010 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِيْمِ 1
آلرا، اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.
— سيد فرمان علياَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَيْنَآ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْھُمْ اَنْ اَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنَّ لَھُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ ھٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِيْنٌ 2
ڇا انهن ماڻهن لاءِ هيءَ اچرج جي ڳالھ آهي جو اسان انهن مان هڪ مرد کي وحي ڪيو ته تون (بي ايمان ماڻهن) کي ڊيڄار ۽ ايماندارن کي خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ سچائيءَ جا قدم (وڏا مرتبا) آهن. (پر) ڪافر (هنن آيتن کي ٻڌي) چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته پڪ پڌرو جادوگر آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ ۭ مَا مِنْ شَفِيْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 3
هن ۾ ڪهڙو شڪ (آهي) جو اوهان جو پالڻهار اهو ئي خدا آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري هن عرش کي بلند ڪيو. اهو ئي هر ڪم جو انتظام ڪري ٿو. (هن وٽ) ڪو به (ڪنهين جو) سفارشي نه آهي، پر سندس اجازت (حاصل) ڪرڻ کان پوءِ. اهو ئي خدا ته توهان جو پاليندڙ آهي ته ان جي عبادت ڪريو ته ڇا اوهين اڃا به نه ٿا سوچيو؟
— سيد فرمان علياِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ اِنَّهٗ يَبْدَؤُا الْـخَلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ لِيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالْقِسْطِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَھُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيْمٍ وَّعَذَابٌ اَلِيْمٌۢ بِـمَا كَانُوْا يَكْفُرُوْنَ 4
اوهان سڀني کي (نيٺ) ان ڏي موٽڻو آهي. خدا جو وعدو سچو آهي. پڪ اهو ئي مخلوق کي پهرين ڀيري پيدا ڪري ٿو وري (مرڻ کان پوءِ) اهو ئي ٻيهر جياريندو ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان نيڪ اجر عطا ڪري. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ سندن ڪفر جي سزا ۾ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ درددناڪ عذاب هوندو.
— سيد فرمان عليھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ مَا خَلَقَ اللّٰهُ ذٰلِكَ اِلَّا بِالْـحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 5
اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن بنايو آهي ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون اٿس هن لاءِ ته اوهين ورهين جي ڳاڻيٽي ۽ حساب کي ڄاڻو. خدا انهن کي پوريءَ تدبير ۽ مصلحت سان ئي بنايو آهي. اهو (پنهنجي) آيتن کي عقلمند ماڻهن کي تفصيل وار ٻڌائي ٿو.
— سيد فرمان علياِنَّ فِي اخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَّقُوْنَ 6
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ خدا جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي (تنهن ۾) پرهيزگارن لاءِ نشانيون آهن.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا وَرَضُوْا بِالْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَاطْمَاَنُّوْا بِهَا وَالَّذِيْنَ ھُمْ عَنْ اٰيٰتِنَا غٰفِلُوْنَ 7ۙ
بيشڪ جيڪي (قيامت ۾ اسان جي بارگاھ جي) حضوري جو انديشو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي (فاني) زندگيءَ کان نهال آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن پڻ جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ مَاْوٰىھُمُ النَّارُ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 8
اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جو ٺڪاڻو سندن ڪرتوتن سبب دوزخ آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهْدِيْهِمْ رَبُّھُمْ بِاِيْـمَانِهِمْ ۚ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 9
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن ايمان جي ڪري منزل مقصود تي پهچائيندو جي آرام ۽ آسائش وارن باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان واھ وهندڙ هوندا.
— سيد فرمان عليدَعْوٰىھُمْ فِيْهَا سُـبْحٰنَكَ اللّٰهُمَّ وَتَحِيَّتُھُمْ فِيْهَا سَلٰمٌ ۚ وَاٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ اَنِ الْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۧ١0
انهن باغن ۾ سندن قول هيءُ هوندو ته اي الله! تون پاڪ آهين ۽ اتي سندن آجيان سلام سان ٿيندي، ۽ سندن پڇاڙي جو قول هيءُ هوندو ته سڀ تعريفون الله جون آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَلَوْ يُعَجِّلُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَھُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ اِلَيْهِمْ اَجَلُھُمْ ۭ فَنَذَرُ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا فِيْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُوْنَ 11
۽ جيئن ماڻهو پنهنجي ڀلائي لاءِ تڪڙ ڪن ٿا، تئين جيڪڏهن خدا سندن شرارتن (جي سزا) برائيءَ ۾ جلدي وٺ پڪڙ ڪري وهي ها ته هوند، سندن موت مٿن ڪڏهين جو اچي ڪڙڪي ها. پر اسين ته انهن ماڻهن کي جن وٽ (مرڻ کان پوءِ) اسان جي بارگاھ ۾ اچڻ جو کٽڪو نه آهي (تن کي) ڊگهو رسو ڇڏي ڇڏيون ٿا ته اهي پنهنجي انڌ ۾ رلندا ڦرندا رهن.
— سيد فرمان عليوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖٓ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَاۗىِٕمًا ۚ فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهٗ مَرَّ كَاَنْ لَّمْ يَدْعُنَآ اِلٰى ضُرٍّ مَّسَّهٗ ۭ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِيْنَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 12
۽ جڏهن ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي (مطلب ته هر حالت ۾) اسان کي سڏي ٿو، پوءِ جڏهن ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته اهڙو (آهستي) کسڪي وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن تڪليف جي (لاهڻ) لاءِ جيڪا کيس پهتي هئي، ان اسان کي سڏيو ئي نه هو. جيڪي ماڻهو زيادتي ڪن ٿا تن کي سندن ڪڌا ڪرتوت ائين ئي چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ اَهْلَكْنَا الْقُرُوْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوْا ۙ وَجَاۗءَتْھُمْ رُسُلُھُمْ بِالْبَيِّنٰتِ وَمَا كَانُوْا لِيُؤْمِنُوْا ۭ كَذٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِيْنَ 13
۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ وارن گروهن کي، جڏهين هنن شرارت ڪئي ته اسان کين ضرور هلاڪ ڪيو. حالانڪه ان (وقت جا) رسول، ظاهر (ظهور) روشن نشانيون کڻي آيا هئا. ۽ انهن ماڻهن (ايمان نه آڻي) نه آندو. اسين ته ڏوهاري ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سزا ڏيندا آهيون.
— سيد فرمان عليثُـمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰۗىِٕفَ فِي الْاَرْضِ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُوْنَ 14
وري اسان انهن کان پوءِ اوهان کي زمين ۾ (سندن) قائم مقام ڪيو ته جيئن ڏسون ته اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.
— سيد فرمان عليوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيَاتُنَا بَيِّنٰتٍ ۙ قَالَ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا ائْتِ بِقُرْاٰنٍ غَيْرِ ھٰذَآ اَوْ بَدِّلْهُ ۭ قُلْ مَا يَكُوْنُ لِيْٓ اَنْ اُبَدِّلَهٗ مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ ۚ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 15
۽ جڏهن انهن کي اسان جون ظاهر (۽ کليل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن کي (مرڻ کان پوءِ) اسان جي حضوريءَ جو کٽڪو نه آهي. اهي چون ٿا ته هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلائي! (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو اختيار نه آهي جو ان کي پنهنجي طرفان بدليان، آءُ رڳو، جيڪو منهنجي طرف حڪم موڪليو وڃي ٿو، تنهنجي پيروي ڪريان ٿو. بيشڪ آءُ ته پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪرڻ ۾ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
— سيد فرمان عليقُلْ لَّوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا تَلَوْتُهٗ عَلَيْكُمْ وَلَآ اَدْرٰىكُمْ بِهٖ ڮ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ 16
(اي رسول!) چوين ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته، نه آءُ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه هو اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها. ڇو ته آءُ (آخر) اوهان وٽ ان کان اڳ (ڪيتري) عمر رهيو آهيان (۽ ڪڏهين مون وحي جو نالو به نه کنيو) ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا ڄاڻو.
— سيد فرمان عليفَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَوْ كَذَّبَ بِاٰيٰتِهٖ ۭ اِنَّهٗ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُوْنَ 17
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ مڙهي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان ۾ ڪو شڪ نه (آهي) ته (اهڙا) ڏوهاري ڪامياب نه ٿيندا.
— سيد فرمان عليوَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِـمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 18
۽ اهي خدا کي ڇڏي اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي نه ته انهن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون ۽ چون ٿا ته اهي خدا وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهين خدا کي اهڙي ڳالھ ٻڌايو ٿا جنهن کي اهو نه ته آسمانن ۾ (ڪٿي) ڏسي ٿو ۽ نه زمين ۾. اهي ماڻهو جنهن شيءِ کي سندس شريڪ بنائين ٿا تنهن کان هو پاڪ صاف ۽ بلند آهي.
— سيد فرمان عليوَمَا كَانَ النَّاسُ اِلَّآ اُمَّةً وَّاحِدَةً فَاخْتَلَفُوْا ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَھُمْ فِيْـمَا فِيْهِ يَخْتَلِفُوْنَ 19
۽ سڀ ماڻهو (پهرين) هڪ ئي امت هئي. پوءِ الڳ الڳ ٿيا. ۽ (اي رسول!) جي تنهنجي رب جي طرف کان هڪ ڳالھ (قيامت جي وعدي واري) اڳ ٿيل نه هجي ها ته جي اختلاف ڪن ٿا تنهن جو انهن جي وچ ۾ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي وڃي ها.
— سيد فرمان عليوَيَقُوْلُوْنَ لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ فَقُلْ اِنَّـمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ فَانْتَظِرُوْا ۚ اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ ۧ20
۽ چون ٿا ته هن (نبي) تي ڪو اهڙو معجزو (اسان جي مرضيءَ موجب) ڇو ڪين نازل ٿيو؟ ته (اي رسول! کين) چئو ته غيب (داني) ته رڳو خدا جي لاءِ آهي، ته پوءِ انتظار ڪريو. بيشڪ آءُ (به) اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان.
— سيد فرمان علي