094 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ 1ۙ
ڇا تنهنجي لاءِ تنهنجو سينو نه کوليوسون ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَ 2ۙ
۽ اسان تو تان اونداهيءَ ۽ نور جا حجاب لاٿاسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْٓ اَنْقَضَ ظَهْرَكَ 3ۙ
جن تنهنجي پٺيءَ کي ڳرو ٿي ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ 4ۭ
۽ تنهنجو نالو مٿاهون ڪيوسون . منهنجي ذاتي حقيقت تو سان گڏ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا 5ۙ
تحقيق دنيا جا ڏک ۽ تڪليفون جيڪي تنهنجي بدن تي آهن . انهن سان گڏ تنهنجي روح تي دنيا ۾ الله کي ڏسڻ جي آساني آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا 6ۭ
تحقيق دنيا جي تڪليفن کان پوءِ جيڪي تنهنجي بدن تي آهن . آخرت ۾ تو تي آساني ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَ 7ۙ
پوءِ جڏهن تنهنجو قلب غيرالله کان فارغ ٿيو آهي ، پوءِ نماز لاءِ بيھ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِلٰى رَبِّكَ فَارْغَبْ 8ۧ
پوءِ تون الله ڏانهن موٽ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي