028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
طٰسۗمّۗ 1
طسم
— سيد فرمان عليتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
(اي رسول) اهي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.
— سيد فرمان علينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
(جن ۾) اسين تو کي موسى ۽ فرعون جو ڪجھ احوال، ايمان وارن ماڻهن جي فائدي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايون.
— سيد فرمان علياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
بيشڪ فرعون (مصر جي) زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهڻ وارن کي ڪيئي ٽولا (گروھ) ڪري ڇڏيو هئائين، جن مان هڪ گروھ (بني اسرائيلن) کي ڪمزور ڪري ڇڏيائين ٿي، سندن پٽن کي ڪٺائين ٿي۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيائين ٿي. بيشڪ اهو فسادين مان هو.
— سيد فرمان عليوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ اسين ته هي چاهيون ٿا ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ تن کي پيشوا بنايون ۽ انهن کي ان (زمين) جو مالڪ ڪريون.
— سيد فرمان عليوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
پڻ انهن کي زمين تي پوري قدرت عطا ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ ٻنهين جي لشڪرن کي انهن کي ڪمزورن جي هٿن سان اها ڳالھ ڏيکاريون جنهن کان اهي شخص ڊڄندا هئا.
— سيد فرمان عليوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسى جي ماءُ ڏي وحي موڪليو ته تون ان کي کير پيار! پوءِ جڏهن تو کي ان جو ڊپ ٿئي ته ان کي (صندوق ۾ رکي) دريا ۾ اڇلاءِ ۽ ڊپ نه ڪج ۽ نه غمگين ٿج. بيشڪ اسين ان کي تو ڏي موٽائينداسون ۽ ان کي (پنهنجو) رسول بنائينداسون.
— سيد فرمان عليفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
(مطلب ته موسى جي ماءُ کيس درياءَ ۾ وهائي ڇڏيو ته اها صندوق وهندي وهندي وڃي فرعون جي محل کي لڳي ته) فرعون جي ماڻهن ان کي کڻي ورتو ته (هڪ ڏينهن اهو ئي) سندن دشمن ۽ انهن جي غم جو سبب ٿئي.بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ هئا.
— سيد فرمان عليوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
(۽ جڏهن موسى محل ۾ آندو ويو) ته فرعون جي زال(آسيه پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته (هيءُ ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي (ٻنهي جي) اکين جو ٺار آهي، ان کي نه ڪهو، من اسان جي ڪم اچي يا ان کي پٽ بنايون. هوڏانهن (سندس هٿان برباد ٿيڻ جي) کين خبر ڪين هئي.
— سيد فرمان عليوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
(هيڏانهن هيءُ حال هو) ۽ (هوڏانهن) موسى جي ماءُ جي دل اهڙي ته بي قرار هئي جو جيڪڏهن اسين ان جي دل مضبوط نه ڪريون ها ته اها موسى جو حال ظاهر ڪري وهي ها (پڻ ان لاءِ اسان کين توفيق ڏني) ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي جو) يقين رکي.
— سيد فرمان عليوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ موسى جي ماءُ (دريا ۾ اڇلڻ وقت) سندس ڀيڻ (ڪلثوم) کي چيو ته ان جي پويان لڳي وڃ، پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن ماڻهن کي خبر به نه پئي.
— سيد فرمان عليوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اسان موسى تي شروع کان ٻين داين (جي ٿڃ) کي حرام ڪري ڇڏيو هو (جو ڪنهين جو ڌانوڻ نه ڌايو) تڏهن موسى جي ڀيڻ چيو ته ڇا آءُ اوهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي هن جي اوهان لاءِ سنڀال ڪن ۽ اهي ان جا خير خواھ به هجن.
— سيد فرمان عليفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
مطلب ته (ان ترڪيب سان) اسان موسى کي سندس ماءُ ڏي وري آندو هن لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻي ته بيشڪ خداجو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.
— سيد فرمان عليوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو تڏهن اسان ان کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسان اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا.
— سيد فرمان عليوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ هڪ ڏينهن اوچتو موسى شهر ۾ اهڙي وقت آيو جو اتي جا ماڻهو (ننڊ جي) غفلت ۾ پيا هئا ته اتي ٻه مرد پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين، هيءُ (هڪڙو ته) سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ هيءُ (ٻيو) سندس دشمن قوم جو (قبطي) هو. پوءِ جيڪو سندس قوم مان هو تنهن موسى کان ان سان وڙهڻ لاءِ مدد گهري جيڪو سندس دشمن مان هو،پوءِ موسى ان (دشمن) کي مڪ هنئين ۽ ان کي ماري وڌائين. موسى (تنهن وقت) فرمايو ته هي سندن وڙهڻ ۽ جهڳڙو (ڪرڻ) شيطاني ڪم هو. بيشڪ اهو گمراھ ڪندڙ پڌرو دشمن آهي.
— سيد فرمان عليقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
(پوءِ خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته: اي منهنجا پالڻهار! مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو (جو هن شهر ۾ آيس) پوءِ تون مون کي (دشمن کان) پوشيده رک! مطلب ته خدا کيس پوشيده رکيو. بيشڪ اهو وڏو ڍڪڻهار نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان عليقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪتو مون تي جيڪو فضل ڪيو تنهن ڪري ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس.
— سيد فرمان عليفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
مطلب ته (رات جيئن تئين گذري) صبح جو ڪجھ اميد ڪجھ خوف جي حالت ۾ موسى شهر ۾ ويو ته ڏٺائين ته اهو ئي شخص جنهن ڪالھ ان کان مدد گهري هئي سو ان کي مدد لاءِ پيو سڏي. موسى ان کي چيو ته بيشڪ تون پڌرو گمراھ آهين.
— سيد فرمان عليفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
نيٺ جڏهن موسى گهريو ته ان شخص تي جيڪو ٻنهي جو دشمن هو (ڇڏائڻ لاءِ) هٿ ڊگهيري ته قبطي چوڻ لڳو ته: اي موسى! جيئن تو ڪالھ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو (تئين) مون کي به مارڻ گهرين ٿو؟ تون رڳو زمين ۾ زبردست ٿيڻ گهرين ٿو ۽ صلح ڪرائڻ وارن مان ٿيڻ نه ٿو گهرين.
— سيد فرمان عليوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
۽ هڪ مرد شهر جي پوئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ (موسى کي) چوڻ لڳو اي موسى (پڪ ڄاڻ ته شهر جا) وڏا وڏا ماڻهو تنهنجي باري ۾ پاڻ ۾ صلاح ڪري رهيا آهن ته تو کي قتل ڪن سو تون (شهر مان) نڪري وڃ! آءُ تنهنجي خير خواهن مان آهيان.
— سيد فرمان علي