018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪجھ به ور وڪڙ نه رکيو اٿس.
— سيد فرمان عليقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
(پر) ان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن خدا جي بارگاھ مان جيڪو سخت عذاب ڪافرن تي نازل ٿيڻ وارو آهي تنهن کان ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ جن مومنن چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ تمام سٺو اجر (۽ ثواب) موجود آهي.
— سيد فرمان عليمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جنهن ۾ اهي سدائين (آرام ۽ مزي سان) رهندا.
— سيد فرمان عليوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ جي ماڻهو هن ڳالھ جا قائل آهن ته خدا کي اولاد آهي تن کي (عذاب کان) ڊيڄاري.
— سيد فرمان عليمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
نڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر هئي. (اها) تمام سخت ڳالھ آهي جا سندن وات مان نڪري ٿي اهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا.
— سيد فرمان عليفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو هن ڳالھ کي نه مڃين ته تون افسوس ڪندي انهن جي پٺيان پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيندين.
— سيد فرمان علياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
جيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهن جو عمل سڀني کان وڌيڪ چڱو آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين (هڪ نه هڪ ڏينهن برباد ڪري) ويران ميدان ڪنداسون.
— سيد فرمان علياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
(اي رسول) ڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته اصحاب ڪهف ۽ رقيم (غار ۽ تختيءَ وارا) اسان جي (قدرت جي) نشانين مان هڪ عجيب نشاني هئا.
— سيد فرمان علياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن اهي جوان غار ۾ اچي پهتا، ۽ دعا گهريائون ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي پنهنجي بارگاھ مان رحمت عطا فرمائي! ۽ اسان جي لاءِ اسان جي ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪر!
— سيد فرمان عليفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
تڏهن اسان غار ۾ سندن ڪنن تي ڪيترن ئي ورهين تائين پردا وجهي ڇڏيا (کين سمهاري ڇڏيوسون)
— سيد فرمان عليثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ اسان کين اٿاريو ته جيئن ڏسون ته جا مدت اهي (غار ۾ رهيا) سا ٻنهي گروهن مان ڪنهن ياد رکي.
— سيد فرمان علينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
(اي رسول! هاڻي) اسين تو کي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪي جوان هئا جن پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو ۽ اسان سندن سوچ زياده ڪئي.
— سيد فرمان عليوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان سندن دليون (صبر استقلال سان) مضبوط ڪيون (جو جڏهن دقيانوس بادشاھ کين ڪفر ڪرڻ تي لاچار ڪيو ته اٿي کڙا ٿيا ۽ (يڪدم) چوڻ لڳا: اسان جو پروردگار ته رڳو سڀني آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ئي آهي اسين ته ان کان سواءِ ڪنهن معبود جي هرگز عبادت نه ڪنداسون جيڪڏهن ائين ڪريون ته پڪ اسان عقل کان پري ڳالھ چئي.
— سيد فرمان عليهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
(افسوس هڪ) هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن خدا کي ڇڏي (ٻيا) معبود بنايا آهن. (ته پوءِ) اهي ماڻهو انهن (جي معبود هجڻ) جو ڪوئي ظاهر دليل ڇو نٿا آڻين؟ ۽ جو شخص خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟
— سيد فرمان عليوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ (پوءِ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (فلاڻي) غار ۾ وڃي وهو ته اوهان جو پالڻهار اوهان تي پنهنجي رحمت وڌائيندو ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان جي لاءِ آسانيءَ جو سامان پيدا ڪندو.
— سيد فرمان عليوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
(مطلب ته اهو سوچي غار ۾ پهتا ته) جڏهن سج نڪري ٿو ته تون ڏسندين ته اهو سندن غار کان سڄي پاسي (کان) لڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي (کان) مڙي وڃي ٿو ۽ اهي (مزي سان) غار ۾ هڪ ويڪري جاءِ ۾ (ستل) آهن. اها خدا جي (قدرت) جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. جنهن کي خدا هدايت ڪري اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته پوءِ تون سندس ڪو به سرپرست رهنما هرگز نه لهندين.
— سيد فرمان عليوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ڪڏهن سڄي پاسي تي ۽ ڪڏهن کاٻي پاسي تي پيا اٿلايون ۽ سندن ڪتو چائنٽ تي (پنهنجون) اڳيون ٽنگون پکيڙيون (مزي سان) ويٺو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ضرور ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.
— سيد فرمان عليوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اهڙيءَ طرح اسان (وري) کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو وقت (هتي) رهيا آهيو؟ چيائون ته هڪ ڏينهن يا ڏينهن کان به گهٽ رهيا آهيون. (پوءِ) چوڻ لڳا ته جيترو (وقت) رهيا آهيو تنهن کي اوهان جو پروردگار وڌيڪ ٿو ڄاڻي. (چڱو!) ته هاڻي پاڻ مان هڪ کي هي پنهنجو رپيو ڏئي شهر موڪليو ته اهو (وڃي) ڏسي ته ڪهڙو کاڌو سٺو آهي، سو ان مان اوهان لاءِ ڪجھ کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي.
— سيد فرمان علياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
يقينن جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پئي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ڏي موٽائيندا ۽ جي ائين ٿيو ته اوهين ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندو.
— سيد فرمان علي