036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰسۗ ۚ 1
يس
— سيد فرمان عليوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
قسم آهي حڪمت سان پر ٿيل (هن) قرآن جو،
— سيد فرمان علياِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
(ته) اي رسول! تون بلا شڪ يقيني پيغمبرن مان آهين،
— سيد فرمان عليعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
(پڻ دين جي بلڪل) سڌي رستي تي (ثابت قدم) آهين.
— سيد فرمان عليتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
جيڪو وڏي مهربان (۽) غالب (خدا) جو نازل ڪيل آهي.
— سيد فرمان عليلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي (تو کان) اڳ ڪنهين پيغمبر جي ذريعي خدا جي عذاب کان) نه ڊيڄاريو ويو آهي، تنهنڪري اهي بيخبر آهن.
— سيد فرمان عليلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
انهن مان گهڻن تي ته (عذاب جون) ڳالهيون پڪ بلڪل سچيون ثابت ٿيون آهن اهي ماڻهو ته ايمان نه آڻيندا.
— سيد فرمان علياِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ طوق وڌا آهن ۽ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن (جنهن ڪري) اهي ڪنڌ مٿي کنيل اٿن (ڪنڌ هيٺ ڪري نٿا سگهن)
— سيد فرمان عليوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ اسان هڪ آڙ سندن اڳيان ۽ هڪ آڙ سندن پويان ڪئي آهي ۽ وري کين ڍڪي ڇڏيو آهي تنهن ڪري اهي نٿا ڏسي سگهن.
— سيد فرمان عليوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
۽ (اي رسول) انهن لاءِ (هيءَ ڳالھ) هڪجهڙي آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اهي (ڪڏهن به) ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
تون ته رڳو ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو جو نصيحت مڃي ۽ ڏسڻ کان سواءِ خدا جو خوف رکي ته تون ان کي (گناهن جي) معافي ۽ هڪ باعزت (۽) آبرو واري اجر جي خوش خبري ٻڌائي.
— سيد فرمان علياِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
اسان ئي پڪ مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي ڪم اڳي ڪري چڪا آهن (تن کي) ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم ڇڏيل تن) نشانين کي به لکندا رهون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي هڪ ظاهر کليل پيشوا ۾ گهيري رکيو آهي.
— سيد فرمان عليوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ (اي پيغمبر) انهن جي اڳيان هڪ ڳوٺ (انطاڪيه) وارن جو مثال بيان ڪر جڏهن وٽن پيغمبر آيا.
— سيد فرمان علياِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
هن ريت ته جڏهن اسان انهن ڏي ٻه ڄڻا (پيغمبر، يوحنا ۽ يونس) موڪلياسون پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان (انهن ٻن کي) ٽئين (پيغمبر شمعون) سان مدد ڪئي پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.
— سيد فرمان عليقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
انهن (کين) چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ خدا ڪجھ به نازل (وازل) ڪين ڪيو آهي اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا.
— سيد فرمان عليقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
تڏهن انهن پيغمبرن چيو ته اسان جو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.
— سيد فرمان عليوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ (اوهين مڃو يا نه مڃو) اسان تي ته رڳو ظاهر بظاهر (خدا جو حڪم) پهچائڻ فرض آهي.
— سيد فرمان عليقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
انهن چيو ته: بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) ڪري (بد) فالي سمجهي آهي (ڏڪر ۾ مبتلا ٿيا آهيون) جيڪڏهن باز نه ايندو ته ضرور اوهان کي سنگسار ڪنداسون ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو.
— سيد فرمان عليقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
(پيغمبرن) چيو ته اوهان جي بدفالي اوهان سان آهي، ڇا جيڪڏهن اوهان کي نصيحت ڪئي ويندي (ته بڇڙي فال سمجهندو) پر اوهين زيادتي ڪندڙ قوم آهيو.
— سيد فرمان عليوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ مڙس (حبيب نجار) ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو،
— سيد فرمان علي