096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
پڙھ اي نبي! الله جي نالي کي ، جنهن سڀ مخلوق پيدا ڪئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
ماڻهوءَ کي ٻَڌل رت مان پيدا ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پڙھ . قسم آهي تنهنجي رب جو جيڪو تمام سڳورو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
جنهن قلم کي لکڻ سيکاريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
ماڻهوءَ کي اهي علم سيکاريائين ، جيڪي نه ٿي ڄاڻيئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
حق آهي ته ، تحقيق ابو جهل سرڪش ٿيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
ته پاڻ مالدار آهي ۽ نبي غريب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
تحقيق الله ڏانهن بنا مال ۽ پٽن جي موٽندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ابو جهل کي ڏس. جيڪو جھلي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
نبيءَ کي نماز پڙهڻ کان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڏسين ٿو ته نبي هدايت جي واٽ تي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
۽ الله جي خوف جو امر ٿو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
۽ تون ڏسين ٿو ته ، ابو جهل ڪفر ڪيو ۽ الله کان ڦريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ڇا نه ٿو ڄاڻي ته ، الله ان جون بڇڙايون ۽ سرڪشيون ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
خبردار! جيڪڏهن نماز کان منع ڪرڻ نه جھليندو ته ، ان جي پيشاني ڏنڀينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
۽ ڪفر ڪندڙ جي پيشاني دوزخ ۾ گھڙائينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ ڀلي پنهنجي لشڪر کي سڏي . پر تون سڳوري نماز پڙھ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
سگهو اسان دوزخ جي ملائڪن کي سڏينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
خبردار ! انهن جو چيو نه ڪر . نماز پڙھ ۽ سجدو ڏي ۽ الله کي ويجهو ٿي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي