025 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 77 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِهٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَا 1ۙ
(خدا) وڏو بابرڪت آهي جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي قرآن نازل ڪيو. هن لاءِ ته ساري جهان وارن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي.
— سيد فرمان عليۨالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَّلَمْ يَكُنْ لَّهُ شَرِيْكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِيْرًا 2
جنهن (خدا) جي آسمانن ۽ زمين تي حڪومت آهي. ۽ هن (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ٺهرايو اٿس ۽ نه ڪي حڪومت ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ هر شيءَ کي ان پيدا ڪيو آهي پوءِ تنهن کي اندازي سان درست ڪيو اٿس.
— سيد فرمان عليوَاتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً لَّا يَـخْلُقُوْنَ شَـيْـــــًٔا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ وَلَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّلَا نَفْعًا وَّلَا يَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّلَا حَيٰوةً وَّلَا نُشُوْرًا 3
۽ ماڻهن ان کان سواءِ اهڙا معبود بنايا آهن جي ڪجھ به نٿا پيدا ڪري سگهن پر اهي پاڻ ٻئي جا پيدا ڪيل آهن ۽ نه اهي پاڻ کي ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه مرڻ ۽ جيئري رهڻ ۽ نه ٻيهر جيئري ٿي اٿڻ جو.
— سيد فرمان عليوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ٓ اِنْ ھٰذَآ اِلَّآ اِفْكُ ۨافْتَرٰىهُ وَاَعَانَهٗ عَلَيْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ ڔ فَقَدْ جَاۗءُوْ ظُلْمًا وَّزُوْرًا ڔ 4
۽ جيڪي ڪافر ٿيا چوڻ لڳا ته هي (قرآن) رڳو ڪوڙ آهي جو هن (رسول) پاڻ ٺاهيو اٿس ۽ ان لاءِ ٻين ماڻهن به مدد ڏني اٿس، ته بيشڪ خود انهن ماڻهن ئي ظلم ۽ فريب ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْٓا اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلٰى عَلَيْهِ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 5
پڻ (هي به) چيائون ته (اهي) اڳين جون آکاڻيون آهن جيڪي لکائي رکيون اٿس پوءِ اهي ان وٽ صبح ۽ شام جو پڙهيون وڃن ٿيون.
— سيد فرمان عليقُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِيْ يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 6
(اي رسول) کين چئو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجھ کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْا مَالِ ھٰذَا الرَّسُوْلِ يَاْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِيْ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ لَوْلَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِيْرًا 7
پڻ انهن ماڻهن (هي به) چيو ته هي ڪهڙو رسول آهي، جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ گهمي ڦري ٿو! ان وٽ ڪو فرشتو ڇو نه نازل ٿيو ته اهو به ان سان گڏ (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي ها.
— سيد فرمان علياَوْ يُلْقٰٓى اِلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ يَّاْكُلُ مِنْهَا ۭ وَقَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا 8
يا (گهٽ ۾ گهٽ) ان ڏي خزانو ئي (آسمان مان) اڇلايو وڃي ها، يا (ٻيو نه ته) ان وٽ ڪو باغ هجي ها جنهن مان کائي پئي ها. ۽ اهي ظالم (ڪافر، مومنن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙن شخصن جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيو ويو آهي.
— سيد فرمان علياُنْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَ سَبِيْلًا 9ۧ
(اي پيغمبر!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ٺاهين ٿا ۽ گمراھ ٿي ويا، ته هاڻي اهي ماڻهو ڪنهين صورت ۾ سڌي رستي تي نه ايندا.
— سيد فرمان عليتَبٰرَكَ الَّذِيْٓ اِنْ شَاۗءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ وَيَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا 10
خدا ته اهڙو بابرڪت آهي جو جيڪڏهن گهري ته (هڪ باغ ڇا آهي؟) ان کان سٺا ڪيئي اهڙا باغ پيدا ڪري جن جي هيٺان واھ وهندا هجن ۽ تنهنجي لاءِ محلات بنائي.
— سيد فرمان عليبَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ ۣ وَاَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيْرًا ۚ11
پر (سچ هي آهي ته) انهن قيامت کي ئي ڪوڙ سمجهيو آهي ۽ جنهن شخص قيامت کي ڪوڙ ڄاتو تنهن لاءِ اسان جهنم کي (ٻاري) تيار ڪري رکيو آهي.
— سيد فرمان علياِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۢ بَعِيْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَيُّظًا وَّزَفِيْرًا 12
ته جڏهن انهن ماڻهن کي جهنم پري کان ڏسندو ته (جوش ۾ ايندو) اهي سندس ڪاوڙ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا.
— سيد فرمان عليوَاِذَآ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِيْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًا ۭ13
۽ جڏهن کين دوزخ جي تنگ جاءِ ۾ زنجيرن سان جڪڙي اڇلايو ويندو ته اتي موت کي سڏيندا.
— سيد فرمان عليلَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِيْرًا 14
(تڏهن کين چيو ويندو ته) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو (پر ورندن ڪجھ به نه).
— سيد فرمان عليقُلْ اَذٰلِكَ خَيْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاۗءً وَّمَصِيْرًا 15
(اي رسول! کين) چئو ته ڇا اهو (دوزخ) چڱو آهي يا هميشه رهڻ جو باغ بهشت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي جو اهو سندن (نيڪ ڪمن) جو بدلو آهي ۽ آخري رهڻ جي جاءِ.
— سيد فرمان عليلَهُمْ فِيْهَا مَا يَشَاۗءُوْنَ خٰلِدِيْنَ ۭ كَانَ عَلٰي رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔـوْلًا 16
(اتي) رهندي جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ اتي هميشه موجود آهي. (اتي هڪ حال ۾ رهندا) اهو هڪ (لازمي ۽) گهريل وعدو تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي.
— سيد فرمان عليوَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَيَقُوْلُ ءَ اَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِيْ هٰٓؤُلَاۗءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيْلَ ۭ17
۽ جنهن ڏينهن انهن ماڻهن کي ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪن ٿا (تن کي) گڏ ڪندو ۽ پڇندو ته ڇا اوهان منهنجن هنن بندن کي گمراھ ڪيو هو يا اهي پاڻ سڌي رستي کان گمراھ ٿيا هئا؟
— سيد فرمان عليقَالُوْا سُـبْحٰنَكَ مَا كَانَ يَنْۢبَغِيْ لَنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ وَلٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَاٰبَاۗءَهُمْ حَتّٰي نَسُوا الذِّكْرَ ۚ وَكَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا 18
(انهن جا معبود) عرض ڪندا، سبحان الله (اسين ته خود تنهنجا بندا آهيون) اسان کي مناسب نه هو ته اسين تو کان سواءِ ٻيا ڪي سرپرست بنايون، پر ڳالھ هي آهي ته تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي (آسودو ڪيو تان جو انهن تنهنجي) ياد گيري وساري ڇڏي ۽ اهي پنهنجو پاڻ بربراد ٿيڻ وارا هئا.
— سيد فرمان عليفَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِـمَا تَقُوْلُوْنَ ۙ فَـمَا تَسْتَطِيْعُوْنَ صَرْفًا وَّلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيْرًا 19
تڏهن (ڪافرن کي چيو ويندو ته) اوهين جيڪي چئو ٿا تنهن ۾ اهي معبود اوهان کي ڪوڙو ڪري چڪا، ته هاڻي اوهين نه (پاڻ تان عذاب کي) ٽاري سگهو ٿا نه ڪنهين کان مدد وٺي سگهو ٿا ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جو ظلم ڪندو اسين تنهن کي تمام (وڏي) عذاب (جو مزو) چکائينداسون.
— سيد فرمان عليوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ اِلَّآ اِنَّهُمْ لَيَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَيَمْشُوْنَ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً ۭ اَتَصْبِرُوْنَ ۚ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيْرًا ۧ20
۽ (اي رسول) تو کان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا هئا، ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش (جو ذريعو) بنايو آهي. (مسلمانو) ته ڇا اوهين هاڻي به صبر ڪيو ٿا (يا نه!) ۽ اوهان جو پروردگار (سڀ ڪنهن جي) سار سنڀال ڪري رهيو آهي.
— سيد فرمان علي