088 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 26 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
هَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْغَاشِـيَةِ 1ۭ
ڇا تو وٽ قيامت جي خبر آئي؟ جيڪا خلق کي هيبت سان ڍڪيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ خَاشِعَةٌ 2ۙ
ان ڏينهن ڪافرن جا منهن خوار ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ 3ۙ
زنجيرن جا بار کڻندڙ ڏک کڻندڙ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَصْلٰى نَارًا حَامِيَةً 4ۙ
تتل دوزخ کي رسندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتُسْقٰى مِنْ عَيْنٍ اٰنِيَةٍ 5ۭ
ٽهڪندڙ چشمن مان پيئندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ اِلَّا مِنْ ضَرِيْعٍ 6ۙ
انهن جو کاڌو ضريع وڻ مان هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِيْ مِنْ جُوْعٍ 7ۭ
نه ٿلهو ڪري ۽ نه بک لاهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ نَّاعِمَةٌ 8ۙ
ان ڏينهن مومنن جا منهن تازا هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ 9ۙ
سندن عملن جا ثواب ملڻ جي ڪري راضي ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْ جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ۙ10
مٿاهين جنت ۾ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَّا تَسْمَعُ فِيْهَا لَاغِيَةً ۭ11
اتي ڪو بي فائدو ڪلام نه ٻڌندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ ۘ12
ان ۾ چشما جاري هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْهَا سُرُرٌ مَّرْفُوْعَةٌ ۙ13
ان ۾ موتين جا مٿاهان تخت هوندا . آسمان جي مثل .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَكْوَابٌ مَّوْضُوْعَةٌ ۙ14
۽ حوضن جي ڪنڌين جي مٿان ڪَرا رکيل هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّنَمَارِقُ مَصْفُوْفَةٌ ۙ15
۽ صفون ڪيل وهاڻا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّزَرَابِيُّ مَبْثُوْثَةٌ ۭ16
۽ غاليچا وڇايل هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَلَا يَنْظُرُوْنَ اِلَى الْاِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ ۪17
ڇا اُٺن کي نه ٿا ڏسن ته ، ڪيئن خلقيا ويا آهن ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِلَى السَّمَاۗءِ كَيْفَ رُفِعَتْ ۪18
۽ آسمان جي طرف ته ، الله ڪيئن انهن کي قدرت سان مٿي ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِلَى الْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ ۪19
۽ جبلن ڏانهن ته، ڪيئن محڪم ڪيل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِلَى الْاَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ ۪20
۽ زمين جي طرف ته ، ڪيئن پکيڙي وئي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي