017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
اهو خدا (هر عيب کان) پاڪ صاف آهي جنهن پنهنجي عبد کي راتو رات مسجد حرام (ڪعبي) کان مسجد اقصى (آسماني مسجد) تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان هر قسم جي برڪت بنائي رکي آهي ته جيئن کيس پنهنجي (اعلى قدرت جون) نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ (اهو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڏسندڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
۽ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو، جنهن کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت (جو سبب)ڪيوسون (۽ حڪم ڏنوسون) ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪارساز نه بڻايو.
— سيد فرمان عليذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
اي انهن جي اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙهيو. بيشڪ نوح شڪر گذار عبد هو.
— سيد فرمان عليوَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
۽ اسان بني اسرائيلن کي انهيءَ ڪتاب (توريت) ۾ کولي بيان ڪيو هو ته اوهين ماڻهو ضرور روءِ زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندو ۽ وڏي سرڪشيءَ ڪندو.
— سيد فرمان عليفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
پوءِ جڏهن انهن ٻنهي (ڀيرن) مان پهرين (ڀيري) جو وقت آيو ته اسان سخت جنگ ڪرڻ وارا بندا (بخت النصر ۽ سندس فوج) توهان تي مسلط ڪيا پوءِ اهي اوهان جي گهرن ۾ گهڙي ۽ چڱيءَ طرح قتل ۽ غارت ڪيائون ۽ خدا (جي عذاب) جو وعدو پورو ٿيو.
— سيد فرمان عليثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
وري اوهان کي انهن (دشمنن تي) غلبو ڏنوسون. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد ۾ وڌايوسون ۽ (انهن کان) اوهان جو لشڪر گهڻو ڪيوسون.
— سيد فرمان علياِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
جيڪڏهن ڀلائي ڪندو ته پاڻ لاءِ ڀلائي ڪندو پر جيڪڏهن برائي ڪندو ته (به) پاڻ لاءِ (ڪندو) پوءِ جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو (ته اسان طيطوس روميءَ کي اوهان تي مسلط ڪيو) ته جيئن اهي ماڻهو اوهان کي (ماري ماري) شڪل ڦيرائي ڇڏين (جو سڃاڻڻ ۾ به نه اچو) ۽ جيئن پهرين ڀيري مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙيا هئا وري گهڙن. جا شيءَ هٿ لڳين سا چڱيءَ طرح برباد ڪن.
— سيد فرمان عليعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
(هاڻي به جيڪڏهن آرام سان رهو ته) اميد آهي ته اوهان جو پروردگار اوهان تي ترس ڪري ۽ جيڪڏهن (وري) اها ئي (شرارت) ڪندو ته اسين به (عذاب سان) موٽينداسون. ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ جيل خانو بنائي رکيو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
بيشڪ هيءُ قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بلڪل سڌو آهي ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر (موجود) آهي.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.
— سيد فرمان عليوَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
۽ ڪڏهن انسان (لاچار ٿي پاڻ لاءِ) برائي (عذاب وغيره) لاءِ به ائين دعا گهري ٿو جيئن ڀلائيءَ لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي.
— سيد فرمان عليوَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت جون) ٻه نشانيون ڪريون، وري رات جي نشاني (چنڊ) کي ڌنڌلو بڻايو ۽ ڏينهن جي نشاني (سج) کي روشن بڻايوسون ته (سڀ شيون ڏسڻ ۾ اچن) جيئن اوهين ماڻهو پنهنجي پروردگار جو فضل (روزگار) ڳوليو ڦرو ۽ جيئن اوهين ورهين جو ڳاڻاٽو ۽ حساب سمجهو (سوچيو). سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان کولي بيان ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ اسان سڀ ڪنهن ماڻهو جي ڳچي ۾ سندن عمل نامو لٽڪايو اٿئون (ته سندس قسمت ساڻ هجيس) ۽ قيامت جي ڏينهن ان کي سندس سامهون رکنداسون جو هو تنهن کي هڪ کليل ڪتاب ڏسندو.
— سيد فرمان علياِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
(۽ اسين کيس چونداسون) ته پنهنجو اعمال نامو پڙھ اڄ پنهنجو حساب وٺڻ لاءِ تون پاڻ ئي بس آهين.
— سيد فرمان عليمَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جنهن سڌي واٽ لڌي سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ واٽ لهي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ ڪو به بار کڻندڙ ٻئي (جي گناھ) جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسين ايستائين عذاب نٿا ڪريون جيستائين ڪنهن پيغمبر کي (حجت تمام ڪرڻ لاءِ) نه موڪليون.
— سيد فرمان عليوَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن) کي اطاعت ڪرڻ جو حڪم ڪيو سون ٿي، ته اهي نافرماني ڪرڻ لڳا. جڏهن اهو (ڳوٺ) عذاب جو مستحق ٿيو ته اسان ان کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو.
— سيد فرمان عليوَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
۽ نوح کان پوءِ (هن وقت تائين) اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪيون ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ بس آهي. (۽ شاهد جي ضرورت نه آهي)
— سيد فرمان عليمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪو شخص دنيا ٿو گهري تنهن کي دنيا ۾ جيڪي گهرون (۽) جنهن لاءِ گهرون جلد ڏيون ٿا وري ان لاءِ جهنم مقرر ڪريون ٿا، جنهن ۾ خوار ٿي داخل ٿيندو.
— سيد فرمان عليوَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ سڀ ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي.
— سيد فرمان عليكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
(اي رسول) اسين هنن ۽ هنن سڀني جي پنهنجي پالڻهار جي ڏات سان مدد ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پالڻهار جي بخشش ته عام آهي ڪنهن تي بند نه آهي.
— سيد فرمان علي