089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالْفَجْرِ 1ۙ
قسم آهي پرھ جي وقت جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
۽ ذوالحج جي ڏهن راتين جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
۽ ٻڌي ۽ اڪيءَ جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ رات جو جڏهن هلي ٿي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
تحقيق انهن قسمن ۾ دانائن لاءِ يقين آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
ڇا تو نه ڏٺو ته ، الله عادين تي ڪيئن عذاب ڪيو؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
جيڪي ارم جا اولاد هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
انهن جهڙو شهرن ۾ ڪوبه ڪونه خلقيو ويو هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ ثمود قبيلي کي جن ڇپون کوٽيون ۽ انهن ۾ گھر جوڙيائون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ فرعون جيڪو لوھ جي ڪِيلن جو صاحب هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
انهن کي هٿن ۽ پيرن ۾ ٺوڪيندو هو ، جيڪي ملڪ ۾ سرڪشي ڪندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
پوءِ ان ۾ گھڻو فساد ڪيائون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ الله انهن تي سخت چهبڪن جا عذاب نازل ڪيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
تحقيق الله تنهنجي عملن جو نگهبان آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
پر جڏهن الله آدم جي اولاد کي پرکي ٿوته ، ان کي تعظيم وارو ڪري ٿو . پوءِ چئي ٿو ته الله مون کي تعظيم ڏني آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
۽ پر جڏهن الله ان کي پرکي ٿو ۽ ان تي ان جو رزق تنگ ڪري ٿو ته ، چئي ٿو ته الله مون کي خوار ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
بلڪه يتيمن کي عزت نه ٿا ڏيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
۽ فقيرن کي کارائڻ جو سعيو نه ٿاڪريو . جنهن سبب جي ڪري عزت حاصل ٿيوَ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ ظلم ڪري ميراث جو مال کائو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ دنيا جي مال سان گھڻي محبت رکو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي