027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طس اهي قرآن ۽ کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.
— سيد فرمان عليهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
(اهي) انهن ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ (جنت جي) خوشخبري آهي،
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جي نماز پابنديءَ سان قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت (قيامت) تي به يقين رکن ٿا.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي ڪرتوتن کي (ڄڻ ته) اسان (سندن نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ هي عقل جا انڌا آهن.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اهي اهي آهن جن لاءِ (قيامت ۾) بڇڙو عذاب آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۾ آهن.
— سيد فرمان عليوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ (اي رسول) تو کي ته قرآن هڪ وڏي واقف ڪار حڪيم جي بارگاھ مان عطا ڪيو وڃي ٿو.
— سيد فرمان علياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(اهو واقعو ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي گهر وارن کي چيو ته (مون کٻي پاسي کان) باھ ڏٺي آهي. (جيڪڏهن ٿورو ترسو ته) آءُ اوهان وٽ (اتان جي راھ جي) ڪا خبر آڻيان يا اوهان وٽ باھ جي اماٽي آڻيان ٿو من اوهين پاڻ سيڪيو.
— سيد فرمان عليفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
مطلب ته جڏهن موسى ان باھ وٽ آيو ته آواز آيس ته مبارڪ آهي اهو جو باھ ۾ (تجلي ڏيکاري) ٿو ۽ اهو ئي ان جي آس پاس آهي. ۽ اهو جهانن جو پاليندڙ خدا آهي (جو هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي.
— سيد فرمان علييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسى! آءُ ئي الله غالب حڪمت وارو آهيان.
— سيد فرمان عليوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ (هاءُ) پنهنجي لٺ ته (زمين تي) اڇلائي. پوءِ جڏهن ان کي اهڙي طرح سرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته اهو (وڏو) نانگ آهي ته پٺ ڏيئي مڙيو ۽ نه ترسيو (ته اسان چيس) اي موسى نه ڊڄ! اسان وٽ ته پيغمبر نه ڊڄندا آهن (دلجاءِ هوندي اٿن).
— سيد فرمان علياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
پر جنهن ظلم ڪيو وري برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته آءُ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان.
— سيد فرمان عليوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجهو ته ڪنهن به عيب کانسواءِ سفيد چمڪندو ٿي نڪري (اهي ٻه معجزا) جي نون معجزن مان آهن (جي تو کي ملندا تون) فرعون ۽ سندس قوم ڏي (وڃ) ڇو ته اهي بدڪار ماڻهو آهي.
— سيد فرمان عليفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن وٽين اکين کولڻ وارا معجزا آيا ته چوڻ لڳا، هي ته پڌرو جادو آهي.
— سيد فرمان عليوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ سرڪشيءَ ۾ وڏائيءَ کان انهن معجزن جو انڪار ڪيائون هوڏانهن سندن دلين انهن جو يقين ڪيو هو. پوءِ (اي رسول) ڏس ته (نيٺ) فسادين جي پڇاڙي ڪئين ٿي.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو ۽ ٻنهين (خوش ٿي) چيو، خدا جو شڪر آهي جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ايمان وارن ٻانهن تي فضيلت عطا ڪئي.
— سيد فرمان عليوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ (علم ۽ حڪمت مال متاع منقوله ۽ غير منقوله ۾) سليمان، دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي (دنيا جي) سڀ ڪا شيءَ ڏني ويئي آهي. بيشڪ اهو پڪ (خدا جو) پڌرو فضل ۽ ڪرم آهي.
— سيد فرمان عليوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
پڻ سليمان جي اڳيان سندس لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا ته اهي سڀئي (جدا جدا جنسون) ترتيب ڏيئي بيهاريا ويندا هئا.
— سيد فرمان عليحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
(مطلب ته لشڪر ائين هلندو) ايستائين جو جڏهن (هڪ ڏينهن) ماڪوڙين جي ميدان تي پهتا تڏهن هڪ ماڪوڙيءَ چيو ته اي ڪوليون! اوهين پنهنجي گهرن ۾ گهڙي وڃو! متان سليمان ۽ سندس لشڪر اوهان کي نه لتاڙين ۽ انهن کي خبر نه پوي.
— سيد فرمان عليفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
ته (سليمان) ان جي ڳالھ کان مشڪي کلي ويٺو ۽ چيائين اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪريان جا مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي اٿئي ۽ چڱو ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين ۽ مون کي پنهنجيءَ خاص رحمت سان پنهنجن نيڪ بندن ۾ داخل ڪر.
— سيد فرمان عليوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ سليمان پکين (جي لشڪر) جي حاضري ورتي ته چوڻ لڳو ته ڇا ڳالھ آهي! جو آءُ هدهد کي (پنهنجي جاءِ تي) نه ٿو ڏسان يا هو غائب ٿي ويو آهي!
— سيد فرمان علي