082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جنهن ڏينهن ۾ آسمان ڦاٽندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
۽ جنهن ڏينهن ۾ تارا ڇڻندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جنهن ڏينهن درياءَ وهايا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جنهن ڏينهن قبرون کلنديون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
هر ڪو ڄاڻندو ته ، پنهنجي لاءِ ڪهڙا عمل ڪيم؟ ۽ ڪهڙا عمل ڇڏيم يا ڪونه ڪيم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي ڪافرو! ڪهڙي سبب جي ڪري پنهنجي معبود سان مغروري ڪيَوَ ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنهن توکي خلقيو ۽ تون ڪجھ به نه هئين . پوءِ تنهن جا سڀ انگ برابر ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
پوءِ توکي ان صورت ۾ ڪيائين ، جنهن صورت ۾ گھريائين ۽ جوڙيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
پوءِ تو کي ڪهڙي مغروري آهي ، جو قيامت کي نه ٿو مڃي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
تحقيق اوهان جي مٿان ڪلهن تي ملائڪ اوهان جي عملن جا نگهبان آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
سڳورا لکندڙ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
اهي ڄاڻن ٿا جيڪي ڪريو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
تحقيق نيڪو ڪار نعمتن ۾ هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بدڪار دوزخ ۾ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
قيامت جي ڏينهن رَسندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ اهي دوزخ مان نڪري نه سگهندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ ڪنهن تو کي ڄاڻايو ته ، قيامت جي ڏينهن جي ڪهڙي هيبت آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
پوءِ ڪنهن تو کي ڄاڻايو ته ، قيامت جي ڏينهن جي ڪهڙي هيبت آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
ان ڏينهن ڪوبه ڪنهن کي ذرو به فائدو نه ڪري سگهندو ۽ ان ڏينهن رڳو الله جو وسيلو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي