012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الرا. هي ظاهر روشن ڪتاب جون آيتون آهن.
— سيد فرمان علياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
اسان هن (ڪتاب) قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهين سمجهو.
— سيد فرمان علينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي رسول!) اسين تو تي هي قرآن نازل ڪري تو سان هڪ تمام سٺو قصو بيان ڪريون ٿا، توڙي جو تون هن کان اڳ (هن قصي کان) صفا بيپرواھ هئين.
— سيد فرمان علياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(اهو ياد ڪريو) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو اي بابا! مون ٻارنهن ستارن ۽ سج ۽ چند کي (خواب ۾) ڏٺو آهي ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.
— سيد فرمان عليقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
يعقوب چيو اي پٽ! (خبردار) پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج! (نه ته) اهي تنهنجي لاءِ ڪا مڪاري رٿيندا. پڪ ڄاڻ ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي.
— سيد فرمان عليوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ جيڪي (تو ڏٺو آهي) ائين ئي ٿيندو جو تنهنجو پالڻهار تو کي برگزيده ڪندو ۽ تو کي خوابن جي تعبير جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري چڪو آهي اهڙي ريت تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪندو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
(اي رسول!) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ پڇڻ واري (يهودا) لاءِ (تنهنجي نبوت جون) پڪ ڪيئي نشانيون آهن.
— سيد فرمان علياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏهن (يوسف جي ڀائرن) چيو ته جيتوڻيڪ اسين گهنار آهيون تڏهن به يوسف ۽ سندس سڳو ڀاءُ (بنيامين) اسانجي پيءُ وٽ تمام گهڻو پيارو آهي. تحقيق اسان جو بابو ظاهر غلطي تي آهي.
— سيد فرمان عليۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
(خير) ته هاڻي مناسب هئين آهي ته يا ته يوسف کي ماري ڇڏيو يا (گهٽ ۾ گهٽ) کيس ڪنهن هنڌ (هلي) اڇلي اچو ته پوءِ توهان جي والد جو پيار اوهان ڏي ٿيندو، ۽ تنهن کان (نيٺ) اوهين سڀئي (بابي جي توجه سان) چڱا مڙس ٿي ويندا.
— سيد فرمان عليقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
هنن مان هڪ چوڻ واري چيو ته يوسف کي قتل ته نه ڪريو باقي جيڪڏهن اوهان کي ائين ئي ڪرڻو آهي ته کيس ڪنهن ٻٽي کوھ ۾ اڇليو. ڪوئي مسافر کيس ڪڍي ويندو (۽ اوهان جو مطلب حاصل ٿي ويندو)
— سيد فرمان عليقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
سڀني (يعقوب کي) چيو اي بابا! نيٺ ان جو ڇا سبب آهي جو اوهين يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿا ڪريو؟ هوڏانهن اسين ته سندس سڄڻ آهيون.
— سيد فرمان علياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
اوهين سڀاڻي کيس اسان سان ڇڏيو ته (جهنگ) جا ميوا خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگهبان آهيون.
— سيد فرمان عليقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڄڻ مون کي (ڏاڍو) ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءُ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو.
— سيد فرمان عليقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
اهي چوڻ لڳا ته جڏهين اسين پاڻ ۾ گهڻا (به) آهيون (پوءِ به) جيڪڏهن کيس بگهڙ کاڌو ته (پوءِ) پڪ اسين (نڪما) گهاٽي کڻڻ وارا ٿينداسون.
— سيد فرمان عليفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
نيٺ يوسف کي جڏهن اهي وٺي ويا ۽ هن ڳالھ تي ٻڌي ڪيائون ته کيس انڌي کوھ ۾ اڇليون ۽ (نيٺ انهن ائين ڪيو) ته اسان يوسف کي وحي ڪيو ته (نه ڊڄ) اسين جلد تو کي وڏي رتبي تي رسائينداسون، (۽ تون) کين ان ڪم (خراب بابت) ٽوڪيندين جڏهن انهن کي ان طرف ڌيان به نه هوندو.
— سيد فرمان عليوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو (مڪر ڪري) رئيندا پٽيندا آيا.
— سيد فرمان عليقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
۽ چوڻ لڳا اي بابا! اسين ته گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ايتري ۾ بگهڙ اچي کيس کاڌو ۽ اسين اگرچه سچا به هجون پر اوهان کي اسان جي ڳالھ تي پڪ ئي ڪين ايندي.
— سيد فرمان عليوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ اهي ماڻهو يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفس بچاءَ جي لاءِ هي ڳالھ ٺاهي آهي (نه ته قميص ضرور ڦاٽل هجي ها) پوءِ صبر ۽ شڪر آهي ۽ جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن تي خدا کان ئي مدد گهرڻي آهي.
— سيد فرمان عليوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ (خدا جي قدرت جو) هڪ قافلو (اتي) اچي لٿو ته هنن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو ۽ ان پنهنجو ڏول (کوھ ۾) وڌو ئي ته (يوسف منجهس ويهي رهيو ته هن ڇڪي ڪڍيو) چيائين واھ! هي ته ڇوڪرو آهي! ۽ قافلي وارن کيس قيمتي سوغات سمجهي لڪائي ڇڏيو. هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪري رهيا هئا تنهن کان خدا چڱيءَ طرح واقف هو.
— سيد فرمان عليوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
(جڏهن سندس ڀائرن کي خبر پئي ته اچي کيس غلام سڏيو) ۽ انهن، يوسف کي ٿورڙن کوٽن ٽڪن تي وڪيو ۽ اهي (يوسف) کان بيزار ئي هئا.
— سيد فرمان علي