021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
ماڻهن لاءِ سندن حساب (جو وقت) ويجهو ٿيو آهي، ۽ هي اهي آهن جي غفلت ۾ پئجي منهن موڙيندڙ آهن.
— سيد فرمان عليمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
جڏهن سندن پروردگار جي طرفان وٽن ڪو نئون حڪم اچي ٿو ته رڳو ڪن لاءِ ٻڌن ٿا ۽ (پوءِ ان کي راند) ٿا ڄاڻن.
— سيد فرمان عليلَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
سندن دليون (آخرت جي خيال کان) بلڪل بي خبر آهن ۽ اهي ظالم آهستي آهستي ڪن ۾ سس پس ڪن ٿا ته هي شخص (محمد) ڪا شيءِ نه آهي رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي. ته ڇا پوءِ اوهين ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا.
— سيد فرمان عليقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
(تنهن تي رسول) چيو ته منهنجو پروردگار ڪا به ڳالھ جا آسمان ۽ زمين ۾ ٿئي ٿي، تنهن کي ڄاڻي ٿو. (پوءِ ڇو ڪنن ۾ ڳالهيون ڪريو ٿا؟) ۽ هو ته وڏو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.
— سيد فرمان عليبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
(تڏهن به اهي منڪر نه مڙيا) پر چوڻ لڳا (هي قرآن ته) پريشان خوابن جو مجموعه آهي. ۽ هن خود پنهنجي من سان ڪوڙ بدوڙ ٺاهيو آهي (پر جيڪڏهن سچو سچو رسول آهي ته) جيئن اڳيان رسول (معجزن سان) موڪليا ويا هئا تئين هي به ڪو معجزو (جهڙو اسان چئون) اسان ڏي آڻي ته سهي.
— سيد فرمان عليمَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
انهن کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ جنهن کي اسان تباھ ڪيو (معجزا ڏسي ڪري به ته) ايمان نه آندو، ته ڇا ايمان آڻيندا؟
— سيد فرمان عليوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ به آدمين کي ئي (رسول بنائي) موڪليو هو جو انهن ڏي وحي موڪليندا هئاسون ته جيڪڏهن اوهين پاڻ نه ٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر کان پڇيو.
— سيد فرمان عليوَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ اسان انهن (رسولن) جا جسم اهڙا (ته) نه بڻايا هئا جو کاڌو نه کائين ها ۽ نه اهي (دنيا ۾) هميشه رهڻ سهڻ وارا ئي هئا.
— سيد فرمان عليثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
پوءِ اسان کين (پنهنجي عذاب جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو (۽ جڏهن عذاب اچي پهتو ته) اسان انهن نبين کي ۽ جنهن جنهن کي اسان گهريو تن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگهدڙن کي تباھ ڪيوسين.
— سيد فرمان عليلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
اسان ته اوهان ماڻهن ڏي اهو ڪتاب (قرآن) موڪليو آهي جنهن ۾ اوهان جو (به) ذڪر (خير) آهي. ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو.
— سيد فرمان عليوَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ اسان ڪيترن ئي ڳوٺن کي جن جي رهڻ وارا سرڪش هئا برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين ماڻهن کي پيدا ڪيوسون.
— سيد فرمان عليفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
ته جڏهن انهن ماڻهن اسان جي عذاب جي آهٽ ٻڌي ته ان ئي وقت اهي ان کان ڀڄڻ لڳا.
— سيد فرمان عليلَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
(اسان چين ته) ڀڄو نه! ۽ ان (ڳوٺ ۾) جتي اوهين آسودا هئا تتي ۽ (پنهنجي) گهرن ڏي موٽو ته جيئن اوهان کان سوال جواب پڇيا وڃن.
— سيد فرمان عليقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
اهي چوڻ لڳا ته هاڻي اسان لاءِ وڏي خرابي آهي بيشڪ اسين ظالم ته ضرور جيئن هئاسون.
— سيد فرمان عليفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
مطلب ته سندن اها ئي فرياد رهي تان جو کين لڻيل (پوک) وسائي ٿڌو ڪري ڍير ڪيوسون.
— سيد فرمان عليوَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي بيڪار نه پيدا ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليلَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
جيڪڏهن اسان ڪو کيل بڻائڻ گهرون ها ته ضرور اسان ان کي پنهنجي تجويز سان بنايون ها جيڪڏهن اسان گهرون ها (پر اسان جي شان وٽان نه هو).
— سيد فرمان عليبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
پر اسين ته سچ کي ڪوڙ (جي سر تي) اڇلايون ٿا ته اهو ڪوڙ جو چيٿاري ڇڏي ٿو. پوءِ ان ئي وقت اهو ميٽجي ٿو وڃي. ۽ اوهان تي افسوس آهي جو اهڙيون (بي بنياد) ڳالهيون ٺاهيو ٿا.
— سيد فرمان عليوَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
هوڏانهن جي (فرشتا) آسمان ۽ زمين ۾ آهن سي (سڀ) سندس (بندا) آهن. ۽ جي (فرشتا) سندس سرڪار ۾ آهن نه ته اهي سندس عبادت ڪرڻ کان آڪڙجن ٿا ۽ نه ڪي ٿڪجن ٿا.
— سيد فرمان علييُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
رات ۽ ڏينهن سندن پاڪائي بيان ڪن ٿا. (۽) ڪڏهن سست نه ٿا ٿين.
— سيد فرمان علي