080 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 42 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
عَبَسَ وَتَوَلّىٰٓ 1ۙ
نبي ڪريم پٺ ڏني ۽ منهن ڦيرايائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنْ جَاۗءَهُ الْاَعْـمٰى 2ۭ
جڏهن وٽس انڌو صحابي آيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّهٗ يَزَّكّىٰٓ 3ۙ
۽ تو کي ڪير ٻُڌائي ته ڪافر پاڪ ٿيندو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنْفَعَهُ الذِّكْرٰى 4ۭ
۽ تنهنجي نصيحت قبول ڪندو . پوءِ ان کي تنهنجي نصيحت نفعو ڪندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰى 5ۙ
پوءِ اهو ڪافر جيڪو مالدار آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَنْتَ لَهٗ تَصَدّٰى 6ۭ
پوءِ تون ان کي سامهون ٿو ٿئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا عَلَيْكَ اَلَّا يَزَّكّٰى 7ۭ
۽ جيڪڏهن ڪافر پاڪ نه ٿيو ته ، تو تي بار ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا مَنْ جَاۗءَكَ يَسْعٰى 8
۽ جيڪو صحابي تو وٽ ڊوڙندو ٿي آيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهُوَ يَخْشٰى 9ۙ
۽ ڊنو ٿي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَنْتَ عَنْهُ تَلَهّٰى ۚ10
پوءِ تون ان کان منهن ٿو ڦيرائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّآ اِنَّهَا تَذْكِرَةٌ ۚ11
حق آهي . تحقيق ان سورت ۾ نصيحت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَـمَنْ شَاۗءَ ذَكَرَهٗ ۘ12
پوءِ جنهن کي وڻي ، سو قبول ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْ صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ ۙ13
هيءَ سورت سڳوري انهن سورتن مان آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَّرْفُوْعَةٍ مُّطَهَّرَةٍۢ ۙ14
جيڪي مٿاهيون پاڪ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبِاَيْدِيْ سَفَرَةٍ ۙ15
جيڪي لوح محفوظ لکندڙ ملائڪن جي هٿن ۾ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكِرَامٍۢ بَرَرَةٍ ۭ16
جيڪي عزت وارا ۽ نيڪوڪار آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُتِلَ الْاِنْسَانُ مَآ اَكْفَرَهٗ ۭ17
شال! ماڻهو قتل ٿئي . ڪيترو زور آهي ؟ جيڪو الله جون نعمتون وساري ڪفر ڪري ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمِنْ اَيِّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ ۭ18
ته الله ان کي ڪهڙي شيءِ مان خلقيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمِنْ نُّطْفَةٍ ۭ خَلَقَهٗ فَقَدَّرَهٗ ۙ19
منيءَ جي برابر ڦڙي مان خلقيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ السَّبِيْلَ يَسَّرَهٗ ۙ20
پوءِ ان لاءِ واٽ ڪشادي ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي