098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
اهي نه آهن جيڪي اهلِ توريت مان ڪافرٿيا ۽ مشرڪن کان جدا ٿيندڙ هئا . جڏهن وٽن پڌرو دليل آيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
الله جي طرفان محمد رسول جيڪو هي قرآن پڙهي ٿو . جنهن ۾ پاڪ سورتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
جن ۾ مضبوط احڪام آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ جن کي توريت ڪتاب ڏنو ويو هو ، سي نبيءَ کان جدا نه ٿيا . مگر انهن معجزن جي اچڻ کان پوءِ جيڪي توريت ۾ لکيل هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
۽ انهن کي توريت ۾ رڳو ان جو امر ٿيو هو ته ، عبادت ڪجو . ان لاءِ دين خالص ڪجو ۽ دينِ ابراهيم ۽ دينِ محمد تي محڪم بيهجو۽ نماز قائم ڪجو ۽ زڪوات ڏجو ۽ هي بلڪل سڌو دين آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
تحقيق اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن محمد رسول کي نه مڃيو ، اهي دوزخ ۾ داخل ٿيندا . هميشه ان ۾ هوندا ۽ اهي خلق ۾ وڏا بد بخت آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
تحقيق جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون . اهي خلق ۾ وڏا نيڪ بخت آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
الله وٽ انهن جو ثواب رهڻ لاءِ بهشت آهي . جنهن جي هيٺان نهرون جاري هونديون . هميشه ان ۾ هوندا .سدائين الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيندا . هي مرتبو انهن لاءِ آهي ، جيڪي الله کان ڊڄن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي