019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪهيعص
— سيد فرمان عليذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
هي تنهنجي پروردگار جي رحمت جو بيان آهي جا (خدا) پنهنجي خاص بندي زڪريا تي ڪئي هئي.
— سيد فرمان علياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳجهيءَ طرح سڏيو.
— سيد فرمان عليقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
(۽) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! منهنجا هڏ، ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ مٿي جو ٻڍائڻ چمڪيو آهي (اڇو ٿي ويو) ۽ اي منهنجا پالڻهار! آءُ تنهنجي بارگاھ ۾ دعا ڪندي (ڪڏهين به) محروم نٿو آهيان.
— سيد فرمان عليوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ آءُ پاڻ (مرڻ بعد) پنهنجي وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال (ام ڪلثوم بنت عمران) سنڍ آهي، سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر.
— سيد فرمان علييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پروردگار! پسند ڪيل بناءِ
— سيد فرمان علييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
خدا فرمايو اي زڪريا! اسين تو کي هڪ نينگر جي خوش خبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحيى هوندو. (۽) هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
زڪريا عرض ڪيو: يا خدا! (ڀلا) مون کي ڪئين ڇوڪرو ٿيندو جڏهن منهنجي زال سنڍ آهي ۽ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان.
— سيد فرمان عليقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
(خدا) فرمايو ته، ائين ئي ٿيندو تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته اها ڳالھ اسان لاءِ (ڪا ڏکي نه آهي پر بلڪل) آسان آهي. (۽) تون پاڻ ڏي ته خيال ڪر جو هن کان اڳ تو کي پيدا ڪيوسين (جڏهن) تون ڪجھ به نه هئين.
— سيد فرمان عليقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
زڪريا عرض ڪيو خداوندا! منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! حڪم ٿيو، تنهن جي نشاني هي آهي ته تون برابر ٽي راتيون (۽ ڏينهن) ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين.
— سيد فرمان عليفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ پنهنجي قوم ڏي (عبادت جي) محراب مان (کين هدايت ڏيڻ لاءِ) نڪتو ته کين اشاري سان چيائين صبح ۽ شام (ساندھ) ان جي تسبيح (۽ تقديس) ڪندا رهو.
— سيد فرمان علييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
(آخر يحيى پيدا ٿيو ته اسان کين چيو ته) اي يحيى ڪتاب (تورات) مضبوطي سان وٺ! ۽ اسان کيس ننڍ پڻ ۾ ئي حڪم (نبوت) عطا ڪئي.
— سيد فرمان عليوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ رحم دلي ۽ پاڪيزگيءَ عطا فرمائي ۽ اهو پاڻ به پرهيزگار،
— سيد فرمان عليوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو.
— سيد فرمان عليوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
۽ (اسان جي طرفان) مٿس هميشه سلام آهي، جنهن ڏينهن پيدا ٿيو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن (ٻيو ڀيرو) جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.
— سيد فرمان عليوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ (اي رسول!) قرآن ۾ مريم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. جو جڏهن اها پنهنجن ماڻهن کان پاسي، اڀرندي واري جاءِ ۾ (وهنجڻ لاءِ) وڃي ويٺي.
— سيد فرمان عليفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين. ته اسان ان ڏي پنهنجو روح (جبرائيل) کي موڪليو ته اهو ان جي اڳيان سهي سالم ماڻهو جي صورت ۾ اچي بيٺو.
— سيد فرمان عليقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
(اها ان کي ڏسي گهبرائجي وئي ۽ کيس) چيائين: جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين ته آءُ تو کان خدا جي پناھ گهران ٿي. (مون کان ٽري وڃ!).
— سيد فرمان عليقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
(جبرائيل) چيس ته آءُ تنهنجي پالڻهار جو موڪليل (فرشتو) آهيان ته تو کي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان.
— سيد فرمان عليقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
(مريم) چيس ته مون کي ڇوڪرو ڪئين ٿيندو! هوڏانهن مون کي ڪنهن (مرد) آدمي هٿ به لاتو آهي ۽ نه آءُ بدڪار آهيان.
— سيد فرمان علي