033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي رڳو خدا کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ هڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ پنهنجي پالڻهار جي طرفان جيڪو تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو (رڳو) تنهن جي تابعداري ڪر! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱي طرح آگاھ آهي.
— سيد فرمان عليوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ خدا تي ڀروسو ڪر ۽ خدا ڪارساز بس آهي.
— سيد فرمان عليمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
خدا ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن (جو هڪ ئي وقت ٻه ارادا ڪري) ۽ نه اوهان جي انهن زالن کي جن کي اوهان پاڻ تي مائرن جهڙو ڪيو (چيو) (تن کي ڪو) اوهان جون مائرون ڪيون اٿس. اهو ته اوهان جو رڳو چوڻ (۽ زباني جمع خرچ) آهي. ۽ (چاهي ڪنهن کي برو لڳي يا چڱو) خدا ته سچ چوي ٿو ۽ سڌي راھ ڏيکاري ٿو.
— سيد فرمان علياُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
کين سندن (اصلي) پين جا پٽ ڪري سڏيو اهو خدا وٽ وڌيڪ ٺيڪ آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين سندن پين کي نه ٿا ڄاڻو ته (اهي) اوهان جا ديني ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ هن ۾ اوهان کان خطا ٿئي ته اوهان تي گناھ نه آهي پر (گناھ اهو آهي) جنهن جو اوهان دل سان ارادو ڪيو. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان علياَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي (ڇو ته ڄڻ هو امت جو مهربان پيءُ آهي) ۽ سندن زالون انهن جون (ڄڻ ته) مائرون آهن. ۽ مائٽي وارا (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي خدا جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن، پر پنهنجن دوستن سان ڪا ڀلائي ڪريو (ته ٻي ڳالھ آهي) اهو (حڪم ته خدا جي) ڪتاب ۾ لکيل آهي.
— سيد فرمان عليوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو. ۽ (خاص ڪري) تو کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ مريم جي پٽ عيسى کان ۽ اسان کانئن پڪو انجام ورتو.
— سيد فرمان عليلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
هن لاءِ ته سچن (پيغمبرن) کان سندن سچ بابت پڇي ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي ايمان وارو! پاڻ تي خدا جا احسان ياد ڪريو جيڪي ان اوهان تي نازل ڪيا آهن (جنگ خندق ۾) جڏهن اوهان تي (ڪافرن جا) لشڪر چڙهائي ڪري آيا ته اسان (اوهان جي مدد ڪئي) مٿن طوفان موڪليو ۽ (تنهن کان سواءِ فرشتن جا) اهڙا لشڪر (موڪليا) جن کي اوهان ڏٺو به ڪين هو. ۽ خدا اوهان جي ڪم کي ڏسي رهيو هو.
— سيد فرمان علياِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جنهن وقت اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان اوهان تي (ڪافر) چڙهائي ڪري آيا ۽ تنهن وقت (توهان جون) اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون نڙگهٽن وٽ پهتيون (هيون) ۽ اوهين خدا بنسبت ڪيترا (بد) گمان ٿي ڪيا.
— سيد فرمان عليهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت جهنجوڙيو ويو.
— سيد فرمان عليوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ ان وقت منافقن ۽ جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري هئي تن ٿي چيو ته خدا ۽ سندس رسول اسان سان رڳو ڌوڪي جو انجام ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ جڏهن انهن مان هڪ ٽولو چوڻ لڳو ته اي مديني وارو! (دشمن جي مقابلي ۾) اوهان جي جاءِ نه آهي ته (چڱو ائين آهي ته) موٽي هلو پڻ انهن مان ڪي ماڻهو رسول کان (گهر موٽي وڃڻ جي اجازت وٺڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گهر (مردن کان) بلڪل خالي پيا آهن هوڏانهن اهي خالي ۽ (غير محفوظ) نه هئا (پر) اهي ماڻهو ته (ان بهاني سان) رڳو ڀڄي وڃڻ پيا گهرن.
— سيد فرمان عليوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
پر جيڪڏهن (اهڙو ئي لشڪر) انهن تي مديني جي آس پاس کان (سندن مٿان) اچي پوي ۽ کين فساد (خانه جنگي) ڪرڻ جو چئجي (ها) ته اهي ماڻهو ان لاءِ اچي گڏ ٿين ها ۽ (پوءِ) پنهنجي گهرن ۾ به نه ٽڪن ها. (پر هي ته جهاد آهي).
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
هوڏانهن انهن ماڻهن هن کان اڳ ۾ ئي خدا سان انجام ڪيو هو ته اسين (دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجي) پٺ نه ڦيرينداسون. ۽ خدا سان ڪيل انجام جي پڇا ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) ٿيڻي آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
(اي پيغمبر کين!) چئو ته جيڪڏهن اوهين موت يا قتل جي خوف وچان ڀڄو به ته (اهو) ڀڄڻ اوهان جي لاءِ ڪهڙي فائدي جو ٿيندو پر جيڪڏهن اوهين ڀڄي به ويا ته رڳو اهو نه ته (دنيا) ۾ ٻٽي ڏينهن پيا آرام ڪريو.
— سيد فرمان عليقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
(اي پيغمبر کين چئو ته جيڪڏهن) خدا توهان سان برائيءَ جو ارادو ڪري ته (ڀلا) اوهان کي ان (جي عذاب) کان ڪير اهڙو آهي جو بچائي يا رڳو ڀلائي ڪرڻ گهري (ته کيس ڪير منع ڪندو!) ۽ اهي ماڻهو خدا کان سواءِ نه ته ڪنهن کي پنهنجو سرپرست (والي) لهندا ۽ نه مددگار.
— سيد فرمان عليقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
اوهان مان جيڪي ماڻهو (ٻين کي جهاد کان) جهلين ٿا تن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پڻ (انهن کي ڄاڻي ٿو) جيڪي پنهنجي ڀائي بندن کي چون ٿا ته اسان ڏي ئي هليا اچو. ۽ پاڻ به (فقط نالي ماتر) جنگ (جي ميدان) ۾ رڳو ٿورو اچي تو کان پاڻ بچائي (۽ هليا ويا)
— سيد فرمان علياَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
۽ جڏهن (مٿن) ڪو خوف (جو موقعو) اچي ويو ته تون ڏسين ٿو ته (ماندا ٿي) تو ڏي ڏسن ٿا ۽ سندن اکيون ائين پيون ڦرن ڄڻ ڪنهن تي موت جي بيهوشي آئي هجي. پوءِ جڏهن ڊپ لهي وڃي ٿو (۽ مومنن جي فتح ٿئي ٿي) ته (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوهان تي تيز زبانن سان طعنه زني درازي ڪن ٿا. انهن (ماڻهن شروع کان ئي) ايمان نه آندو آهي پوءِ خدا سندن عمل ناس ڪري ڇڏيا پوءِ اهو (ڪم) خدا تي آسان آهي.
— سيد فرمان علييَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
(مديني کي گهيرو ڪرڻ وارا ويا هليا پر) اهي سمجهي رهيا آهن ته اڃا (ڪافرن جو) لشڪر ويو نه آهي پر جيڪڏهن (ڪافرن جو) لشڪر (موٽي اچي) ته (اهي ماڻهو) هيءَ خواهش ڪندا ته پاڻ جيڪر شهرن کان ٻاهر جهنگلي عربن (جي وچ) ۾ ويٺل هجن (۽ پري ويهي) اوهان جون خبرون پڇندا رهن ۽ جيڪڏهن اهي اوهان جي وچ ۾ هوندا ته رڳو ٿوڙي دير جنگ ۾ وڙهندا.
— سيد فرمان علي