کي اسان پيدا ڪيو بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽي مان پيدا ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذَا ذُكِّرُوْا لَا يَذْكُرُوْنَ ۠13
پر (اي پيغمبر) تون (سندن انڪار تي) عجب ڪرين ٿو ۽ اهي (تو سان) مسخريون ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليوَاِذَا رَاَوْا اٰيَةً يَّسْتَسْخِرُوْنَ ۠14
۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ڌيان (به) نه ٿا ڪن.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِـحْرٌ مُّبِيْنٌ ښ 15
۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَّعِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ ۙ16
۽ چون ٿا اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (وري) جيئرو ڪيو ويندو؟
— سيد فرمان علياَوَاٰبَاۗؤُنَا الْاَوَّلُوْنَ ۭ17
ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به؟
— سيد فرمان عليقُلْ نَعَمْ وَاَنْتُمْ دَاخِرُوْنَ ۚ18
(اي پيغمبر! تون) چوين ته هاءُ! (ضرور اٿاريا ويندو) ۽ اوهين خوار ٿيندو.
— سيد فرمان عليفَاِنَّـمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ يَنْظُرُوْنَ 19
پوءِ اها (قيامت) رڳو هڪ سخت هڪل آهي پوءِ ان وقت ئي اهي (قبرن مان جيئرا ٿي) ڏسڻ لڳندا.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْا يٰوَيْلَنَا ھٰذَا يَوْمُ الدِّيْنِ 20
۽ چوندا ته هاءِ افسوس! هي فيصلي جو ڏينهن آهي!
— سيد فرمان علي