002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗ 1ۚ
الم
— سيد فرمان عليذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هي اهو ئي (خدا جو) ڪتاب آهي (جنهن جي اوهان کي خبر آهي) هن ۾ (ڪنهن قسم جي) شڪ ۽ گمان جي جاءِ نه آهي. هي پرهيزگارن جو رهنما آهي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ جيڪي تو تي (اي رسول) نازل ڪيو ويو آهي ۽ پڻ تو کان اڳ نازل ڪيو ويو آهي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي ئي آخرت جو به يقين رکن ٿا.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي.
— سيد فرمان عليخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
خدا سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر (نشاني) هنئي آهي ته اهي ايمان نه آڻيندا ۽ سندن اکين تي پردو (پيل) آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
— سيد فرمان عليوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي (زبان سان ته) چون ٿا ته اسان خدا تي ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن.
— سيد فرمان علييُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اهي خدا ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. در اصل اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالھ کي) نٿا سمجهن.
— سيد فرمان عليفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
سندن دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي پوءِ خدا انهن جي بيماري وڌائي. ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو (اهي) سدائين ڪوڙ ڳالهائيندڙ رهيا آهن.
— سيد فرمان عليوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ وڳوڙ نه وجهو ته چون ٿا اسين سڌارو ڪندڙ ئي آهيون.
— سيد فرمان علياَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
هوشيار رهو! اهي ئي فسادي آهن پر (اهي ان راز کي) نٿا ڄاڻن.
— سيد فرمان عليوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چون ٿاته ڇا اسين ائين ئي ايمان آڻيون جيئن ٻين بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو! اهي ئي بيوقوف آهن پر نٿا سمجهن.
— سيد فرمان عليوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏهن (اهي منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته کين چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) پنهنجي شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان ساڻ آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) کل مسخري ڪندا آهيون.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
(اهي ڇا کل مسخري ڪندا) خدا (خود) انهن سان کلون ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڍر ڏئي ٿو ۽ حالت هي آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
هي اهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار فائدو ڏنو ۽ نڪي انهن هدايت ئي حاصل ڪئي.
— سيد فرمان عليمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي، جنهن (رات جي وقت مجمع ۾) باھ ٻاري پوءِ جڏهن باھ ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته خدا سندن روشني کي گم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو نٿا ڏسن.
— سيد فرمان عليۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
(اهي) ٻوڙا آهن، گونگا آهن (۽) انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا.
— سيد فرمان علياَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ ڳوڙ ۽ وڄ هجي. اهي گجگوڙ جي ڪري موت جي خوف کان پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ خدا ڪافرن کي (چوڌاري) گهيرو ڪندڙ آهي.
— سيد فرمان علييَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
وڄ سندن نگاھ کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان جي (روشني ) ۾ هلڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن (وري) مٿن اوندھ ٿئي ٿي ته (گهٻرائجي) بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي ڇڏين ها. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءَءَ تي قدرت رکندڙ آهي.
— سيد فرمان علي