031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗ 1ۚ
الم
— سيد فرمان عليتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
هيءَ (سورت) حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن.
— سيد فرمان عليهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
جو (سمورو) نيڪ ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جي پابندي سان نماز ادا ڪندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن ۽ اهي ئي شخص آخرت جو به يقين رکن ٿا.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ئي پنهنجي پروردگار جي هدايت تي هلن ٿا ۽ اهي ئي (قيامت ۾) پنهنجيون دلي مرادون پائيندا.
— سيد فرمان عليوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ ماڻهن ۾ ڪي (نضر بن الحرث پارا) اهڙا آهن جي بيهودا قصا (ڪهاڻيون) خريد ڪن ٿا هن لاءِ ته سواءِ سوچ سمجھ جي (ماڻهن کي) خدا جي (سڌي) راھ کان ٿيڙين ۽ خدا جي آيتن سان مسخريون ڪري اهڙن ئي ماڻهن لاءِ تمام خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏهن سندن اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي کان منهن ڦيري (اهڙي طرح) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن انهن آيتون کي ٻڌو ئي ڪين! ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ته (اي پيغمبر) تون کيس دردناڪ عذاب جي (هاڻي ئي) خوش خبري ٻڌائي!
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن.
— سيد فرمان عليخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
جو اهي ان ۾ هميشه رهندا. اهو خدا جو پڪو وعدو آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
هن آسمانن کي سواءِ اهڙن ٿنڀن جي بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جو جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو (مينهن وسايو) پوءِ اسان ان ۾ هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا.
— سيد فرمان عليھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
(اي رسول! کين چئو ته) اها ته خدا جي پيدائش آهي پوءِ (ڀلا) اوهين ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ جي (معبود) اوهان بنايا آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالھ هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي (۽ حڪم ڏنوسون ته) خدا جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته (سندس نقصان آهي) خدا ته (بهرحال) بي پرواھ (۽) لائق حمد وثنا آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو، ته ”اي منهنجا پٽڙا! خدا سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي“
— سيد فرمان عليوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ اسان انسان کي ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوري مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾) رکيو ۽ سندس ٿڃ ٻن ورهين ۾ ڇڏائجي ٿي (پنهنجي ۽) سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ تاڪيد ڪيوسون ته منهنجو به شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي والدين جو (به. ۽ نيٺ سڀ کي) مون ڏي موٽي اچڻو آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جيڪڏهن تنهنجا ماءُ پيءُ تو تي زور ڪن ته مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي تو کي خبر به نه آهي ته سندن چيو نه مڃ پر دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رھ! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ جيڪي اوهين دنيا ۾ ڪريو ٿا سو اوهان کي ٻڌائيندس.
— سيد فرمان علييٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
(۽ لقمان چيس ته) اي منهنجا پٽڙا جيڪڏهن ڪو به عمل (سٺو هجي يا بڇڙو) اهر جي ڌاڻي برابر هوندي ۽ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته خدا ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ خدا باريڪ بين خبر رکندڙ آهي.
— سيد فرمان علييٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منهنجا پٽڙا نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان (ماڻهن کي) روڪ ۽ جيڪا تڪليف تو کي رسي تنهن تي صبر ڪر. (ڇو ته) بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي.
— سيد فرمان عليوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي.
— سيد فرمان عليوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي.
— سيد فرمان علياَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي خدا توهان جي تابع ڪيو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي بنا علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي خدا جي ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا.
— سيد فرمان علي