030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗ 1ۚ
الم
— سيد فرمان عليغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
(هتان کان) تمام ويجهي ملڪ ۾ رومين (نصارن، فارسين ۽ آتش پرستن کان) شڪست کاڌي.
— سيد فرمان عليفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
۽ اهي شڪست کائڻ کان پوءِ جلد (فارسين تي) غالب ٿيندا.
— سيد فرمان عليفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
ٿورن ورهين ۾ اڳي توڙي پوءِ الله جو ئي حڪم آهي، ۽ ان ڏينهن ايمان وارا خدا جي مدد سان خوش ٿيندا.
— سيد فرمان عليبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
هو جنهن کي گهري ٿو تنهن کي مدد ڏئي ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي. خدا پنهنجو وعدو نه ٿو ڦيري پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻين.
— سيد فرمان علييَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
اهي دنيا جي ظاهري حياتي کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان (بلڪل) غافل آهن.
— سيد فرمان علياَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
ڇا انهن ماڻهن پنهنجي دلين ۾ (ايترو به غور يا) فڪر نه ڪيو ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته گهڻا ماڻهو پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) جي حضور (قيامت) کي ئي نه ٿا مڃين.
— سيد فرمان علياَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
ڇا زمين ۾ اهي ماڻهو گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته ڪئين انهن جي پڇاڙي (خراب) ٿي جيڪي انهن کان اڳ هئا. هوڏانهن اهي طاقت ۾ به هنن کان وڌيڪ هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو يا آباد ڪيو هو هنن ماڻهن جي آباد ڪرڻ کان (به) وڌيڪ پڻ انهن وٽ سندن رسول پڌرا ۽ کليل معجزا به آندا هئا (تڏهن به انهن نه مڃيو) پوءِ خدا (ته) مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ (نافرماني سبب) ظلم ڪري رهيا هئا.
— سيد فرمان عليثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
پوءِ جن بڇڙائي ڪئي تن جي نهايت بڇڙي پڇاڙي ٿي، تنهنڪري خو خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
خدا تعالى مخلوقات کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.
— سيد فرمان عليوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري نا اميد ٿيندا.
— سيد فرمان عليوَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
۽ سندن (خدا سان هٿراڌو بنايل) شريڪن مان ڪي به انهن لاءِ سفارش ڪندڙ نه هوندا ۽ اهي (خود به) پنهنجن شريڪن جا انڪار ڪندڙ ٿيندا.
— سيد فرمان عليوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن (مومنن کان) ڪافر جدا ٿي ويندا.
— سيد فرمان عليفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي (بهشت جي) باغ ۾ (رهائي) خوش ڪيو ويندو.
— سيد فرمان عليوَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو آهي عذاب ۾ گرفتار ڪيل هوندا.
— سيد فرمان عليفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
پوءِ جنهن مهل اوهان کي سانجهي ٿئي ۽ جنهن مهل اوهان کي صبح ٿئي تنهن مهل خدا جي پاڪائي بيان ڪريو.
— سيد فرمان عليوَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس تعريف آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان کي منجهد ٿئي (تنهن مهل به سندس پاڪائي بيان ڪريو)
— سيد فرمان علييُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
اهو مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ جياري (سائو ڪري) ٿو. ۽ اهڙي طرح اوهان کي (به مرڻ کان پوءِ زمين مان) ڪڍو ويندو.
— سيد فرمان عليوَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين وري ان ئي وقت اوهين ماڻهو بنجي (زمين تي) گهمڻ ڦرڻ لڳا.
— سيد فرمان علي