099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏهن زمين ڌٻندي . ڌٻڻ ڏاڍو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ زمين ڳرا بار ڪڍندي . جيڪي ان ۾ دفن ٿيا . مال ۽ مئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
ان وقت ڪافر چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
ان ڏينهن زمين سڀني خبرن جي شاهدي ڏيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ته تحقيق تنهنجو رب ان کي ان جو امر ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
ان ڏينهن جيڪي ماڻهو حساب واري جاءِ کان مختلف موٽندا . هڪڙا ساڄي هٿ وارا ، جيڪي بهشت ڏانهن ويندا ۽ ٻيا کاٻي هٿ وارا ، جيڪي دوزخ ڏانهن ويندا . البته انهن جي عملن جي جزا بهشت ۽ دوزخ ڏينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ جنهن ماڪوڙي جيترو خير جو عمل ڪيو هوندو ته ، ان جو ثواب ڏسندو
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جنهن ماڪوڙي جي برابر ڪو بد عمل ڪيو هوندو ته ، ان جي عقوبت ڏسندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي