032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗ 1ۚ
الم
— سيد فرمان عليتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ساري جهان جي پروردگار طرفان آهي.
— سيد فرمان علياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا ته اهي چون ٿا ته هن (رسول) اهو ڪوڙ ٺاهيو آهي (نه) بلڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون انهن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي (سڌي) راھ تي اچن.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، وري عرش بنائڻ تي آماده ٿيو. ان کان سواءِ اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي (۽) نه ڪو ئي سفارشيءَ. ته ڇا اوهين (تڏهين به) نصيحت ۽ عبرت حاصل نه ٿا ڪريو؟
— سيد فرمان علييُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
آسمان کان وٺي زمين تائين هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو پوءِ اهو بندوبست ان ڏينهن جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزا ورهيه آهي، سندس بارگاھ ۾ پيش ٿيندو.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهو ئي (تدبير ڪرڻ وارو) لڪل ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وار (سڀ تي) غالب مهربان آهي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
جنهن جيڪا به شيءِ پيدا ڪئي سا سٺي بنائي، ۽ انسان جي ابتدائي خلقت مٽيءَ سان ڪئي.
— سيد فرمان عليثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ سندس اولاد (انساني جسم جي خلاصي) يعني (نطفه جهڙي) ذليل پاڻيءَ سان بنايائين.
— سيد فرمان عليثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجي (طرفان) روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (تنهن هوندي به) اوهين تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ چون ٿا ته ڇا! جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهين به اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو (قيامت کان نه) بلڪ اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي (سامهون) حاضر ٿيڻ جا انڪاري آهن.
— سيد فرمان عليقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
(اي پيغمر کين) فرمائي ته جيڪو موت جو فرشتو اوهان تي مقرر ڪيل آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪندو. تنهن کان پوءِ اوهين (سڀ) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندا.
— سيد فرمان عليوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ (اي حبيب! تو کي ڏاڍو ارمان ٿيندو) جي تون ڏوهارين کي ڏسندين ته اهي (حساب جي وقت) پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ پنهنجا سر هيٺ ڪري بيٺا آهن ۽ (عرض ڪري رهيا آهن ته) پروردگار! اسان (چڱيءَ طرح) ڏسي ورتو ۽ ٻڌي ڇڏيو، تون اسان کي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽائي ته اسين نيڪ ڪم ڪريون. هينئر ته اسان کي (قيامت جو) چڱيءَ طرح يقين آهي.
— سيد فرمان عليوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ (خدا فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته (دنيا ۾ ئي) هر شخص کي (زوريءَ) سڌي راھ تي آڻيون ها، پر منهنجي طرفان (ازل جي ڏينهن کان) هيءَ ڳالھ مقرر ٿيل آهي ته آءُ دوزخ کي جنن ۽ آدمين سان ڀري ڇڏيندس.
— سيد فرمان عليفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
۽ جيئن ته اوهان اڄوڪي ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو ته هاڻي ان جو مزو چکيو. اسان اوهان کي ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيو. ۽ جهڙا جهڙا توهان جا ڪرتوت هئا (تن جي عوض) هاڻي هميشه جي عذابن جا مزا چکيو.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي ايمان رڳو اهي ماڻهو آڻين ٿا جو جڏهن کين اهي آيتون ياد ڏياريون ويون ته يڪدم سجدي ۾ ڪري پيا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙهڻ لڳا. پڻ اهي شخص وڏائي نه ٿا ڪن.
— سيد فرمان عليتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
(رات جو به) سندن پاسا بسترن کان واقف نه ٿا ٿين پڻ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد تي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪوشخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي (نيڪ) ڪم پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.
— سيد فرمان علياَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا ڀلا جيڪو ايمان وارو آهي، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿيندو جيڪو بدڪار آهي هرگز نه! اهي ٻئي برابر نه ٿيندا.
— سيد فرمان علياَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته رهڻ (سهڻ) جي (لاءِ بهشت جا) باغ آهن. هيءَ مهماني انهن ڪمن جو عوض آهي جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪري چڪا هئا.
— سيد فرمان عليوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ (رڳو) دوزخ آهي. اهي جڏهن به ان (دوزخ) مان نڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ان ۾ موٽائي کين ڌڪيو ويندو. ۽ کين چيو ويندو ته دوزخ جي جنهن عذاب کي ڪوڙ سمجهندا هئا، هاڻي ان جو (عذاب) چکيو.
— سيد فرمان علي