084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
جنهن ڏينهن آسمان ڦاٽندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ آسمان الله جو چيو مڃيندا ۽ الله جو چيو مڃڻ حق آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جنهن ڏينهن زمين ڇڪي ويندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
۽ اهي مئا اڇلائيندي ، جيڪي ان ۾ هوندا ۽ خالي ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
الله جو چيو مڃيندي ۽ ان جو چيو ڪرڻ حق آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
اي انسان! جيستائين رب سان گڏجين ، صالح عملن جو سعيو ڪر . پوءِ معبود سان گڏبين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
پوءِ جنهن کي ساڄي هٿ ۾ ڪتاب ڏنو ويندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
پوءِ ان جو حساب ڪبو . سولو حساب .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
۽ بهشت ڏانهن موٽندو ته ، سرهو هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
۽ جنهن کي پٺيءَ جي پٺيان ڪتاب ڏنو ويندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
ته هلاڪي کي سڏ ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
۽ دوزخ ۾ رسندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
تحقيق اهو دنيا ۾ هٺ ڪندڙ هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
۽ ان نه ٿي ڀانئيو ته ، رب ڏانهن موٽندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
موٽڻو آهي ۽ تحقيق الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
پوءِ قسم آهي سنجھي جو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ رات جو جڏهن اها اونداهي ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
۽ چنڊ جو جڏهن اهو روشن ٿئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
۽ دنيا جي عمر ۾ گھڻن طبقن تي چڙهيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
پوءِ ڇو نه ٿا ايمان آڻيو ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي