087 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَى 1ۙ
رب جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر . جيڪو تمام مٿاهون آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى ۽ 2
جنهن خلقيو . پوءِ عضوا برابر ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْ قَدَّرَ فَهَدٰى ۽ 3
جنهن خير ۽ شر جي تقدير ڪئي . پوءِ هدايت ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْٓ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى ۽ 4
۽ جنهن گاھ کي اپايو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَجَعَلَهٗ غُثَاۗءً اَحْوٰى 5ۭ
۽ ان کي سڪل ۽ ڇڻيل ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰٓى 6ۙ
سگهو تو کي قرآن پڙهائينداسين . پوءِ نه وسارجو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا مَا شَاۗءَ اللّٰهُ ۭ اِنَّهٗ يَعْلَمُ الْجَـهْرَ وَمَا يَخْفٰى 7ۭ
مگر جيڪي آيتون الله گھرندو . اهو پڌري ۽ ڳجهي کي ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرٰى ښ 8
۽ تو کي سولي شريعت ڏينداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى 9ۭ
پوءِ نصيحت ڪر . جيڪڏهن تنهنجي نصيحت فائدو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَيَذَّكَّرُ مَنْ يَّخْشٰى ۙ10
سگهو اهو شخص قبول ڪندو ، جيڪو ڊڄندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَتَجَنَّبُهَا الْاَشْقَى ۙ11
۽ بد بخت ابوجهل نصيحت کان پري ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرٰى ۚ12
جيڪو وڏي باھ کي رسندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْهَا وَلَا يَحْيٰي ۭ13
پوءِ باھ ۾، نه مرندو ۽ نه جيئندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى ۙ14
تحقيق ڇوٽڪارو ان کي ملندو ، جنهن پنهنجو نفس پاڪ ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰى ۭ15
۽ الله جو اسم پاڪ ياد ڪيائين ۽ بنا غفلت جي نماز پڙهيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا ڮ 16
بلڪه دنيا جي حب ٿا رکو ۽ دنيا جي گھڻي يادگيري ٿا ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْاٰخِرَةُ خَيْرٌ وَّاَبْقٰى ۭ17
۽ آخرت ڀلي آهي ۽ هميشه باقي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ هٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْاُوْلٰى ۙ18
پوءِ ان کي ياد ڪر . تحقيق اهو امر اڳين سڀني ڪتابن ۾ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويصُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى ۧ19
ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتابن ۾ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي