034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس (ئي) آهي. ۽ آخرت ۾ (به هر طرف) تعريف ان جي آهي ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪيم آهي.
— سيد فرمان علييَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
جيڪي (ٻج وغيره) زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (وڻ وغيره) ان مان نڪرن ٿا ۽ جيڪي (مينهن وغيره) آسمانن مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (بخار يا فرشتا وغيره) ان ۾ چڙهن ٿا تن کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو نهايت رحم وارو معاف ڪندڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ ڪافر چون ٿا ته اسان تي اها گهڙي (قيامت ڪڏهين) نه ايندي (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ! (هاءُ) مون کي پنهنجي ان عالم الغيب پالڻهار جو قسم آهي جنهن کان ذري جيتري (ڪا به شيءِ) نه آسمانن ۾ لڪل آهي ۽ نه زمين ۾ ته قيامت ضرور ايندي. ۽ ذري کان (به) تمام ننڊي ۽ نه تمام وڏي شيءِ (مطلب ته هر شيءِ) ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ محفوظ آهي.
— سيد فرمان عليلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي نيڪ بدلو ڏئي. انهن لاءِ ئي (گناهن جي) معافي ۽ (تمام وڏي) عزت جي روزي آهي.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي.
— سيد فرمان عليوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽ (اي رسول) جن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ڪيل آهي سي ڄاڻن ٿا ته جو ڪتاب (قرآن) تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو برحق آهي ۽ لائق حمد (۽ ثنا) غالب (خدا) جي راھ ڏيکاري ٿو.
— سيد فرمان عليوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي چرچو ڪندي) چون ٿا ته چئو ته اسين اوهان کي اهڙو آدمي (محمد) ڏسيون جو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهن اوهين (مري ڳري ويندو ۽) صفا ذرا ذرا ٿي ويندو ته اوهين هڪ نئين جنم ۾ ايندو!
— سيد فرمان علياَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
ڇا هن (محمد) خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي يا کيس ڪو سوداءُ آهي؟ (ائين نه آهي) پر جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين سي عذاب ۽ تمام وڏي گمراهي ۾ پيل آهن.
— سيد فرمان علياَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
پوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ سندن پويان (چوڌاري) آهي تنهن (قدرت) ڏي غور نه ڪيو اٿن ته جيڪڏهن اسين گهرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرايون. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ عبد لاءِ وڏو سبق آهي.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ اسان يقينا دائود کي پنهنجي بارگاھ مان بزرگي عنايت ڪئي هئي (۽ جبلن کي حڪم ڪيوسون ته) اي جبلو! تسبيح ڪرڻ ۾ ساڻس ساٿ ڏيو پڻ پکين کي (سندس تابعدار ڪيوسون) ۽ ان لاءِ لوهي کي نرم ڪيوسون.
— سيد فرمان علياَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
(۽ ان کي) چيوسون ته ڪشاديون زرهون بنائي ۽ (ڪڙين) بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ اوهين سڀئي چڱا ڪم ڪريو، جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ پڪ آءُ ڏسان ٿو.
— سيد فرمان عليوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
پڻ هوا کي سليمان لاءِ (تابعدار بنائي ڇڏيو هيوسون) ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جو شام جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ هو. ۽ اسان ان لاءِ ٽامي (کي پگهاري ان) جو چشمو وهايو هو. پڻ جنن (کي سندس تابعدار ڪري ڇڏيو هو جو انهن) مان ڪجھ سندس پالڻهار جي حڪم سان ان جي اڳيان ڪم (ڪندا هئا ۽) انهن مان جنهن به اسان جي حڪم کان منهن موڙيو تنهن کي اسين (قيامت ۾) دوزخ جي عذاب جو مزو چکائينداسون.
— سيد فرمان علييَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
(مطلب ته) سليمان کي جيڪي بڻائڻو هو ته اهي جن ان لاءِ بنائيندا هئا جيئن مسجدون، محل، قلعا ۽ تصويرون ۽ حوض جيڏا ٿالھ ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون (وڏيون) ديڳيون. (جن ۾ هزار ماڻهن جو کاڌو تيار ٿي سگهي). اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿي ڪم ڪريو. ۽ منهنجن بندن مان شڪر گذار (بندا) ٿورا آهن.
— سيد فرمان عليفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن مٿس موت جو حڪم جاري ڪيوسون ته (مري ويو پر لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو هو ۽) جنن کي ڪنهين سندس موت جي خبر نه ڪئي پر زمين جي اڏوهي، جنهن سليمان جي لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪريو تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته (هن) ذليل ڪرڻ واري (ڪم ڪرڻ جي) مصيبت ۾ نه رهن ها.
— سيد فرمان عليلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
۽ “سبا” جي (قوم) لاءِ سندن گهرن ۾ (خدا جي قدرت جي) هڪ وڏي نشاني هئي (جو سندن شهر جي ٻنهي طرفن کان) سڄي ۽ کٻي (ساوا) باغ هئا. (پڻ کين حڪم هو ته) پنهنجي پروردگار جي عطا ڪيل روزي کائو (پيئو) ۽ سندس شڪر ادا ڪريو. (دنيا ۾ اوهان جو اهڙو) سٺو شهر ۽ (آخرت ۾) پالڻهار جهڙو بخشڻهار.
— سيد فرمان عليفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
تڏهين به انهن منهن موڙيو (۽ پيغمبرن جو چوڻ نه مڃيائون) ته اسان (هڪ بند کي ٽوڙي) انهن تي زور جي ٻوڏ موڪلي ۽ (کين برباد ڪري) سندن ٻن باغن جي بدلي اهڙا ٻه باغ ڏنا جن جا ڪسارا ڦر ۽ لئي (لاڻا) ۽ ڪجھ ٿورن ٻيرين وارا ڏنا.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اها اسان کين ناشڪريءَ جي سزا ڏني ۽ اسين ناشڪريءَ کان سواءِ ٻئي کي سزا نٿا ڏيون.
— سيد فرمان عليوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ اسان ”سبا“ وارن ۽ (شام جي) انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن ۾ اسان برڪت عطا ڪئي هئي (شاهي رستي تي هلندڙن لاءِ) پڌرا ڳوٺ بنايا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ (خاص اندازي سان) منزلون مقرر ڪيون. جو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن بي ڊپا ٿي گهمو ڦرو.
— سيد فرمان عليفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته پالڻهار! (ويجهي سفر ۾ مزو ڪونهي) تون اسان جي مسافريءَ جي پنڌ ۾ ڏورانهين پيدا ڪر! انهن ماڻهن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ته اسان به کين (تباھ ڪري ٻين لاءِ) آکاڻيون بنايون ۽ انهن کي بلڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيوسون. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙن لاءِ (وڏا) سبق آهن.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
۽ شيطان پنهنجي خيال کي (جيڪو انهن جي باري ۾ ڪيو هوائين) سچ ڪري ڏيکاريو جو انهن ماڻهن سندس تابعداري ڪئي پر ايمان وارن جو هڪ ٽولو گمراھ نه ٿيو.
— سيد فرمان علي