079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
قسم آهي ، ملا.ئڪن جو ، جيڪي ڪافرن جا روح ڇڪي ڪڍن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
۽ مومنن جا روح آسانيءَ سان ڪڍن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
۽ انهن ملائڪن جو جيڪي آسمان کان نازل ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءَ مُئن جو روح جلدي سان اڳتي جنت ڏانهن ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
۽ جيڪي ملائڪ رزق ۽ فرمان جون تدبيرون ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
قيامت جي ڏينهن پهرين ڦوڪ ماڻهن کي ڌُٻائيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
ان سان گڏ ئي چاليھ سالن کان پوءِ ٻي ڦوڪ ٿيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ان ڏينهن ڪافرن جا قلب پريشان ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
انهن جون اکيون خوار ٿينديون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
جيڪي دنيا ۾ چوندا هئا ته ، اسان قبرن مان ڪيئن اٿنداسين ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
اها ڳالھ ڪيئن ٿيندي؟ جڏهن اسان سڙيل هڏا هونداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
چوندا هئا ته ، جيڪڏهن ان وقت ۾ اسان جو موٽڻ سچ ٿيندو ته ، ڏاڍي خساري ۾ هونداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ ٻي ڦوڪ ته رڳو هڪڙي هڪل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
پوءِ اهي ماڻهو کليل ميدان ۾ هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
ڇا تو وٽ موسيٰ جي ڳالھ پهتي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جڏهن الله انهن کي پاڪ وادي جنهن جو نالو طُويٰ آهي ، ۾ سڏ ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته ، فرعون ڏانهن وڃ . تحقيق اهو ڦريل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
پوءِ ان کي چؤ ته ، ڪفر کان پاڪائي جي طرف اچ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ تو کي الله جي واٽ ڏيکاريان . من تون ڊڄين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ ان کي لٺ جو وڏو معجزو ڏيکاريائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي