029 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 69 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗ 1ۚ
الم
— سيد فرمان علياَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ يُّتْرَكُوْٓا اَنْ يَّقُوْلُوْٓا اٰمَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُوْنَ 2
ڇا ماڻهن (هي) خيال ڪيو آهي ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته اسان ايمان آندو، کين ڇڏيو ويندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو (ضرور کين آزمايو ويندو)
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ فَتَنَّا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ صَدَقُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْكٰذِبِيْنَ 3
جيڪي کانئن اڳ هئا تن کي بيشڪ اسان آزمايو، سو جن (ايمان ظاهر ڪرڻ ۾) سچ ڳالهايو آهي تن کي خدا ضرور الڳ ڏسندو ۽ ڪوڙن کي به ضرور معلوم ڪندو.
— سيد فرمان علياَمْ حَسِبَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ اَنْ يَّسْبِقُوْنَا ۭ سَاۗءَ مَا يَحْكُمُوْنَ 4
ڀلا جيڪي بڇڙايو ڪن ٿا تن خيال ڪيو آهي ڇا ته اهي اسان کان (بچي) اڳي نڪري ويندا. (جيڪڏهن ائين آهي ته) اهي ماڻهو جو فيصلو ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي.
— سيد فرمان عليمَنْ كَانَ يَرْجُوْا لِقَاۗءَ اللّٰهِ فَاِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ لَاٰتٍ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 5
جو شخص خدا سان ملڻ (قيامت جي اچڻ) جي اميد رکي ٿو سو (ياد رکي ته) خدا جي مقرر ڪيل مدت ضرور اچڻ واري آهي ۽ اهو (سڀني جي) ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليوَمَنْ جَاهَدَ فَاِنَّـمَا يُجَاهِدُ لِنَفْسِهٖ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ عَنِ الْعٰلَمِيْنَ 6
۽ جو شخص (عبادت ۾) ڪوشش ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. (ڇو ته) بيشڪ خدا ساري جهان وارن (جي عبادت) کان بي پرواھ آهي.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ اَحْسَنَ الَّذِيْ كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 7
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون بڇڙايون انهن کان پري ڪنداسون ۽ جيڪي ڪم پيا ڪن تنهن جو چڱي کان چڱو بدلو کين ضرور ڏينداسون.
— سيد فرمان عليوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ حُسْـنًا ۭ وَاِنْ جَاهَدٰكَ لِتُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا ۭ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱو ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي ۽ (هي به ته) جيڪڏهن اهي ٻئي تو سان هن لاءِ جهڳڙو ڪن ته تون مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪرين جنهن جي تو کي ڪا خبر نه آهي ته انهن جو چيو نه مڃ. (نيٺ هڪ ڏينهن) مون ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي پوءِ جيڪي (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندس.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَــنُدْخِلَنَّهُمْ فِي الصّٰلِحِيْنَ 9
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (قيامت ۾) ضرور نيڪ ماڻهن ۾ داخل ڪنداسون.
— سيد فرمان عليوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ فَاِذَآ اُوْذِيَ فِي اللّٰهِ جَعَلَ فِتْنَةَ النَّاسِ كَعَذَابِ اللّٰهِ ۭ وَلَىِٕنْ جَاۗءَ نَصْرٌ مِّنْ رَّبِّكَ لَيَقُوْلُنَّ اِنَّا كُنَّا مَعَكُمْ ۭ اَوَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَعْلَمَ بِـمَا فِيْ صُدُوْرِ الْعٰلَمِيْنَ 10
۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان خدا تي ايمان آندو پوءِ جڏهن کين خدا جي باري ۾ ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ماڻهن جي ايذاءُ کي خدا جي عذاب برابر ڪري سمجهن ٿا. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن (تو وٽ) تنهنجي پالڻهار جي مدد ايندي (۽ تو کي فتح ٿي) ته اهي ئي ماڻهو چوڻ لڳن ٿا ته اسين اوهان سان هئاسون. ڇا جيڪي ساري جهان وارن جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي؟ (ضرور آهي)
— سيد فرمان عليوَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ 11
۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو خدا تن کي ضرور ڄاڻي ٿو ۽ منافقن کي به ضرور ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبِعُوْا سَبِيْلَنَا وَلْنَحْمِلْ خَطٰيٰكُمْ ۭ وَمَا هُمْ بِحٰمِلِيْنَ مِنْ خَطٰيٰهُمْ مِّنْ شَيْءٍ ۭ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 12
۽ ڪافرن ايمان وارن کي چيو ته اسان جي طريقي تي هلو ۽ اسين (قيامت ۾) اوهان جا گناھ (پنهنجي صر تي) کڻنداسون. هوڏانهن اهي انهن جي گناهن مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آهن. بيشڪ اهي (بلڪل) ڪوڙا آهن.
— سيد فرمان عليوَلَيَحْمِلُنَّ اَثْــقَالَهُمْ وَاَثْــقَالًا مَّعَ اَثْقَالِهِمْ ۡ وَلَيُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَـمَّا كَانُوْا يَفْتَرُوْنَ ۧ13
۽ اهي پنهنجن (گناهن جا) بار ۽ پنهنجن بارن سان گڏ (جن کي گمراھ ڪيائون) تن جا بار (به) ضرور کڻندا. ۽ جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن بابت قيامت جي ڏينهن انهن کان ضرور پڇا ڳاڇا ٿيندي.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖ فَلَبِثَ فِيْهِمْ اَلْفَ سَنَةٍ اِلَّا خَمْسِيْنَ عَامًا ۭ فَاَخَذَهُمُ الطُّوْفَانُ وَهُمْ ظٰلِمُوْنَ 14
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته اهو انهن ۾ پنجاھ ورهيه گهٽ هڪ هزار سان رهيو (۽ هدايت ڪندو رهين پر جڏهن نه مڃيئون) ته نيٺ انهن کي طوفان پڪڙيو ۽ اهي ظالم هئا.
— سيد فرمان عليفَاَنْجَيْنٰهُ وَاَصْحٰبَ السَّفِيْنَةِ وَجَعَلْنٰهَآ اٰيَةً لِّــلْعٰلَمِيْنَ 15
پوءِ ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچايوسون ۽ اسان ان واقعي کي ساري خدائي جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون.
— سيد فرمان عليوَاِبْرٰهِيْمَ اِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّــقُوْهُ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 16
۽ ابراهيم کي (ياد ڪريو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو اهو اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن سمجھ اٿو.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْثَانًا وَّتَخْلُقُوْنَ اِفْكًا ۭ اِنَّ الَّذِيْنَ تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَمْلِكُوْنَ لَكُمْ رِزْقًا فَابْتَغُوْا عِنْدَ اللّٰهِ الرِّزْقَ وَاعْبُدُوْهُ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 17
اوهين خدا کان سواءِ رڳو بتن کي پوڄيو ٿا ۽ ڪوڙ ٺاهيو ٿا. بيشڪ جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا سي اوهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار (به) نه ٿا رکن، سو خدا وٽان روزي گهرو ۽ سندس شڪر ڪريو، (ڇو ته) هن ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.
— سيد فرمان عليوَاِنْ تُكَذِّبُوْا فَقَدْ كَذَّبَ اُمَمٌ مِّنْ قَبْلِكُمْ ۭ وَمَا عَلَي الرَّسُوْلِ اِلَّا الْبَلٰــغُ الْمُبِيْنُ 18
۽ (اي مڪي وارو) جيڪڏهن توهان (منهنجي رسول کي) ڪوڙو ڪيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهان کان اڳ ڪيترين ئي امتن (پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙ ڪيو. ۽ رسول جي ذمي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي.
— سيد فرمان علياَوَلَمْ يَرَوْا كَيْفَ يُبْدِئُ اللّٰهُ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 19
ڇا انهن ماڻهن هن تي غور ڪيو ته خدا ڪئين مخلوقات کي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو. هيءَ ته الله لاءِ سولي ڳالھ آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَانْظُرُوْاكَيْفَ بَدَاَ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ اللّٰهُ يُنْشِئُ النَّشْاَةَ الْاٰخِرَةَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۚ20
(اي رسول انهن کي) چئو ته ڪجھ زمين تي هلي ڏسو ته خدا ڪئين پهريان مخلوقات کي پيدا ڪيو (اهڙيءَ طرح) قيامت جي ڏينهن آخري پيدائش پيدا ڪندو، بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— سيد فرمان علي