009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
الله ۽ ان جي رسول جي طرفان انهن مشرڪن لاءِ بيزاري آهي ، جن سان توهان معاهدو ڪيو هو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
پوءِ ڀلي ڪافر زمين ۾ چار مهينا سير ڪن، عيد الاضحيٰ کان وٺي ڏهين ربيع الاول تائين. ۽ توهان ڄاڻي وٺو ته الله کي عاجز نه ٿا ڪري سگھو ۽ تحقيق الله ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
الله ۽ ان جي رسول جي طرفان وڏي حج جي ڏينهن سڀني ماڻهن کي ڄاڻ ڏي ته، تحقيق الله ۽ ان جو رسول مشرڪن جي معاهدي کان بيزار آهي. پوءِ ڪافر توبه ڪندا ته توهان جي لاءِ ڀلائي آهي ۽ جي توهان ڦرندؤ ته تحقيق ڄاڻيو ته توهان الله کي عاجز نه ٿا ڪري سگهو ۽ ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي بشارت ڏي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
مگر اهي مشرڪ جن سان توهان جو معاهدو هو ۽ انهن نه ڪو شرط ۽ نه ٻول ڀڳو ۽ نه اوهان جي ڪنهن دشمن سان رفاقت ڪيائون . پوءِ انهن سان معاهدو ان جي پوري مدت تائين پورو ڪيو . تحقيق الله نيڪن سان حب رکي ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پوءِ جڏهن تعظيم وارا چار مهينا معاهدي وارا پورا ٿين ته ڪافرن کي جتي ڏسو اتي قتل ڪريو ۽ پڪڙيو انهن کي ۽ بند ڪريو انهن کي ۽ انهن جي گھٽن تي ويهو ، جتان لنگهن ٿا . پوءِ توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ انهن جي واٽ ڇڏيو . تحقيق الله بخشيندڙ ۽ مهربان آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ جيڪو مشرڪن مان تو کان امن گھري ته ان کي موڪل ڏي ته الله جو ڪلام ٻڌي . پوءِ ان کي وطن پهچاءِ . اهو ان ڪري پيا ٻڌايون جو ڪافرنه ٿا پروڙين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
مشرڪن جو ڪو معاهدو الله ۽ ان جي رسول وٽ قبول ناهي . مگر اهي جن سان تعظيم واري مسجد وٽ معاهدو ڪيو هو . پوءِ اهي جيستائين شرطن تي قائم رهن ، توهان به ثابت قدم رهو. تحقيق الله نيڪن سان حب رکي ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
ڪيئن عهد پورا ڪندا؟ جيڪڏهن مومنن تي غالب ٿيندا ته نه قرابت جو لحاظ ڪندا نه عهد جو. اوهان کي وات سان خوش ٿا ڪن . انهن جي دلين ۾ اوهان لاءِ بغض آهي ۽ انهن مان گھڻا بي وفا ۽ نيت جا بڇڙا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
الله جي آيتن جو ٿورو مُلھ وٺن ٿا . پوءِ الله جي واٽ کان جھلين ٿا. تحقيق اهو برو ڪم ڪن ٿا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
نه مسلمانن جي قربت جو خيال ٿا ڪن ۽ نه عهد جو ۽ اهي سرڪش آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
پوءِ جي ڪفر کان توبه ڪندا ۽ نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا ته توهان جا دين ۾ ڀائر آهن ۽ ڄاڻندڙن جي قوم لاءِ نصيحتون ظاهر ٿا ڪريون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
۽ جي ڪافر پنهنجا عهد پڪا ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ۽ توهان جي دين ۾ عيب ڪن ته ڪفر جي سردارن کي قتل ڪريو . تحقيق نه انهن جو ڪو عهد آهي نه ئي اهي ڪفر کان مڙن ٿا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
جنهن جماعت پنهنجو عهد ڀڳو . پوءِ ان کي قتل ڇو نه ٿا ڪريو؟ ۽ رسول کي مڪي مان ڪڍڻ جو گھڻو ارادو ڪيائون ۽ جنگ ۾ اوهان سان گھڻي اڳرائي ڪيائون . ته ڇا انهن کان ڊڄو ٿا ؟ ۽ حق آهي ته الله کان ڊڄو . جيڪڏهن مومن آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
ڪافرن کي قتل ڪريو ته الله انهن کي اوهان جي هٿن سان عذاب ڏيندو ۽ انهن کي خوار ڪندو ۽ توهان کي انهن تي فتح ڏيندو ۽ مومنن جي دلين کي شفا ڏيندو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
۽ الله توهان جي دلين تان ڏمر لاهي ٿو ۽ جنهن تي گھري رحم ڪري ٿو ۽ الله دانا ۽ حڪمت وارو آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
ڀانئيو ٿا ته مومنن کي ايئن ئي ڇڏيو ويندو ۽ الله انهن کي ڪونه سڃاتو، جن اوهان سان گڏ سچو جهاد ڪيو ۽ الله ۽ ان جي رسول ۽ مومنن کا سواءِ ڪنهن کي پنهنجو ڳجهو دوست نه بنايَائُون ۽ الله اوهان جا عمل ڏسي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
مشرڪن کي لائق ناهي ته الله جي مسجد جي خدمت ڪن . اهي پنهنجي اندر جي ڪفر جي شاهدي ٿا ڏين ۽ انهن جا عمل ضايع ٿي ويا ۽ اهي هميشه دوزخ ۾ هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
الله جون مسجدون ته فقط اهي ئي آباد ڪن ٿا ، جيڪي الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا . نماز پڙهن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ ڪنهن مخلوق کان نه پر الله کان ڊڄن ٿا . پوءِ اميد آهي ته اهي اميد وارا ٿيندا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا توهان عباس جو مثال ٿا وٺو؟ جيڪو حاجين کي پاڻي پياري ، مڪي جي مسجد جي مجاوري ڪري . يا انهن جو مثل ٿا ڪريو ، جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ۽ الله جي واٽ ۾ جنگ ڪن . اهي الله وٽ برابر نه آهن ۽ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيائون ۽ الله جي وٽ ۾ پنهنجي مالن ۽ جانين سان جنگ ڪيائون . انهن جا الله وٽ وڏا درجا آهن . اهي مقصد وارا ۽ فتح وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي