097 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةِ الْقَدْرِ ښ 1
تحقيق اسان قرآن قدر جي رات ۾ لوح محفوظ کان دنيا جي آسمان ڏانهن نازل ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا لَيْلَةُ الْقَدْرِ 2ۭ
تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، قدر جي رات جو ڪيترو وڏو شان آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَيْلَةُ الْقَدْرِ ڏ خَيْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍ ڼ 3
اها قدر جي رات اڳين امتن جي عابدن جي هزار مهينن کان ڀلي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَنَزَّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ فِيْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْ ۚ مِنْ كُلِّ اَمْرٍ ڒ 4
ان رات ۾ الله جي حڪم سان ستر هزار ملائڪ ۽ جبرئيل ملائڪ رزقن ۽ رحمتن ۽ سلامن سان گڏ نازل ٿين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَلٰمٌ ڕ هِيَ حَتّٰى مَطْلَعِ الْفَجْرِ 5ۧ
سڄي رات ملائڪ سڀني مومنن کي پرھ ڦٽيءَ تائين سلام چون ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي