085 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْبُرُوْجِ 1ۙ
قسم آهي آسمان جو جيڪو ٻارهن برجن جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْيَوْمِ الْمَوْعُوْدِ 2ۙ
وعدي ڪيل قيامت جي ڏينهن جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَشَاهِدٍ وَّمَشْهُوْدٍ 3ۭ
جمعي ۽ عرفات جي ڏينهن جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُتِلَ اَصْـحٰبُ الْاُخْدُوْدِ 4ۙ
شال! ڪافر هلاڪ ٿين . جيڪي باھ جي کاهين جا مالڪ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالنَّارِ ذَاتِ الْوَقُوْدِ 5ۙ
جيڪو ٻرڻ جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُوْدٌ 6ۙ
اهي باھ تي ويهندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّهُمْ عَلٰي مَا يَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِيْنَ شُهُوْدٌ 7ۭ
۽ انهن مسلمانن تي جيڪو عذاب ٿي ڪيو . ان کي ڏٺو پئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 8ۙ
انهن مومنن سان ڪافرن صرف ان سبب جي ڪري بغض ٿي رکيو ، جو انهن غالب ۽ ساراهيل الله تي ايمان آندو هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 9ۭ
جنهن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهي آهي ۽ الله هر شيءِ جو واقف آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ ۭ10
جن ڪافرن مومن مَردن ۽ مومن عورتن تي عذاب ڪيا ۽ توبه ڪونه ڪيائون ته ، انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ سڙڻ جو عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۀ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيْرُ ۭ11
تحقيق جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون . انهن لاءِ بهشت آهن . جن جي هيٺان نهرون جاري هونديون . اها وڏي نعمت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيْدٌ ۭ12
تحقيق الله جي ڪافرن تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيْدُ ۚ13
تحقيق الله پيدا ڪري ٿو ۽ فنا ڪري ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ ۙ14
اهو بخشيندڙ ۽ دوستي رکائيندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذُو الْعَرْشِ الْمَجِيْدُ ۙ15
سڳوري عرش جو صاحب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ ۭ16
جيڪو گهري سو ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْجُــنُوْدِ ۙ17
ڇا تو وٽ لشڪر جي خبر پهتي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِرْعَوْنَ وَثَـمُــوْدَ ۭ18
فرعون ۽ ثمود جي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ تَكْذِيْبٍ ۙ19
بلڪه ڪافر هميشه نه مڃڻ ڏانهن هوندا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاللّٰهُ مِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ مُّحِيْــطٌ ۚ20
۽ الله جو عذاب انهن جي پٺيان گھيرو ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي