011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الرا. هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون هڪ واقفڪار حڪيم جي طرف کان (دليلن سان) بلڪل پختيون ڪيون ويون. پڻ تفصيل وار بيان ڪيل آهن.
— سيد فرمان علياَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
هي ته خدا کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو. آءُ ته انهيءَ جي طرف کان اوهان کي (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ (بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو (رسول) آهيان.
— سيد فرمان عليوَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
۽ هي به ته پنهنجي پروردگار کان مغفرت جي دعا گهرو، پوءِ سندس بارگاھ ۾ (گناهن کان) توبه ڪريو ته اهو ئي اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين زندگيءَ جو چڱو سامان ڏئي ۽ سڀ ڪنهن ڀلائيءَ واري کي سندن ڀلائي جو بدلو ڏئي. ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم کان) منهن موڙيندو ته مون کي اوهان جي باري ۾ عذاب جو ڊپ آهي.
— سيد فرمان علياِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
(ياد رکو!) اوهان سڀني کي (نيٺ) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— سيد فرمان علياَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
(اي رسول!) ڏس! هي ڪافر (تنهنجي دشمني ۾) پنهنجن سينن کي ڄڻ ته ٻيڻو ٿا ڪن ته جيئن خدا کان (پنهنجين ڳالهين کي) لڪائي ڇڏين (پر) ڏس! جڏهن اهي ماڻهو پنهنجن ڪپڙڻ ۾ (پاڻ کي لڪائي) چڱي طرح ويڙهين ٿا (تڏهن به ته) خدا (سندن ڳالهين کي) ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائي ڪندا آهن يا ظاهر. هن ۾ شڪ ئي نه آهي جو اهو سينن جي ڀيدن کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليوَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
۽ زمين تي هلڻ وارن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي روزي خدا جي ذمي نه هجي. ۽ خدا سندس رهڻ جي جاءِ ۽ (مرڻ کان پوءِ) کيس سونپيل جاءِ (قبر) کي به ڄاڻي ٿو، سڀ ڪجھ روشن ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي.
— سيد فرمان عليوَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ هو ته اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ (تنهن وقت) سندس عرش (نائون آسمان) پاڻي تي هو (هن آسمان ۽ زمين کي هن لاءِ بڻايو) ته جيئن اوهان ماڻهن کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جو عمل وڌيڪ چڱو آهي. ۽ (اي رسولٰ) جيڪڏهن تون (کين) چوندين ته اوهان سڀني کي مرڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو (قبرن مان) اٿاريو ويندو ته ڪافر ضرور چوندا هي ته پڪ ظاهر جادو آهي.
— سيد فرمان عليوَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ جيڪڏهن اسين ڳاڻيٽي جي ڪجھ ڏينهن تائين مٿن عذاب ڪرڻ ۾ دير به ڪريون ته اهي ماڻهو (پنهنجي شرارت سبب) يڪدم ضرور چئي ڏيندا ته (ڀلا) عذاب کي ڪهڙيءَ ڳالھ روڪيو آهي؟ چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو ته (پوءِ) اهي کيس ٽاري به نه سگهندا جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪندو.
— سيد فرمان عليوَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ جيڪڏهن اسين انهن کي پنهنجي رحمت جو ذائقو چکايون ۽ وري ان کان کسيون ته (تنهن وقت) اهو بيشڪ نا اميد (۽) بي شڪرو ٿئي ٿو. (۽ اسان جي شڪايت ڪرڻ لڳي ٿو.)
— سيد فرمان عليوَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جيڪڏهن اسين ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا هن کي پهچي ٿي ڪنهن نعمت جو مزو چکايو ته ضرور چوندو ته مون تان تڪليفون ٽري ويون. بيشڪ اهو (جلد ئي) خوش ٿيندڙ، پاڻ ٻڌائيندڙ آهي.
— سيد فرمان علياِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
مگر جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.
— سيد فرمان عليفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
پوءِ جا ڳالھ تو ڏي وحي جي ذريعي موڪلي وڃي ٿي ان مان متان (ٻڌائڻ وقت) شايد تون فقط هن خيال ڪري ڇڏي ڏين ۽ تون تنگ دل ٿئين ته متان هي ماڻهو چون ته هن تي خزانو ڇو ڪين نازل ڪيو ويو يا (سندس شاهدي لاءِ) هن مان ڪو فرشتو ڇو ڪين آهي. تون ته فقط(عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهين (تو کي سندن اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي) ۽ خدا هر ڳالھ جو ذمه دار آهي.
— سيد فرمان علياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
ڇا، هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص (تو) هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي. ته تون (کين صاف کولي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته (وڌيڪ نه فقط) اهڙيون سورتون ته ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جن کي اوهين مدد لاءِ سڏائي سگهو سڏيو.
— سيد فرمان عليفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته هي (قرآن) فقط خدا جي علم سان نازل ڪيل آهي. ۽ (هي به) ته خدا کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ته ڇا اوهين اڃا اسلام به آڻيندا (يا نه؟).
— سيد فرمان عليمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
جيڪي دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرن ٿا تن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو بدلو ڏيون ٿا ۽ اهي ان دنيا ۾ نقصان ۾ نه هوندا.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
پر (ها) هي اهي آهن جن لاءِ آخرت ۾ (دوزخ جي) باھ کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ دنيا ۾ ڪيو هوندائون سو آخرت ۾ برباد ٿيندو ۽ جيڪي پيا ڪن سو برباد ٿيندن.
— سيد فرمان علياَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان روشن دليل تي هجي ۽ سندس قدم بقدم پٺيان ان جو هڪ شاهد هجي ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب (توريت) جيڪو (ماڻهن لاءِ) پيشوا ۽ رحمت هو (سو به سندس تصديق ڪندو هجي اهو بهتر آهي يا ڪو ٻيو؟) اهي ماڻهو سچا ايماندار آهن ۽ سڀني فرقن مان جيڪو شخص ان جو انڪار ڪري ته ان جو ٺڪاڻو بس (دوزخ جي) باھ آهي. ته تون ڪو هن جي پاسي کان شڪ ۾ نه رهج! بيشڪ هي قرآن تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين.
— سيد فرمان عليوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌي، ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا پڻ شاهد چوندا ته اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌو. ياد رکو! ظالمن تي خدا جي ڦٽڪار آهي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
جيڪي خدا جي راھ کان ماڻهن کي جهلين ٿا ۽ ان ۾ وڏ ڪڍڻ گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو آخرت جا منڪر آهن.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اهي ماڻهو روءِ زمين ۾ خدا کي عاجز ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه (وري) خدا کان سواءِ ڪو سندن سرپرست ئي ٿيندو. انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. اهي ماڻهو (ساڙ کان) نه ته (حق جي ڳالھ) ٻڌي سگهندا هئا ۽ نه ئي ڏسي سگهندا هئا.
— سيد فرمان علي