093 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالضُّحٰى 1ۙ
قسم آهي ، پهر ڏينهن جي وقت جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّيْلِ اِذَا سَـجٰى 2ۙ
۽ رات جو جڏهن اونداهي ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلٰى 3ۭ
ان ڳالھ تي ته ، الله تو کي نه ڇڏيو آهي ۽ نه توسان بغض رکيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَلْاٰخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى 4ۭ
۽ تنهنجي لاءِ بهشت ۾ دنيا جي مال کان تنهنجا وڏا ڀلا درجا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى 5ۭ
۽ سگهو تو کي تنهنجو رب شفاعت جو درجو ڏيندو . پوءِ تون راضي ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيْمًـا فَاٰوٰى 6۠
ڇا تو کي يتيم نه ڏٺائين . تنهنجو پيءُ نه ماءُ هئا . پوءِ تو کي عبدالمطلب جاءِ ڏني . پوءِ ابو طالب ڏني .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَجَدَكَ ضَاۗلًّا فَهَدٰى 7۠
۽ تو کي شريعت جو اڻ واقف ڏٺائين . پوءِ شريعت جي واٽ ڏيکاريائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَجَدَكَ عَاۗىِٕلًا فَاَغْنٰى 8ۭ
۽ تو کي مسڪين ڏٺائين . پوءِ تو کي دنيادار ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا الْيَتِيْمَ فَلَا تَقْهَرْ 9ۭ
پوءِ يتيمن تي ڏمر نه ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا السَّاۗىِٕلَ فَلَا تَنْهَرْ ۭ10
۽ سائلن سان نه وڙھ . جيتوڻيڪ گھوڙي تي چڙهي اچن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ ۧ11
۽ الله جي نعمتن جو شڪرانو ڪر . پوءِ ايندڙ سورت ۾ نعمتون ڳڻائينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي