014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الرا. (اي رسول! هي قرآن اهو) ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ جي رستي تي آڻ جو زبردست (۽) ساراهيل ۽ حمد جو لائق آهي.
— سيد فرمان علياللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
اهو الله جنهن جو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ (آخرت ۾) ڪافرن لاءِ جيڪو سخت عذاب (رکيو ويو آهي سو) افسوس ناڪ آهي.
— سيد فرمان عليۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
اهي (ڪافر) جيڪي دنيا (فاني) جي حياتيءَ کي آخرت تي جيڪا (اڻ کٽ نعمت آهي) پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ تي هلڻ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ بيڪار ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. اهي ئي ماڻهو وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن.
— سيد فرمان عليوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين (اسان جا حڪم) سمجهائي. پوءِ خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ اهو ئي سڀ تي غالب حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ڏئي موڪليو (کيس حڪم ڏسوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي (ڪفر جي) اونداهين مان (ايمان جي) روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ کين خدا جا (اهي ڏينهن ياد ڏيار (جن ۾ خدا جون وڏيون قدرتون ظاهر ٿيون) ان ۾ شڪ نه آهي ته ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ۽ شڪر ڪندڙن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.
— سيد فرمان عليوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
۽ (اهو وقت ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن تن کي ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي فرعون جي ماڻهن (جي ظلم) کان نجات ڏياري، اهي اوهان کي بڇڙا عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر جو) وڏو امتحان هو.
— سيد فرمان عليوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ (اهو وقت به ياد رهي) جڏهن اوهان جي پروردگار (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجو شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ نعمتون ڏيندس پر جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته ياد رکو! پڪ منهنجو عذاب سخت آهي.
— سيد فرمان عليوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ موسى (پنهنجي قوم کي) چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن اوهين ۽ (اوهان سان) جيترا ماڻهو سموري زمين تي آهن سڀئي (گڏجي خدا جي) ناشڪري ڪندو ته خدا (کي ذرو به پرواھ نه آهي، ڇو ته اهو بلڪل) بي نياز ساراهيل آهي.
— سيد فرمان علياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه آهي پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ (ٻيا ماڻهو) جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا (ڪئين خبر پوِي؟) انهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي! انهن وٽ سندن (وقت جا) پيغمبر معجزا کڻي آيا ۽ (کين سمجهايائون ته) انهن پيغمبر جي هٿن کي الٽو سنڌن واتن ۾ هنيو ۽ چوڻ لڳا ته جيڪو خدا کان اوهان (حڪم) آندو آهي اسين ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن (دين) ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان وڏي شڪ ۾ آهيون.
— سيد فرمان عليقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
(تڏهن) سندن پيغمبرن (کين) چيو ته ڇا اوهان کي خدا جي باري ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين (دنيا ۾ آرام سان) رهڻ ڏئي. انهن چيو اوهين به رڳو اسان جهڙا آدمي آهيو! (ها اسان سمجهيو) اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن. (چڱو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته) ڪو به صاف کليل ظاهر معجزو اسان کي آڻي ڏيکار.
— سيد فرمان عليقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
سندن پيغمبرن کين جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسين به اوهان جهڙا ئي آدمي آهيون پر خدا پنهنجن بندن مان جنهن تي چاهي پنهنجو فضل (۽ ڪرم) ڪري ٿو (۽ پيغمبري عطا ڪري ٿو) ۽ اسان جي اختيار ۾ اها ڳالھ نه آهي جو خدا جي حڪم کانسواءِ (اوهان جي چوڻ موجب) اسين ڪو به معجزو اوهان جي اڳيان آڻي سگهون. ۽ خدا تي سڀني ايماندارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.
— سيد فرمان عليوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ اسان کي (آخر) ڇا آهي جو اسين مٿس ڀروسو نه ڪريون هوڏانهن اسان کي (نجات جا) بيشڪ ان رستا ڏيکاريا ۽ جي جي ايذائون اوهان اسان کي رسايون (تن تي اسان صبر ڪيو ۽) آينده به صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي خدا تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.
— سيد فرمان عليوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي سرزمين مان ضرور باهر ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. ته سندس پروردگار انهن ڏي وحي موڪليو ته (گهٻرايو نه) اسين انهن سرڪش ماڻهن کي ضرور هلاڪ ڪنداسون.
— سيد فرمان عليوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ سندن (هلاڪت کان) پوءِ ضرور اوهان کي ان سرزمين ۾ رهائنداسون. اهو وعدو رڳو ان شخص سان آهي جيڪو اسان جي بارگاھ ۾ (اعمال جي پڇا ۾) بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي عذاب کان خوف کائي.
— سيد فرمان عليوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
۽ انهن (نبين) فتح ٿيڻ جي اسان کان دعا گهري (نيٺ اها پوري ٿي) ۽ هر هڪ سرڪش عداوت رکڻ وارو هلاڪ ٿيو.
— سيد فرمان عليمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
(اها ته سندن سزا هئي) ۽ ان جي پٺيان ئي پٺيان جهنم آهي) ۽ (ان ۾) کيس رت پونءِ ڀريل پاڻي پياريو ويندو.
— سيد فرمان علييَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
(زوريءَ) کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيڻو پوندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙي مان نه ڳهي سگهندو ۽ اهڙي مصيبت (آهي جو) کيس هر هڪ پاسي موت ئي موت نظر ايندو، حالانڪه هو مارڻ سان به نه مرندو. ۽ پوءِ ان جي بلڪل پٺيان سخت عذاب هوندو.
— سيد فرمان عليمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جن پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو تن جو حال هيءَ آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار جو ڍڳ آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ طوفان اڏائي کڻي ويو. جيڪي انهن (دنيا ۾) ڪمايائون سو سندن هٿ وس نه هوندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي.
— سيد فرمان علياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ تدبير سان پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن گهري ته سڀ کي فنا ڪري هڪ نئين پيدائش (واري بستي) آڻي وسائي.
— سيد فرمان عليوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
۽ اهو (ڪرڻ) خدا تي ڪو به مشڪل نه آهي.
— سيد فرمان علي