092 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 21 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالَّيْلِ اِذَا يَغْشٰى 1ۙ
قسم آهي رات جو جڏهن ڏينهن کي ڍَڪي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالنَّهَارِ اِذَا تَجَلّٰى 2ۙ
۽ ڏينهن جو جڏهن روشن ٿئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْاُنْثٰٓى 3ۙ
۽ نرن ۽ مادين کي خلقيندڙ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتّٰى 4ۭ
تحقيق اوهان جا ڀلا ۽ بڇڙا عمل مختلف آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا مَنْ اَعْطٰى وَاتَّقٰى 5ۙ
پوءِ جيڪو مال ڏئي ۽ تقويٰ ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَصَدَّقَ بِالْحُسْنٰى 6ۙ
۽ ڪلمي سان مڃي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْيُسْرٰى 7ۭ
پوءِ جلد ئي ڀلائيءَ جي توفيق ڏينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا مَنْۢ بَخِلَ وَاسْتَغْنٰى 8ۙ
پر سواءِ ابو جهل جي ، جنهن مال نه ڏنو ۽ هٺ ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَذَّبَ بِالْحُسْنٰى 9ۙ
۽ ڪلمن کي نه مڃيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْعُسْرٰى ۭ10
پوءِ ان کي بڇڙن عملن جي توفيق ڏينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يُغْنِيْ عَنْهُ مَالُهٗ ٓ اِذَا تَرَدّٰى ۭ11
۽ جڏهن عذاب ۾ پوندو ته ، سندس مال کيس نفعو نه ڏيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدٰى ڮ 12
تحقيق واٽ ڏيکارڻ اسان تي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّ لَنَا لَـلْاٰخِرَةَ وَالْاُوْلٰى 13
۽ تحقيق آخرت ۽ دنيا اسان جي هٿ ۾ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَنْذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰى ۚ14
۽ اوهان کي باھ جي شعلي کان ڊيڄاريان ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يَصْلٰىهَآ اِلَّا الْاَشْقَى ۙ15
ان ۾ ابو جهل جهڙو سخت بد بخت ئي داخل ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ16
جيڪو نه مڃي ۽ بي فرماني ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَسَيُجَنَّبُهَا الْاَتْقَى ۙ17
۽ جلد ان کان ابوبڪر صديق جهڙو تمام پرهيزگار پري ڪبو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ يُؤْتِيْ مَالَهٗ يَتَزَكّٰى ۚ18
جنهن پنهنجو سڀ مال ڏنو . پنهنجو نفس پاڪ ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا لِاَحَدٍ عِنْدَهٗ مِنْ نِّعْمَةٍ تُجْزٰٓى ۙ19
۽ ڪنهن هڪ جو به صديق تي ڪو احسان ڪونه هو . جنهن جي پاڙ جھاڙ ڪري ها .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا ابْتِغَاۗءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْاَعْلٰى ۚ20
مگر مٿاهين الله جي راضپي جي لاءِ آزاد ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي