095 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالتِّيْنِ وَالزَّيْتُوْنِ 1ۙ
قسم آهي ، انجير جو ۽ زيتون جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَطُوْرِ سِيْنِيْنَ 2ۙ
۽ طورسينا جبل جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهٰذَا الْبَلَدِ الْاَمِيْنِ 3ۙ
۽ هن شهر مڪي جو . جيڪو امن وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْٓ اَحْسَنِ تَقْوِيْمٍ 4ۡ
ته تحقيق اسان انسان کي ڀلي صورت ۾خلقيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ رَدَدْنٰهُ اَسْفَلَ سٰفِلِيْنَ 5ۙ
پوءِ ان کي سندس بڇڙن عملن جي سبب دوزخ ۾ موٽايون ٿا . جيڪا خوارن کان خوار آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُوْنٍ 6ۭ
مگر جيڪي ايمان آڻين ۽ صالح عمل ڪن ته ، انهن لاءِ بي حساب ثواب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّيْنِ 7ۭ
اي ڪافر! پوءِ ايترين دليلن کان پوءِ به تون قيامت کي نه ٿو مڃين؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَحْكَمِ الْحٰكِمِيْنَ 8ۧ
ڇا الله سڀني حاڪمن کان وڌيڪ قادر ناهي؟ پوءِ قيامت کي قائم ڪرڻ تي قادر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي