020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
طٰهٰ 1ۚ
(اي) طه (رسول الله)
— سيد فرمان عليمَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون ايڏيءَ تڪليف ۾ پوين.
— سيد فرمان علياِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
پر جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو تنهن جي نصيحت لاءِ.
— سيد فرمان عليتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
ان جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.
— سيد فرمان علياَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
اهو رحمان آهي جيڪو عرش تي (حڪمراني جي لاءِ) قائم آهي.
— سيد فرمان عليلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي زمين جي هيٺان آهي سو (سڀ) سندس (ئي) آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ جيڪڏهن تون ڏاڍيان ڳالھ ڪندين (توڙي آهستي تڏهن به) هو ڳجھ کي ۽ ان کان به لڪل ڳالھ کي ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. سندس سٺا (سٺا) نالا آهن.
— سيد فرمان عليوَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
۽ (اي پيغمبر) ڇا تو کي موسى جي خبر پهتي آهي؟
— سيد فرمان علياِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
ته جڏهن ان پري کان باھ ڏٺي ته پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته اوهين هتي ترسو مون باھ ڏٺي آهي.من ان مان ڪا چڻنگ اوهان وٽ کڻي اچان يا ته باھ وٽ (وڃڻ سان) مون کي رستي جو پتو پوي.
— سيد فرمان عليفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن باھ وٽ آيو ته ان کي سڏ ٿيو ته اي موسى!
— سيد فرمان علياِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
آءُ ئي تنهنجو پروردگار آهيان! تون پنهنجيون ٻئي جوتيون لاھ! ڇو ته تون (هن وقت) طوى (نالي) هڪ پاڪ پاڪيزه وادي ميدان ۾ آهين.
— سيد فرمان عليوَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ مون تو کي (پيغمبريءَ جي لاءِ) پسند ڪيو آهي پوءِ (تو ڏي) جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو سو (چڱي طرح) ٻڌندو رھ!
— سيد فرمان علياِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
بيشڪ آءُ ئي الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر!
— سيد فرمان علياِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
ڇو ته قيامت ضرور اچڻ واري آهي ۽ آءُ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو ته جيئن هر شخص (ان جي خوف کان نيڪي ڪري) ۽ جهڙي ڪوشش ڪئي اٿس تنهن جو بدلو کيس ڏنو وڃي.
— سيد فرمان عليفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
پوءِ جيڪو ان (قيامت) کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو پيو آهي سو تو کي متان ان (جي مڃڻ) کان روڪي ته تون تباھ ٿي ويندين.
— سيد فرمان عليوَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ اي موسى تنهنجي سڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟
— سيد فرمان عليقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
چيائين ته اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو، ۽ ان سان پنهنجين ٻڪرين لاءِ (وڻنجا پن) ڇاڻيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجا ٻيا ڪم به آهن.
— سيد فرمان عليقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
خدا فرمايو، اي موسى! ان کي زمين تي ته ڦٽو ڪر!
— سيد فرمان عليفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
موسى ان کي اڇليو پوءِ ان ئي وقت اها هڪ ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيئي.
— سيد فرمان علي