008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
تو کان غنيمت جو پڇن ٿا . چئو ته غنيمت الله ۽ رسول جي ملڪيت آهي. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ پنهنجي وچ ۾ صلح ڪريو . الله ۽ رسول جو چيو ڪريو . جيڪڏهن اوهان مومن آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
اهي ئي مومن آهن ، جڏهن انهن جي سامهون الله جو ذڪر ٿئي ٿو ته، انهن جون دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن انهن تي الله جون آيتون پڙهيون وڃن ته انهن جو ايمان ۽ يقين ۽ قلب جو آرام وڌيڪ ٿئي ۽ رب تي توڪل ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
۽ جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ الله جي ڏنل رزق مان خرچ ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
اهي ئي ڪامل سچا مومن آهن. انهن جا رب وٽ درجا آهن . بخشش ۽ رزق حلال آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
۽ جڏهن تنهنجي رب ، سچي وحيءَ سان بدر جي ڏينهن توکي تنهنجي گھران ٻاهر آندو ۽ تحقيق ڪي مومن ٻاهر نڪرڻ تي ناخوش هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
الله جوظاهر حڪم اچڻ کان پوءِ به تو سان جھيڙو ٿي ڪيائون . ڄڻ ته انهن کي موت ڏانهن ڪاهيو ٿي ويو ۽ اهي مون ڏانهن نهارين پيا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ جڏهن الله تو سان وعدو ڪيو هو ته ، ٻنهي جماعتن مان هڪ فتح واري ٿيندي ۽ اها فتح اوهان جي لاءِ هوندي ۽ سَڌ ٿا ڪريو ته جيڪا جماعت جنگ ۾ نه هئي ، سا فتح واري ٿئي. قافلي ۾ چاليھ سوار هئا ۽ گھڻو لشڪر ۽ هٿيار نه هئا .الله حق کي معجزن سان ظاهر ڪرڻ جو ارادو ٿو ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ وڍي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
ته جيئن حق غالب ٿئي ۽ ڪفر باطل ٿئي . جيتوڻيڪ ڪافر ناخوش هجن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
۽ ياد ڪريو، جڏهن پنهنجي رب کان فرياد ٿي ڪَيَوَ. پوءِ رب اوهان جي دعا قبول ڪئي ته آئون اوهان جي هزار ملائڪن سان جنگ ۾ مدد ڪندس . جيڪي هڪ ٻئي پٺيان ايندا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ ملائڪن کي الله نه سمجھو پر توهان لاءِ بشارت آهي . جيئن توهان جا قلب آرام وارا ٿين ۽ فتح ته صرف الله جي طرفان ئي آهي . تحقيق الله غالب ۽ دانا آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
ياد ڪريو جڏهن الله وٽان اوهان کي قلب جي سڪون لاءِ اونگھ سان ڍڪيم ۽ اوهان تي آسمان کان مينهن نازل ڪيائين ته جيئن اوهان کي مينهن سان غسل کان ۽ شيطان جي وسوسن کان پاڪ ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ بدر جي واريءَ ۾ اوهان جا قدم ان مينهن سان ثابت ڪري.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي وحي موڪليو ته آئون اوهان سان گڏ آهيان . توهان مومنن کي ٽابت قدم رکجو . سگھو ئي ڪافرن جي دلين ۾ ڊپ وجھندس . پوءِ هڻي ڪافرن جا ڪنڌ لاهيو ۽ هڻي ٻانهون ۽ پير لاهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
انهيءَ سبب جي ڪري اهي الله ۽ رسول سان دشمني رکن ٿا ۽ جيڪو الله ۽ رسول سان دشمني رکندو ته تحقيق الله وڏي عقوبت وارو آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
اي ڪافرو ! هي قتل ٿيڻ جو عذاب چکو . تحقيق ڪافرن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
اي مومنو ! جڏهن ڪافرن سان گڏجو ته صف ۾ برابر ٿيو ۽ پٺي ڏيئي نه ڀڄو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ ان ڏينهن ڪو به پٺي ڏئي نه ڀڄي مگر جنگ جي حڪمت مطابق ارادي طور ڀڄي ته لشڪر سان گڏجي ۽ گڏجندو . پوءِ جيڪو ان نيت کان سواءِ ڀڄندو، اهو الله جي ڏمر ۾ آهي. ان جي جاءِ جهنم آهي ۽ اها بري جاءِ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
پوءِ انهن کي اوهان قتل نه ڪيو آهي مگر الله انهن کي قتل ڪيو آهي ۽ جيڪا تو مُٺ ڀر مٽي ڪافرن جي اکين ۾ اڇلي اها تو نه پر الله پهچائي ته مومنن کي پاڻ وٽان ڀلو اجر ڏئي . تحقيق الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
۽ هيءَ نصرت انهيءَ ڪري به هئي ته تحقيق الله ڪافرن جي مڪرن کي خوار ڪندڙ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
۽ جيڪڏهن ڪعبي وٽ نبيرو ڪرڻ گھرو ٿا ته ، پوءِ تحقيق اوهان جو نبيرو ٿي چڪو آهي ۽ پوءِ پاڻ کي ڪفر کان جھليندؤ ته اوهان جي لاءِ ڀلو آهي ۽ جي وري ڪفر ڏانهن موٽندؤ ته اسان وري سزا ڏينداسون ۽ اوهان جو لشڪر اوهان جي ڪفايت نه ڪندو . کڻي ڪيترو به گھڻو ڇو نه هجي ۽ تحقيق الله مومنن سان گڏ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
اي مومنو! الله ۽ رسول جو چيو ڪريو ۽ انهن جي بي فرماني نه ڪريو ۽ توهان الله جو امر ٻڌو ٿا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي