081 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ ۽ 1
جنهن ڏينهن سج گرهبو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ ۽ 2
۽ جنهن ڏينهن تارا زمين تي ڇڻندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ 3
۽ جنهن ڏينهن جبل واري ڪيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ ۽ 4
۽ جنهن ڏينهن ڏھ ماهيون ڏاچيون بنا ڌنارن جي رلنديون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ ۽ 5
۽ جنهن ڏينهن حيوان حساب لاءِ گڏ ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ ۽ 6
۽ جنهن ڏينهن درياءَ ٻرندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ ۽ 7
۽ جنهن ڏينهن ساھ جسمن سان گڏجندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ ۽ 8
۽ جنهن ڏينهن جيئري پوريل ٻارن جي پڇا ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ 9ۚ
ته ڪهڙي گناھ جي سبب قتل ڪيا ويا؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ ۽ 10
۽ جنهن ڏينهن هر ڪنهن جي عملن جا ڪتاب اڏامندا اچي ڳچين ۾ پوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا السَّمَاۗءُ كُشِطَتْ ۽ 11
۽ جنهن ڏينهن آسمان پنهنجي اصلي جاءِ تان اکيڙيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْجَــحِيْمُ سُعِّرَتْ ۽ 12
۽ جنهن ڏينهن دوزخ ٻاريو ويندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا الْـجَنَّةُ اُزْلِفَتْ ۽ 13
۽ جنهن ڏينهن بهشت مومنن لاءِ ويجها ڪيا ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ اَحْضَرَتْ ۭ14
سڀ ڪوڄاڻندو ته ، ڪهڙا ڪم حاضر ڪيم .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَآ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ ۙ15
پوءِ قسم آهي ، تارن جو جيڪي اڌ پنڌ تان موٽي اچن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالْجَوَارِ الْكُنَّسِ ۙ16
۽ پٺ ڏانهن هلن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّيْلِ اِذَا عَسْعَسَ ۙ17
۽ قسم آهي رات جو جڏهن اونداهي ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالصُّبْحِ اِذَا تَنَفَّسَ ۙ18
۽ قسم آهي صبح جو جڏهن ڏينهن روشن ٿئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِيْمٍ ۙ19
هن ڳالھ تي ته ، هي قرآن سڳوري ملائڪ جبرئيل جو ڪلام آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذِيْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِي الْعَرْشِ مَكِيْنٍ ۙ20
جيڪو قوت جو صاحب ۽ الله وٽ وڏي عزت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي