091 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 15 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالشَّمْسِ وَضُحٰىهَا ۽ 1
قسم آهي سج جو ۽ ان جي روشنيءَ جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْقَمَرِ اِذَا تَلٰىهَا ۽ 2
۽ چنڊ جو جڏهن اڀري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالنَّهَارِ اِذَا جَلّٰىهَا ۽ 3
۽ ڏينهن جو جڏهن سج کي روشن ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاللَّيْلِ اِذَا يَغْشٰـىهَا ۽ 4
۽ رات جو جڏهن سج کي ڍڪي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالسَّمَاۗءِ وَمَا بَنٰىهَا ۽ 5
۽ آسمان جو ۽ ان الله جو جنهن ان کي جوڙيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْاَرْضِ وَمَا طَحٰىهَا ۽ 6
۽ زمين جو ۽ تنهن الله جو جنهن ان کي پکيڙيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰىهَا ۽ 7
۽ نفس جو ۽ تنهن الله جو جنهن ان کي جوڙيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَتَقْوٰىهَا ۽ 8
۽ پوءِ ان ڳالھ تي ته ، ان کي ڀلا ۽ بڇڙا ڪم پروڙايائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَا ۽ 9
تحقيق ڇوٽڪارو ان کي ملندو ، جيڪو پنهنجي نفس کي برائي ڏي امر ڪرڻ کان پاڪ ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰـىهَا ۭ10
۽ اهو خوار ٿيندو ، جيڪو ان کي گنهگار ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ بِطَغْوٰىهَآ ۽ 11
ثمودن سرڪشيءَ جي ڪري نه مڃيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذِ انْۢبَعَثَ اَشْقٰىهَا ۽ 12
جڏهن سخت بد بخت قِذار هليو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَقَالَ لَهُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ نَاقَةَ اللّٰهِ وَسُقْيٰهَا ۭ13
پوءِ ان کي الله جي رسول صالح چيو ته ، الله جي ڏاچيءَ کي گُڏڻ کان ۽ ان کي پاڻيءَ جي واري کان جهلڻ کان ڊڄو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكَذَّبُوْهُ فَعَقَرُوْهَا ۱ فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُمْ بِذَنْۢبِهِمْ فَسَوّٰىهَا ۽ 14
پوءِ صالح کي نه مڃيائون ۽ ڏاچيءَ کي ڪهڻ جي ڪري لاڳيتو عذاب ڪيائين . پوءِ برابر ڪيائين . .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا يَخَافُ عُقْبٰهَا ۧ15
۽ الله انهن جي عاقبت کان نه ڊنو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي