022 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1
اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) قيامت جو زلزلو (ڪا معمولي ڳالھ نه آهي) هڪ تمام (سخت) شيءِ آهي.
— سيد فرمان علييَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2
جنهن ڏينهن اوهين ان کي ڏسندو ته هر کير پيارڻ واري (دهشت کان) پنهنجي کير پياڪ (ٻار) کي وساري ڇڏينديءَ سڀ پيٽ واريون زالون (خوف کان) پنهنجا پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. پڻ (گهٻراهٽ ۾ ماڻهو تو کي متوالا معلوم ٿيندا هوڏانهن اهي نشي وارا نه هوندا، پر الله جو عذاب تمام سخت آهي (جو ماڻهو بدحواس ٿيا آهن).
— سيد فرمان عليوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3ۙ
۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي بنا سمجھ جي خدا جي باري ۾ (خواھ مخواھ) وڙهن ٿا ۽ سڀ ڪنهن سرڪش شيطان جي پٺيان هلن ٿا.
— سيد فرمان عليكُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4
جنهن (شيطان) جي باري ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ته جيڪو ساڻس دوستي رکندو تنهن کي هو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب تائين پهچائيندو.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5
اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ ڪنهن ۾ قسم جو شڪ آهي ته بيشڪ اسان اوهان کي (اول) مٽيءَ مان تنهن کان پوءِ نطفي مان وري ڄميل رت مان، وري گوشت جي ٻوٽيءَ جي صورت ڏنل ۽ اڻ صورت ڏنل مان پيدا ڪيو ته اوهان تي (پنهنجي قدرت) ظاهر ڪريون. (ته پوءِ اوهان جو ٻيهر جيئرو ڪري اٿارڻ ڪهڙي وڏي ڳالھ آهي) ۽ اسان زالن جي پيٽ ۾ جنهن (نطفي) کي گهرون ٿا، هڪ مقرر ڪيل مدت تائين ترسايون ٿا وري اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ڪڍون ٿا، وري پاليون ٿا هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني جي زور کي پهچو. ۽ اوهان مان ڪي ته اهڙا آهن جي (پوڙهائپ کان اڳ) مرن ٿا ۽ اوهان مان ڪنهن کي نڪميءَ عمر (ٻڍاپڻ) ڏي ڦيريو وڃي ٿو ته، هن لاءِ ته ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھ به نه ڄاڻي. ۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ سڀ ڪنهن رونق واريءَ جنس جون شيون پيدا ڪري ٿي.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6ۙ
اهي (قدرت جا ڪرشما) هن ڪري (ڏيکاريا وڃن ٿا ته جيئن سمجهو) ته بيشڪ خدا برحق آهي پڻ (هي به) ته بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياري ٿو ۽ يقينا اهو ئي سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7
۽ يقينا قيامت اچڻ واري آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ بيشڪ جي ماڻهو قبرن ۾ آهن تن کي خدا ٻيهر جياريندو.
— سيد فرمان عليوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8ۙ
۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جي خدا جي باري ۾ سواءِ ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب (جو کين راھ ڏسي) خدا جي آيتن کان منهن موڙي (خواھ مخواھ) خدا جي باري ۾ لڙڻ (مرڻ) تي تيار آهن.
— سيد فرمان عليثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9
هن لاءِ ته (ماڻهن کي) خدا جي راءِ کان ٿيڙين. اهڙي (نابڪار) جي لاءِ دنيا ۾ (به) خواري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن (به) اسين ان کي دوزخ جي عذاب (جو مزو) چکائينداسون.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۧ10
(۽ ان وقت کين چونداسون ته) اها سزا انهن ڪرتوتن جي آهي جن کي تنهنجن هٿن اڳ ئي ڪيو هو ۽ بيشڪ خدا بندن تي ڪڏهن به ظلم نٿو ڪري.
— سيد فرمان عليوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 11
۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو هڪ ڪناري تي (بيهي) الله جي عبادت ڪري ٿو پوءِ جيڪڏهن کيس ڪو فائدو پهچي ٿو ته ان سان فرحت ٿيس. پر جيڪڏهن مٿس ڪا تڪليف پهتي ته (يڪدم) منهن موڙي (ڪفر ڏي ڀڳو) ان دنيا ۽ آخرت (ٻنهي ۾) نقصان ڪيو اهو ئي ظاهر نقصان آهي.
— سيد فرمان علييَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۚ12
خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شيءِ کي (حاجت وقت) سڏي ٿو جا نه ان کي نقصان ئي پهچائي سگهي ٿي ۽ ان کي نه فائدو پهچائي سگهي ٿي. اها ئي ته حد درجي جي گمراهي آهي.
— سيد فرمان علييَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ 13
۽ ان کي (حاجت روائي لاءِ) سڏي ٿو جنهن جو نقصان ان جي فائدي کان وڌيڪ ويجهو آهي. بيشڪ اهڙو مالڪ به بڇڙو ۽ اهڙو رفيق به برو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ 14
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (تن کي) خدا اهڙن باغن ۾ آڻي داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. بيشڪ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.
— سيد فرمان عليمَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ 15
جيڪو (غصي ۾) هي گمان ڪري ٿو ته خدا دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد نه ڪندو سو آسمان تائين هڪ رسي ڇڪي پوءِ وڍي ڇڏي (ته گهٽي مري وڃي) پوءِ ڏسي ته جا ڳالھ کيس ڪاوڙ ڏياري ٿي تنهن کي سندس تدبير پري ڪري ٿي (يا نه!).
— سيد فرمان عليوَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ 16
۽ اهڙي طرح اسان (قرآن) کي کليل ۽ روش (بڻائي) نازل ڪيو ۽ بيشڪ خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي هدايت ڪري ٿو.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 17
ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ايمان آندو (مسلمان) ۽ يهودي ۽ لامذهب ماڻهو ۽ عيسائي ۽ مجوسي (آتش پرست) ۽ مشرڪ (ڪافر) خدا تن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن (پورو پورو) فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کي ڏسي رهيو آهي.
— سيد فرمان علياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ 18
ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ (ٽڻ) ۽ جانور ڪيترائي ماڻهو خدا کي سجدو ڪن ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا به آهن جن تي (نافرماني سبب) عذاب (جو اچڻ) لازم ٿي چڪو آهي. ۽ جنهن کي خدا خوار ڪري تنهن کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي. بيشڪ خدا جو چاهي ٿو سو ڪري ٿو.
— سيد فرمان عليھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ۚ19
هي اهي (مومن، ڪافر) ٻه جماعتون پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن جي پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ پاڻ ۾ وڙهن ٿا پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا تيار ڪيا آهن. (اهي کين پهرايا ويندا) ۽ انهن جي مٿن تي (ٽهڪندڙ) گرم پاڻي وڌو ويندو.
— سيد فرمان علييُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ۭ20
جنهن (جي گرميءَ) سان جو ڪجھ سندن پيٽ ۾ هوندو (آنڊا بڪيون وغيره) ۽ کلون ڳري وينديون.
— سيد فرمان علي