083 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 36 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَيْلٌ لِّـلْمُطَفِّفِيْنَ 1ۙ
توريندڙن لاءِ هلاڪي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ اِذَا اكْتَالُوْا عَلَي النَّاسِ يَسْتَوْفُوْنَ ڮ 2
جيڪي جڏهن ماڻهن کان وٺن ته ، گھڻو وٺن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا كَالُوْهُمْ اَوْ وَّزَنُوْهُمْ يُخْسِرُوْنَ 3ۭ
۽ جڏهن ماڻهن کي ماپي يا توري ڏين ته ، گھٽ ڏين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَا يَظُنُّ اُولٰۗىِٕكَ اَنَّهُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ 4ۙ
ڇا اهي توريندڙ يقين نه ٿا ڪن ته ، اسين الله جي آڏو اٿنداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِيَوْمٍ عَظِيْمٍ 5ۙ
وڏي ڏينهن تي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّوْمَ يَقُوْمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 6ۭ
جنهن ڏينهن ماڻهو ٻنهي جهانن جي مالڪ جي اڳيان بيهندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّآ اِنَّ كِتٰبَ الْفُجَّارِ لَفِيْ سِجِّيْنٍ 7ۭ
حق آهي ته ، ڪافرن جا عمل ڪافرن ۽ شيطانن جي دفتر ۾ لکيل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا سِجِّيْنٌ 8ۭ
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، سجين ڪهڙي جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكِتٰبٌ مَّرْقُوْمٌ 9ۭ
دفتر آهي ، جنهن ۾ شيطانن جا عمل لکيل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ10
ان ڏينهن ڪافرن لاءِ هلاڪي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يُكَذِّبُوْنَ بِيَوْمِ الدِّيْنِ ۭ11
جيڪي قيامت جي ڏينهن کي نه ٿا مڃن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يُكَذِّبُ بِهٖٓ اِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
۽ قيامت جي ڏينهن کي هر ڪو ڦريل بدڪار نه مڃي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰـتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ ۭ13
جڏهن ان وٽ اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته، چئي ٿو ته اهي اڳين جون آکاڻيون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا بَلْ ۫ رَانَ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ مَّا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 14
حق آهي ته ، جيڪي عمل ڪن ٿا ، تن جي ڪٽ انهن جي دلين تي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّآ اِنَّهُمْ عَنْ رَّبِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّمَحْجُوْبُوْنَ ۭ15
تحقيق ڪافر ان ڏينهن تي ڌڻيءَ کي ڏسڻ کان جھليل هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ اِنَّهُمْ لَصَالُوا الْـجَــحِيْمِ ۭ16
پوءِ تحقيق اهي دوزخ ۾ رسندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ يُقَالُ هٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ ۭ17
پوءِ انهن کي چيو ويندو ته ، هيءَ اها دوزخ آهي ، جنهن کي اوهان نه ٿي مڃيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّآ اِنَّ كِتٰبَ الْاَبْرَارِ لَفِيْ عِلِّيِّيْنَ ۭ18
حق آهي ته ، نيڪو ڪارن جا عمل مٿاهين دفتر ۾ لکيل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا عِلِّيُّوْنَ ۭ19
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، عِلِّيِين ڪهڙي جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكِتٰبٌ مَّرْقُوْمٌ ۙ20
ڪتاب آهي ، جنهن ۾ مومنن ۽ مقرب ملائڪن جا عمل لکيل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي