035 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ جَاعِلِ الْمَلٰۗىِٕكَةِ رُسُلًا اُولِيْٓ اَجْنِحَةٍ مَّثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۭ يَزِيْدُ فِي الْـخَلْقِ مَا يَشَاۗءُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1
هر طرح جو حمد (۽ سڀ خاص ساراھ) خدا جي لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪرڻ وارو، فرشتن کي پنهنجو (قاصد بنائڻ وارو) جن جا ٻه ٻه ٽي ٽي ۽ چار چار پر هوندا آهن. (مخلوقات جي) پيدائش ۾ جو (مناسب) ڄاڻي وڌائي ٿو. بيشڪ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.
— سيد فرمان عليمَا يَفْتَحِ اللّٰهُ لِلنَّاسِ مِنْ رَّحْـمَةٍ فَلَا مُـمْسِكَ لَهَا ۚ وَمَا يُـمْسِكْ ۙ فَلَا مُرْسِلَ لَهٗ مِنْۢ بَعْدِهٖ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 2
ماڻهن لاءِ جا به رحمت کولي ٿو تنهن کي ڪو به روڪ ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪي روڪي ٿو تنهن کي ڪو به ان کان پوءِ کولڻ وارو نه آهي ۽ اهو زبردست (۽) حمڪت وارو آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ ۭ هَلْ مِنْ خَالِقٍ غَيْرُ اللّٰهِ يَرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ڮ فَاَنّٰى تُـؤْفَكُوْنَ 3
اي انسانو! پاڻ تي الله جا احسان ياد ڪيو جيڪي اوهان تي ڪيا اٿس. ڇا خدا کان سواءِ ٻيو ڪو پيدا ڪندڙ آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو ۽ ان کان سواءِ ڪو معبود قابل عبادت نه آهي پوءِ ڪئين ابتا وڃو ٿا؟
— سيد فرمان عليوَاِنْ يُّكَذِّبُوْكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّنْ قَبْلِكَ ۭ وَ اِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 4
۽ (اي رسول) اهي ماڻهن جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته (فڪر نه ڪر) تو کان اڳ به ڪيترن ئي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي. ۽ (نيٺ ته) خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا ۪ وَلَا يَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 5
اي انسانو! خدا جو (قيامت وارو) وعدو بلڪل سچو آهي ته ائين نه ٿي جو اوهان کي دنيا جي (فاني) حياتي فريب ڏئي ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏئي.
— سيد فرمان علياِنَّ الشَّيْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّا ۭ اِنَّـمَا يَدْعُوْا حِزْبَهٗ لِيَكُوْنُوْا مِنْ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 6ۭ
بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي ته اوهين به کيس پنهنجو دشمن ڄاڻو.اهي ته پنهنجي جماعت کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اهي (سڀئي ماڻهو) دوزخي بنجن.
— سيد فرمان علياَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ڛ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 7ۧ
جن ماڻهن (دنيا ۾) ڪفر اختيار ڪيو تن لاء (آخرت ۾) سخت عذاب آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر (جنت) آهي.
— سيد فرمان علياَفَـمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ فَرَاٰهُ حَسَـنًا ۭ فَاِنَّ اللّٰهَ يُضِلُّ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ڮ فَلَا تَذْهَبْ نَفْسُكَ عَلَيْهِمْ حَسَرٰتٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِـيْمٌۢ بِـمَا يَصْنَعُوْنَ 8
ته ڀلا جنهن کي سندس (بڇڙو) ڪم (شيطان) چڱو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ اهو ان کي سٺو ڪم سمجهڻ لڳو آهي (ڪڏهن نيڪ انسان وانگر ٿي سگهي ٿو؟ هر گز نه) پڪي (ڳالھ) هيءَ آهي ته خدا جنهن کي چاهي ته گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو ته سڌي راھ تي اچڻ جي (توفيق) عطا فرمائي ٿو، تنهن ڪري (اي پيغمبر) تون مٿن افسوس جي ڪري پاڻ کي نه مار! بيشڪ اهي جيڪي ڪن ٿا تنهن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليوَاللّٰهُ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ الرِّيٰحَ فَتُـثِيْرُ سَحَابًا فَسُقْنٰهُ اِلٰى بَلَدٍ مَّيِّتٍ فَاَحْيَيْنَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ كَذٰلِكَ النُّشُوْرُ 9
پڻ خدا ئي اهو (قادر مطلق) آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو ته اهي ڪڪرن کي اڏائينديون ڦرن ٿيون. پوءِ اسين انهن ڪڪرن کي مئل (ويران) شهر ڏي هڪليون ٿا ته ان (جي پاڻيءَ) سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪريون ٿا. اهڙي طرح (قيامت ۾) جيئرو ٿي اٿڻو آهي.
— سيد فرمان عليمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعِزَّةَ فَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ جَمِيْعًا ۭ اِلَيْهِ يَصْعَدُ الْكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالْعَمَلُ الصَّالِحُ يَرْفَعُهٗ ۭ وَالَّذِيْنَ يَمْكُرُوْنَ السَّـيِّاٰتِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَمَكْرُ اُولٰۗىِٕكَ هُوَ يَبُوْرُ 10
جو شخص عزت ڇاهي ٿو (سو خدا کان گهري) ڇو ته سڀ عزت ته خدا جي ئي آهي. جنهن بارگاھ تائين چڱيون ڳالهيون (بلند ٿي) پهچن ٿيون چڱا ڪم ته اهو پاڻ بلند ڪري ٿو ۽ (اي رسول) جي ماڻهو (پنهنجي خلاف) بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا تن لاءِ (قيامت ۾) سخت عذاب آهي ۽ (آخر) سندن تدبيرون برباد ٿينديون.
— سيد فرمان عليوَاللّٰهُ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ جَعَلَكُمْ اَزْوَاجًا ۭ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ اُنْـثٰى وَلَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِهٖ ۭ وَمَا يُعَمَّرُ مِنْ مُّعَمَّرٍ وَّلَا يُنْقَصُ مِنْ عُـمُرِهٖٓ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 11
۽ (اي انسانو) خدا توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان وري اوهان کي جوڙو (نر ۽ مادي) ڪيائين ۽ ڪا به مادي سندس علم (۽ اجازت) کان سواءِ نه پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي ۽ نه ڪنهن جي عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ نه سندس عمر مان گهٽ ڪيو وڃي ٿو پر اهو (سڀ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (ضرور) آهي. بيشڪ اها ڳالھ خدا تي تمام آسان آهي.
— سيد فرمان عليوَمَا يَسْتَوِي الْبَحْرٰنِ ڰ ھٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ سَاۗىِٕــغٌ شَرَابُهٗ وَھٰذَا مِلْحٌ اُجَاجٌ ۭ وَمِنْ كُلٍّ تَاْكُلُوْنَ لَـحـْـمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ فِيْهِ مَوَاخِرَ لِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 12
۽ (سندس قدرت ڏسو جو) ٻه دريا (پاڻ ۾ ملي وڃڻ هوندي به) هڪ ٿي نه ٿا وڃن. هيءُ مٺو اڃ لاهيندڙ سندس پاڻي وڻندڙ آهي ۽ هي (ٻيو) کارو ڪوڙو آهي. ۽ ان (اختلاف) هوندي به اوهين ٻنهي مان (مڇين جو) تازو گوشت (هڪجهڙو) کائو ٿا ۽ پنهنجي لاءِ (موتي مرجان ۽ ٻيا) زيور ڪڍو ٿا جن کي اوهين پهريو ٿا پڻ اوهين ڏسو ٿا ته ٻيڙيون دريا ۾ (پاڻيءَ کي) ڇيرينديون هليون وڃن ٿيون هن لاءِ ته خدا جي فضل (۽ ڪرم) تجارت (۽ روزگار) جي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.
— سيد فرمان علييُـوْلِـجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُـوْلِـجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۙ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ڮ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ وَالَّذِيْنَ تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ مَا يَـمْلِكُوْنَ مِنْ قِطْمِيْرٍ ۭ13
اهو رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ اهو ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو ۽) ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيو آهي جو سڀ ڪو پنهنجي (پنهنجي) مقرر ڪيل مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي اوهان جو پالڻهار آهي سندس ئي حڪومت آهي. ۽ ان کي ڇڏي جن معبودن کي اوهين سڏيو ٿا سي کارڪ جي ککڙيءَ کل جيتري به قدرت نٿا رکن.
— سيد فرمان علياِنْ تَدْعُوْهُمْ لَا يَسْمَعُوْا دُعَاۗءَكُمْ ۚ وَلَوْ سَمِعُوْا مَا اسْتَجَابُوْا لَكُمْ ۭ وَيَوْمَ الْقِيٰمَةِ يَكْفُرُوْنَ بِشِرْكِكُمْ ۭ وَلَا يُنَبِّئُكَ مِثْلُ خَبِيْرٍ ۧ14
جيڪڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اوهان جو سڏ نه ٻڌندا ۽ جيڪڏهن (کڻي) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينهن اوهان جي شريڪ ٺهرائڻ جو (اهي) انڪار ڪندا، ۽ واقف ڪار (شخص) وانگر (پوءِ انهن جي پوري حالت) اوهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَاۗءُ اِلَى اللّٰهِ ۚ وَاللّٰهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 15
اي انسانو! اوهين سڀئي الله جا (هر وقت) محتاج آهيو ۽ (رڳو) الله ئي (سڀني کان) بي پرواھ لائق حمد (۽ ساراھ آهي)
— سيد فرمان علياِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِـخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۚ16
جيڪڏهن چاهي ته اوهان ماڻهن کي (ميٽي) پري ڪري ڇڏي ۽ هڪ نئين خلق آڻي.
— سيد فرمان عليوَمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 17
۽ اها ڳالھ ڪا خدا ته مشڪل نه آهي.
— سيد فرمان عليوَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَاِنْ تَدْعُ مُثْقَلَةٌ اِلٰى حِمْلِهَا لَا يُحْمَلْ مِنْهُ شَيْءٌ وَّلَوْ كَانَ ذَا قُرْبٰى ۭ اِنَّـمَا تُنْذِرُ الَّذِيْنَ يَـخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ ۭ وَمَنْ تَزَكّٰى فَاِنَّـمَا يَتَزَكّٰى لِنَفْسِهٖ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ الْمَصِيْرُ 18
۽ (ياد رهي ته) ڪو به شخص ڪنهن ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو. ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو پنهنجي بار (کڻائڻ) لاءِ (ڪنهن کي) سڏيندو ته ان مان ڪجھ به نه کنيو ويندو توري جو مائٽ هجي. (اي پيغمبر) تون رڳو انهن کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. ۽ (ياد رکو) جو شخص پاڪ صاف رهي ٿو سو پنهنجي ئي فائدي لاءِ پاڪ صاف رهي ٿو ۽ (نيٺ ته ڦري گهري سڀ کي) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي.
— سيد فرمان عليوَمَا يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ۙ19
۽ انڌو (ڪافر) ۽ اکين وارو (مومن ڪڏهين به) برابر نه ٿا سگهن،
— سيد فرمان عليوَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النُّوْرُ ۙ20
۽ نه اونداهي (ڪفر) ۽ سوجهرو (ايمان جي برابر آهي).
— سيد فرمان علي