086 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 17 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالسَّمَاۗءِ وَالطَّارِقِ 1ۙ
قسم آهي آسمان جو ۽ تاري جو ، جيڪو رات جو اڀري ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُ 2ۙ
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، تاري مان ڇا مراد آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالنَّجْمُ الثَّاقِبُ 3ۙ
اهو تارو ان ڳالھ تي روشن آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِـظٌ 4ۭ
ته البته ملائڪ هر ماڻهوءَ تي نگهبان آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلْيَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَ 5ۭ
پوءِ ڀلي ته انسان پنهنجي اصل ڏانهن ڏسي ته ، الله ان کي ڪهڙي شيءِ مان خلقيو آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخُلِقَ مِنْ مَّاۗءٍ دَافِقٍ 6ۙ
ان کي الله منيءَ جي ڦڙي مان خلقيو آهي . جيڪو ٽُپ ڏئي نڪري ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّخْرُجُ مِنْۢ بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَاۗىِٕبِ 7ۭ
مرد جي عضوي کان رِحم ڏانهن . جيڪو مرد جي پٺي ۽ عورت جي سيني جي وچان نڪري ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ عَلٰي رَجْعِهٖ لَقَادِرٌ 8ۭ
تحقيق اهو الله ان جي مارڻ ۽ جيارڻ تي پڻ قادر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ تُبْلَى السَّرَاۗىِٕرُ 9ۙ
جنهن ڏينهن اندر جا ڳجھ ظاهر ڪبا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَا لَهٗ مِنْ قُوَّةٍ وَّلَا نَاصِرٍ ۭ10
پوءِ ڪافرن کي ڀڄڻ جي ڪا طاقت نه هوندي ۽ نه ئي ڪو ڇڏائيندڙ هوندن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ۙ11
قسم آهي آسمان جو ، جيڪو مِينهن جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْاَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ ۙ12
۽ قسم آهي زمين جو ، جيڪا اپائڻ جي وقت ڦاٽڻ جي صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ۙ13
ته هي قرآن نبيرو ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّمَا هُوَ بِالْهَزْلِ ۭ14
۽ هي قرآن ڪوڙ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا ۙ15
تحقيق ڪافر نبيءَ جي عداوت ۾ گھڻا مڪر ۽ مصلحتون ٿا ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَكِيْدُ كَيْدًا ښ 16
۽ انهن کي ڏاڍن مڪرن سان پڪڙ ڪندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا ۧ17
پوءِ ڪافرن کي ڇڏ ۽ انهن کي ٿوري مهلت ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي