013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
المرا. هي ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن. ۽ اوهان جي پروردگار جي طرف کان جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، بلڪل حق آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
الله اهو آهي جنهن ٿنبن کان سواءِ آسمانن کي بلند ڪيو جن کي اوهين ڏسو ٿا. پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو پڻ سج ۽ چنڊ کي (پنهنجو) تابعدار ڪيو هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي (دنيا جي) هر هڪ ڪم جو انتظام ڪري ٿو ۽ هن غرض سان ته اوهين ماڻهين پنهنجي پالڻهار جو يقين ڪريو (پنهنجيون) آيتون کولي بيان ڪري ٿو.
— سيد فرمان عليوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ هو اهو آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ (وڏا وڏا) جبل ۽ نديون پيدا ڪيائين ۽ هن هر قسم جي ميون جا ٻه ٻه قسم (جيئن کٽا مٺا) بنايا، اهو رات (جي پردي) سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو. بيشڪ جيڪي ماڻهو غور فڪر ڪن ٿا تن لاءِ ان ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.
— سيد فرمان عليوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ خود زمين کي (ڏسو!) ڪيئي ٽڪر پاڻ ۾ مليل آهن. پڻ انگور جا باغ ۽ پوک ۽ کجيءَ جا وڻ ڪي هڪ پاڙ ۽ ٻن شاخن (يا ٿڙن سان) ۽ ڪي اڪيلا (هڪ ئي ٿڙ وارا) جيتوڻيڪ سڀ هڪ ئي پاڻيءَ سان اپاريا وڃن ٿا. ۽ ميون ۾ هڪڙن کي بين تي ترجيح ڏيون ٿا. بيشڪ جيڪي ماڻهو عقل وارا آهن تن جي لاءِ ان ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.
— سيد فرمان عليوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
۽ جيڪڏهن اوهان کي (ڪنهن ڳالھ تي) تعجب ٿو ٿئي ته ڪافرن جي هن چوڻ تي عجب آهي ته: جڏهن اسين (سڙي ڳري) مٽي ٿي وينداسون ته ڇا اسين (وري ٻيو ڀيرو) هڪ نئون جنم وٺي اينداسون؟ هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار سان ڪفر ڪيو ۽ اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي گردنن ۾ (قيامت جي ڏينهن) طوق پيل هوندا ۽ اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن، جو ان ۾ هميشه رهندا.
— سيد فرمان عليوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
۽ (اي رسول!) اهي ماڻهو تو کان ڀلائي کان اڳ ۾ ئي برائيءَ (عذاب) جي جلدي مچائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن کان اڳ (ڪيترن ئي ماڻهن جون) سزائون ٿي چڪيون آهن. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن شرارتن هوندي به ماڻهن لاءِ وڏو بخشش (۽ ڪرم) وارو آهي ۽ هن ۾ شبه نه آهي ته تنهنجو پروردگار تمام سخت عذاب (ڏيڻ) وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
۽ ڪافر چون ٿا ته هن شخص (محمد) تي سندس پروردگار کان ڪا به نشاني (اسان جي مرضيءَ موافق) ڇو ڪين نازل ٿي ٿئي! (اي رسول!) تون ته (فقط خدا کان) ڊيڄارڻ وارو آهين ۽ هر قوم جي لاءِ (وري) هڪ هدايت ڪرڻ وارو آهي.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
۽ سڀ ڪا مادي جيڪو (پنهنجي پيٽ ۾) حمل جهلي ٿي تنهن کي خدا ئي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي ڳڀيرڻيون گهٽائين وڌائين ٿيون تن (سڀني) کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ ان وٽ سڀ ڪنهن شيءِ جو اندازو آهي.
— سيد فرمان عليعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
(اهو) ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، (سڀ کان) وڏو (۽) عاليشان آهي.
— سيد فرمان عليسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
جيڪو اوهان مان آهستي ڳالھ ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏاڍيان ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪندڙ ۽ ڏينهن جو هلندڙ آهي (سي سڀئي ان وٽ) برابر آهن.
— سيد فرمان عليلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
(انسان ڪهڙي به حالت ۾ هجي تڏهن به) ان لاءِ سندس اڳيان ۽ سندس پويان پهريدار (فرشتا) آهن، اهي الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين پنهنجي نفسي حالت پاڻ نه بدلائين. ۽ جڏهن خدا ڪنهن قوم سان برائيءَ جو ارادو ڪري ٿو ان برائيءَ کي ڪو به ڦيرڻ وارو نه آهي، ۽ سندس ان کان سواءِ ڪو والي (۽ وارث) آهي.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
هو اهو آهي جيڪو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ اوهان کي (وڄ) ٿو ڏيکاري ۽ (پاڻي سان ڀريل) ڳرا ڪڪر ٿو اٿاري.
— سيد فرمان عليوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
۽ گجگوڙ ڪندڙ (ڪڪر) ۽ ملائڪ سندس ڊپ کان سندس حمد سان گڏ پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ اهو ئي (آسمان مان) وڄون ٿو موڪلي پوءِ جنهن تي گهري تنهن تي اهي ڪيرائي ٿو. ۽ اهي (ڪافر) الله جي ڳالھ ۾ (خواھ مخواھ) جهڳڙو ڪن ٿا، هوڏانهن هو زبردست طاقت وارو آهي.
— سيد فرمان عليلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
(مصيبت جي وقت) ان کي ئي سڏڻ حق آهي ۽ جيڪي الله کان سواءِ (ٻين کي) سڏين ٿا سي کين ڪجھ به جواب نٿا ڏين مگر جيئن ڪو (اڱرين ملائڻ کان سواءِ) پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏي ڊگها ڪري ته (پاڻي از خود) ان جي وات تائين پهچي هوڏانهن اهو پاڻي تائين نه پهچندو ۽ ڪافرن جو سڏڻ به بيڪار آهي.
— سيد فرمان عليوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
۽ جيڪي آسمانن زمين ۾ (مخلوقات مان) جيڪي به آهن سي خوشيءَ ۽ زبردستي سان انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام جو الله کي (سندس قانون مطابق) سر بسجود آهن (سر نوڙائن ٿا)
— سيد فرمان عليقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
(اي رسول! کين) چئو ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار ڪير آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا؟ تون ئي) چوين ته الله آهي (اهو به) چوين ته ڇا اوهان ان کان سواءِ ٻيا اهڙا سرپرست ڪري ورتا آهن جي پاڻ کي به ڪنهن فائدي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نه ٿا رکن! (۽ هي به) چوين ته ڇا انڌو ۽ سٺو (ٻئي) برابر آهن؟ (هرگز نه) يا ڀلا اوندھ ۽ سوجهرو (پن پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ (هر گز نه) انهن الله سان اهڙا شريڪ مقرر ڪيا آهن ڇا جن خدا جي پيدا ڪرڻ وانگر ڪجھ پيدا ڪيو هجي جنهن ڪري مخلوقات مٿن مشتبه ٿي هجي (۽ سندن خدائيءَ جي قائل ٿي هجي) تون چوين ته خدا ئي هرشيءَءَ جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو (۽) زبردست آهي.
— سيد فرمان علياَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
هن، آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ پنهنجي قدر آهر واھ وهي هليا، پوءِ وهندڙ پاڻيءَ جي ريلي تي (خوش کائي) گجي (ڦيڻ آئي) ۽ ان شيءِ (معدنيات) سان به جنهن کي اهي زيور يا ٻه ڪا شيءِ بنائڻ لاءِ باھ ۾ تپائين ٿا ته اهڙي گجي اچي ٿي (پوءِ جدا ٿي وڃي ٿي) اهڙيءَ طرح خدا حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو (جو پاڻي حق جو مثال ۽ گجي باطل جو) غرض ته سڪي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن شيءَ مان ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو (پاڻي) سو زمين ۾ باقي رهي ٿو. خدا (ماڻهن جي سمجھ واسطي اهڙيءَ طرح مثال بيان ڪري ٿو.
— سيد فرمان عليلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو چيو قبول ڪيو تن لاءِ ته ڀلائي (ئي ڀلائي) آهي. ۽ جن ماڻهن سندس چيو قبول نه ڪيو (قيامت ۾ تن جي حالت هيءَ هوندي) جو جيڪڏهن کين سموري زمين جا سڀ خزانا بلڪه ان سان گڏ اوترو ٻيو (خزانو) به ملي وڃن ته پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ان کي خوشيءَءَ سان ڏين (تڏهن به ڪو فائدو نه ٿيندن) اهي ماڻهو اهي آهن جن کان بري طرح حساب ورتو ويندو ۽ آخر سندن ٺڪاڻو دوزخ (ئي) آهي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي.
— سيد فرمان علياَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
(اي رسول) ڀلا اهو شخص جيڪو هي ڄاڻي ٿو ته جيڪي تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو (بلڪل) سچ آهي، ڪڏهن ان شخص جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪو صفا انڌو آهي (ڪڏهن نه! هن مان ته) فقط سمجهدار ماڻهو ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
(اهي) اهي ماڻهو آهن جن خدا سان جيڪو (به) وعدو ڪيو ان کي پاڙين ٿا ۽ پنهنجي انجام کي نه ٿا ٽوڙين.
— سيد فرمان علي