024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا (حڪم) فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون آيتون نازل ڪيون اٿئون ته جيئن اوهين (غور ڪري) سبق حاصل ڪريو.
— سيد فرمان علياَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد، سو ٻنهين مان هر هڪ کي سو لڪڻ هڻو ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا ته خدا جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ اوهان کي مٿن ڪجھ به ترس يا لحاظ نه ڪرڻ گهرجي پڻ انهن ٻنهين جي سزا جي وقت مومنن جي هڪ جماعت موجود هئڻ گهرجي.
— سيد فرمان علياَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
زنا ڪرڻ وارو مرد، زنا ڪرڻ واري زال يا مشرڪه زال سان نڪاح ڪندو پڻ زنا ڪرڻ واري زال به زنا ڪرڻ واري مرد يا مشرڪ سان ڪندي. ۽ سچن ايماندارن تي ته ان قسم جا تعلقات حرام آهن.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت هڻن ۽ وري (پنهنجي ڳالھ جا) چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اسي لڪڻ هڻو ۽ (اڳتي) انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ (ياد رکو ته) اهي ماڻهو پاڻ بدڪار آهن.
— سيد فرمان علياِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پر هاءُ! جن شخصن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريائون ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجين زالن تي (زنا جو) عيب لڳائين ۽ (ان جي ثابتيءَ ۾) انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به شاهد نه هجي ته اهڙن ماڻهن مان هڪ جي شاهدي چار ڀيرا (هن طرح) هوندي جو اهو ماڻهو (ڀيري ڀيري سان) خدا جو قسم کائي ڳالھ ڪري ۽ اهو (پنهنجي دعوى ۾) ضرور سچو آهي.
— سيد فرمان عليوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجين ڀيري هئين (چوندو) ته جيڪڏهن اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ان تي خدا جي لعنت آهي.
— سيد فرمان عليوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ عورت (جي سر) تان هن ريت سزا ٽري سگهي ٿي جو اها چار دفعا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي ماڻهو (سندس مڙس دعوى ۾) پڪ ڪوڙو آهي
— سيد فرمان عليوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجين دفعي چوي ته جيڪڏهن هي ماڻهو (پنهنجي دعوى ۾) سچو آهي ته مون تي خدا جو غضب پوي.
— سيد فرمان عليوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته (تون ڏسين ها ته تهمت لڳائڻ وارن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي) ۽ بيشڪ خدا وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو حڪيم آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
بيشڪ جن ماڻهن ڪوڙي تهمت هنئين اهو توهان مان ئي هڪ جماعت آهي. اوهين پنهنجي لاءِ ان تهمت کي برو نه سمجهو پر اها اوهان جي حق ۾ چڱي آهي. انهن مان جنهن شخص جيترو به گناھ ڪيو سو پنهنجي (سزا) کي پاڻ ڀوڳيندو ۽ انهن مان جنهن شخص ان تهمت جو وڏو حصو (پاڻ تي) کنيو تنهن جي لاءِ تمام (سخت) سزا هوندي.
— سيد فرمان عليلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
۽ جڏهن اوهان ماڻهن ان کي ٻڌو ته تنهن وقت (ئي) مومن مردن ۽ مومن عورتن پنهنجن ماڻهن ۾ نيڪيءَ جو گمان ڇو ڪين ڪيو ۽ هينئن ڇو نه چيائون ته هي ته ظاهر (ظهور) تهمت آهي.
— سيد فرمان عليلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
۽ جن ماڻهن تهمت هنئين هئي تن پنهنجي سچائي جي ثبوت لاءِ چار شاهد ڇو ڪين پيش ڪيا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد پيش نه ڪيا ته خدا وٽ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.
— سيد فرمان عليوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
۽ جيڪڏهن اوهان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ خدا جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالھ جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي تمام (سخت) عذاب اچي وٺي.
— سيد فرمان علياِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
جنهن وقت اوهان ان ڳالھ کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي وات سان اها ڳالھ چئي جنهن جو اوهان کي علم ۽ يقين نه هو ۽ (وڏي ڳالھ ته) اوهان ان کي سولو ٿي سمجهيو پر خدا وٽ اها ڳالھ تمام وڏي (سخت ڳالھ) هئي.
— سيد فرمان عليوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
۽ جڏهن اوهان اهاڳالھ ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالھ ڪرڻ مناسب نه آهي. سبحان الله! هي وڏو بهتان آهي.
— سيد فرمان علييَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
خدا توهان کي نصيحت ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته ياد رکو! وري ڪڏهن به ائين نه ڪجو.
— سيد فرمان عليوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
۽ خدا اوهان سان (پنهنجا) حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ۽ خدا ته وڏو ڄاڻڻهار حڪيم آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي تهمت پڪڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا (۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ خدا (اصل حال کي) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.
— سيد فرمان عليوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها. ۽ هيءَ ڳالھ به ته خدا (پنهنجي بندن تي) شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته توهين ڏسو ها ڇا ٿئي ها).
— سيد فرمان علي