090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
قسم ٿو کڻان هن شهر مديني جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
جو تون ان ۾ آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
۽ قسم آهي پِيئن جو ۽ پُٽن جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
ان ڳالھ تي ته ، تحقيق اسان انسان کي خلقيو ته ڏک ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا ڪافر گمان ٿو ڪري ته ، ڪو هڪ به ان تي غالب ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
چئي ٿو ته ، محمد جي عداوت ۾ گھڻا مال خرچ ڪيم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڪيئن ٿو گمان ڪري ته ، ڪنهن هڪڙي به ان کي ڪونه ڏٺو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا اسان ان جون ٻه اکيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ زبان ۽ ٻه چپ ڪونه جوڙيا آهن ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
ته اسان ان کي ٻه واٽون ڏيکاريون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پوءِ ڀلن عملن جي چاڙهيءَ تي ڇو نه ٿو چڙهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، ڀلن عملن جي واٽ ڪهڙي آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
پوءِ غلامن کي آزاد ڪرڻ جي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بکين کي کارائڻ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
قرابت وارن يتيمن کي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا مٽيءَ هاڻن مسڪينن کي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
پوءِ اهي صالح عمل ڪندڙ ايمان آڻيندڙن مان هجن ۽ پاڻ ۾ دنيا جي سختيءَ تي صبر ڪرڻ ۽ الله جي ٻانهپ ڪرڻ جي وصيت ڪن ٿا ۽ ضعيفن تي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
قيامت جي ڏينهن اهي ساڄي هٿ وارا هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن اسان جي آيتن جو ڪفر ڪيو ، اهي کاٻي هٿ وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
انهن تي باھ طبقن تي طبقا هوندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي