003 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗـۗمَّ 1ۙ
الم
— سيد فرمان علياللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2ۭ
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. اهو زندھ (۽) سموري جهان کي قائم رکندڙ آهي.
— سيد فرمان علينَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3ۙ
(اي رسول) تو تي برحق (اهو) ڪتاب نازل ڪيائين جو، جيڪي (اڳيان آسماني ڪتاب) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي، پڻ توريت ۽ انجيل کي.
— سيد فرمان عليمِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4
هن کان اڳي ماڻهن جي هدايت لاءِ لاٿائين. ۽ حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5ۭ
بيشڪ الله کان ڪا به شيءِ ڳجهي نه آهي (نه) زمين ۾ نڪي آسمان ۾.
— سيد فرمان عليھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6
هو اهو آهي جو (مائن جي) ڳڀيرڻين ۾ جيئن گهري ٿو تئين اوهان جي شڪل ٺاهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) داناءَ آهي.
— سيد فرمان عليھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7
(اي رسول!) هو اهو آهي جنهن تو تي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنى واريون) آيتون آهن، اهي (عمل ڪرڻ لاءِ) اصل (۽) ڪتاب جو (بنياد) آهن ۽ ٻيون آيتون متشابهات آهن (جن جون ڪيئي معنائون ٿي سگهن ٿيون) پوءِ جن (ماڻهن) جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، سي ڪتاب مان انهن متشابه آيتن جي پٺيان پيل آهن ته جيئن فساد برپا ڪن. ۽ ان خيال سان ته پنهنجي دلي مطلب مطابق تاويل ڪن. هوڏانهن خدا ۽ انهن انسانن کان سواءِ جي علم جي وڏي درجي تي فائز آهن، انهن جو اصلي مطلب ڪو به نٿو ڄاڻي، اهي انسان (هي به) چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو، هي سڀ (محڪم هجي يا متشابه) اسان جي پالڻهار جي طرف کان آهي. ۽ صاحبان لب (عقل مندن) کان سواءِ ڪو به ڌيان نٿو ڪري.
— سيد فرمان عليرَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8
(۽ دعا گهرن ٿا ته) اي اسان جا پالڻهار! جڏهن تون اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦير. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت بخش! بيشڪ تون ئي بخشڻ وارو آهين.
— سيد فرمان عليرَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9ۧ
اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله (پنهنجو) انجام نٿو ڦيرائي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۙ10
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سندن مال ۽ سندن اولاد الله جي عذاب کان ڪجھ به ڪم نه ايندا. ۽ اهي ئي دوزخ جي باھ جو ٻارڻ آهن.
— سيد فرمان عليكَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 11
فرعونن ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا، تن جي حال وانگر، انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. ۽ الله جي سزا سخت آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ 12
(اي رسول!) ڪافرن کي چئو ته توهان جي طاقت کي ٽوڙيو ويندو ۽ اوهان کي دوزخ ۾ گڏ ڪيو ويندو. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي.
— سيد فرمان عليقَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ 13
بيشڪ توهان جي (سمجهڻ) لاءِ انهن ٻن (مخالف) گروهن ۾ جي (بدر جي جنگ ۾) هڪ ٻئي سان وڙهيا (رسول جي سچائي جي) تمام وڏي نشاني آهي جو هڪ گروھ ته خدا جي راھ ۾ جهاد ڪري رهيو هو ۽ ٻيو (گروھ) ڪافرن جو جن کي مسلمان پاڻ کان ٻيڻ جيترو (ظاهري طرح) اکين سان ٿي ڏٺو. (پر ٿورن کي ئي مدد ڏني) ۽ خدا پنهنجي مدد سان جنهن جي چاهي ٿو تائيد ڪندو آهي. بيشڪ اکين وارن لاءِ هن واقعي ۾ وڏي نصيحت آهي.
— سيد فرمان عليزُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ 14
(دنيا ۾) ماڻهن کي سندن وڻندڙ شيون (جيئن) زالون ۽ پٽ ۽ سون ۽ چانديءَ جا گڏ ڪيل خزانا ۽ ڀلا گهوڙا ۽ ڍڳا ڍور ۽ پوک سهڻيون ڪري ڏيکاريل آهن. اهو (فقط فاني) دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ (هميشه) جو سٺو هنڌ ته خدا وٽ ئي آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۚ15
(اي رسول کين) چئو ته ڇا! اوهان کي ان کان به ڀلي (شيءِ) جي خبر ڏيان؟ (چڱو ٻڌو!) جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ بهشت جا اهي باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا (۽ اهي) انهيءَ ۾ هميشه رهندا. تنهن کان سواءِ انهن لاءِ پاڪ صاف زالون آهن پڻ خدا جي طرفان رضامندي آهي.
— سيد فرمان علياَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ۚ16
۽ خدا پنهنجي انهن بندن کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي جيڪي هي دعائون گهرندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار! اسان ته (بنا دير جي) ايمان آندو آهي پوءِ اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
— سيد فرمان علياَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ 17
(اهي ئي انسان آهن) صبر ڪرڻ وارا ۽ سچا ۽ فرمانبردار ۽ (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات ۾ (توبه ۽) استغفار ڪرڻ وارا.
— سيد فرمان عليشَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ۭ18
خدا پاڻ هن ڳالھ جي شاهدي ڏني آهي ته سندس ذات کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ سڀني فرشتن ۽ صاحب علم (انبياءِ ۽ اولياء) جيڪي عدل تي قائم آهن زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 19
(سچو) دين ته خدا وٽ بيشڪ (بس اهو ئي) اسلام آهي ۽ اهل ڪتاب جو (هن دين حق سان) اختلاف ڪيو سو محض سندن شرارت ۽ (اصلي ڳالھ) معلوم ڪرڻ کان پوءِ (ئي ڪيو آهي) ۽ جنهن شخص خدا جي نشانين جو انڪار ڪيو ته (سمجهي ته) يقينن خدا (ان کان) تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.
— سيد فرمان عليفَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۧ20
پوءِ (اي رسول!) جيڪڏهن اهي تو سان (خواه مخواه) حجت ڪن ته چئو ته مون خدا جي اڳيان سر نوايو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجا تابعدار آهن (انهن به) ۽ (اي رسول!) تون اهل ڪتاب ۽ جاهلن کي چئو ته توهان به اسلام آڻيو؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آندائون ته انهن سڌو رستو لڌو. ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته تو تي رڳو (پيغام) پهچائڻ آهي. ۽ خدا بندن کي ڏسندڙ آهي.
— سيد فرمان علي